Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 18:4 - Common Language New Testament

4 عيسيٰ کي سڀ خبر ھئي تہ ساڻس ڇا ٿيڻو آھي، سو ھو ڪجھہ قدم اڳتي وڌي کانئن پڇڻ لڳو تہ ”اوھين ڪنھن کي ڳولي رھيا آھيو؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 هاڻي يسوع کي سڀ خبر هئي تہ مون سان ڇا ٿيڻو آهي، تنهنڪري نڪري آيو، ۽ چيائين تہ ڪنهن کي ٿا ڳوليو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

4 يسوع پوريءَ طرح ڄاتو پئي تہ ساڻس ڇا ٿيڻو آهي، سو هو ڪجھہ قدم اڳتي وڌي کانئن پڇڻ لڳو تہ ”اوهين ڪنهن کي ڳولي رهيا آهيو؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 عيسيٰ پوريءَ طرح ڄاتو پئي تہ ساڻس ڇا ٿيڻو آهي، سو هو ڪجھہ قدم اڳتي وڌي کانئن پڇڻ لڳو تہ ”اوهين ڪنهن کي ڳولي رهيا آهيو؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 18:4
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انھيءَ وقت کان پوءِ عيسيٰ پنھنجن شاگردن کي کليو کلايو چئي ڇڏيو تہ ”آءٌ يروشلم ضرور ويندس ۽ اتي بزرگن، سردار ڪاھنن ۽ شريعت جي عالمن جون گھڻيون سختيون سھندس. مون کي ماريو ويندو ۽ ٽئين ڏينھن تي وري جيئرو ٿي اٿندس.“


”اوھان کي خبر آھي تہ ٻن ڏينھن کان پوءِ عيد فصح ايندي ۽ ابن⁠آدم ماڻھن جي حوالي ڪيو ويندو، جيڪي کيس صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻندا.“


ماني کائيندي عيسيٰ چيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اوھان مان ھڪڙو مون کي پڪڙائيندو.“


پوءِ عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اڄ رات اوھين سڀيئي مون کي ڇڏي ڀڄي ويندا، ڇاڪاڻ⁠تہ لکيل آھي تہ ’خدا ريڍار کي ماريندو ۽ رڍون ٽڙي پکڙجي وينديون.‘


پوءِ عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اھي ئي ڳالھيون ھيون جيڪي مون اوھان کي ٻڌايون ھيون، جڏھن اڃا اوھان سان ھوس، تہ منھنجي بابت جيڪوبہ موسيٰ جي توريت، نبين جي لکتن ۽ زبور ۾ لکيل آھي، سو سڀ ضرور پورو ٿيندو.“


ھاڻ جڏھن تہ عيسيٰ کي اھا خبر ھئي تہ ’منھنجي اھا گھڙي اچي ويئي آھي جو آءٌ ھيءَ دنيا ڇڏي پيءُ ڏانھن وڃان،‘ تنھن ھوندي بہ جيڪي ھن دنيا ۾ پنھنجا ھيس تن کي آخري گھڙيءَ تائين پيار ڪندو آيو. عيد فصح کان ھڪ ڏينھن اڳ ۾


ان جو سبب اھو ھو جو عيسيٰ کي اڳي ئي خبر ھئي تہ ڪير ساڻس دغا ڪندو، تنھنڪري ھن چيو تہ ”اوھين سڀيئي پاڪ نہ آھيو.“


انھن وراڻيس تہ ”عيسيٰ ناصريءَ کي.“ تنھن تي ھن چين تہ ”اھو تہ آءٌ آھيان.“ يھوداہ دغاباز انھن سان گڏ بيٺو ھو.


عيسيٰ کانئن وري پڇيو تہ ”ڪنھن کي ڳولي رھيا آھيو؟“ انھن چيو تہ ”عيسيٰ ناصريءَ کي.“


پوءِ جڏھن عيسيٰ ڄاتو تہ ھاڻي ھر ڳالھہ پوري ٿي چڪي آھي، تڏھن پاڪ لکت کي پوري ڪرڻ لاءِ ھن چيو تہ ”مون کي اڃ لڳي آھي.“


تڏھن بہ اوھان مان ڪيترا ئي ايمان نہ ٿا آڻين.“ جيئن تہ عيسيٰ شروعات کان ئي ڄاتو ٿي تہ ڪھڙا ڪھڙا ايمان نہ آڻيندا ۽ ڪير ساڻس دغا ڪندو.


تو مون کي زندگيءَ جون واٽون ڏيکاريون، ۽ تون مون کي پنھنجو ديدار ڪرائي خوشيءَ سان ٽمٽار ڪندين.‘


تنھنڪري، جڏھن تہ مسيح جسماني طور ڏک سٺو، تڏھن اوھين بہ ساڳي طبيعت اختيار ڪري تيار ٿيو، ڇالاءِ⁠جو جنھن جسماني طور ڏک سٺو آھي تنھن گناھہ کان بس ڪئي آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ