Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 18:36 - Common Language New Testament

36 عيسيٰ وراڻيو تہ ”منھنجي بادشاھت ھن دنيا جي نہ آھي. جيڪڏھن اھا ھن دنيا جي ھجي ھا تہ جيڪر منھنجا نوڪر وڙھن ھا، انھيءَ لاءِ تہ آءٌ يھودين جي حوالي نہ ڪيو وڃان. پر منھنجي بادشاھت ھن دنيا جي نہ آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

36 يسوع جواب ڏنو، تہ منهنجي بادشاهت هن دنيا جي نہ آهي: جيڪڏهن منهنجي بادشاهت هن دنيا جي هجي ها تہ هوند منهنجا نوڪر وڙهن ها، انهي لاءِ تہ آئون يهودين جي حوالي نہ ڪيو وڃان: پر هاڻي منهنجي بادشاهت هتي جي نہ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

36 يسوع وراڻيو تہ ”منهنجو راڄ هن سنسار جو نہ آهي. جيڪڏهن اهو هن سنسار جو هجي ها تہ جيڪر منهنجا سيواداري منهنجي لاءِ وڙهن ها، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ يهودي اڳواڻن جي حوالي نہ ڪيو وڃان. پر نہ، منهنجو راڄ هن سنسار جو نہ آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

36 عيسيٰ وراڻيو تہ ”منهنجي بادشاهي هن دنيا جي نہ آهي. جيڪڏهن اها هن دنيا جي هجي ها تہ جيڪر منهنجا خدمتگار منهنجي لاءِ وڙهن ها، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ يهودي اڳواڻن جي حوالي نہ ڪيو وڃان. پر نہ، منهنجي بادشاهي هن دنيا جي نہ آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 18:36
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تو کي خبر نہ آھي ڇا تہ آءٌ پنھنجي پيءُ کي عرض ڪري ٿو سگھان تہ ھو ھينئر ئي منھنجي مدد لاءِ ٻارھن لشڪرن کان بہ مٿي ملائڪ موڪلي ڏئي؟


پر عيسيٰ کيس چيو تہ ”مھربان! مون کي اوھان جي ونڊ ورڇ لاءِ ڪنھن امير مقرر ڪيو آھي؟“


پلاطس وراڻيو تہ ”ڇا تون مون کي يھودي ٿو سمجھين؟ تنھنجي قوم وارن ۽ سردار ڪاھنن تو کي منھنجي حوالي ڪيو آھي. تو ڪيو ڇا آھي؟“


پوءِ عيسيٰ ڏٺو تہ ”ھنن جو مطلب آھي تہ زوريءَ جھلي مون کي بادشاھہ بڻائين،“ تنھنڪري ھو اڪيلو ئي وري ٽڪرن ڏانھن نڪري ھليو ويو.


اوھين رڳو انساني طرح فيصلو ڪريو ٿا پر آءٌ ڪنھن جو بہ فيصلو نہ ٿو ڪريان.


ڇالاءِ⁠جو خدا جي بادشاھت کائڻ پيئڻ تي مدار نہ ٿي رکي، بلڪ اھا سچائيءَ، ميل ميلاپ ۽ انھيءَ خوشيءَ تي ٻڌل آھي جيڪا پاڪ روح جي طرفان آھي.


آءٌ انھيءَ خدا کي، جيڪو ھر شيءِ کي زندگي ٿو بخشي ۽ انھيءَ عيسيٰ مسيح کي جنھن پنطيس⁠پلاطس جي اڳيان سچائيءَ جو اقرار ڪري شاھدي ڏني ھئي، حاضر ناظر ڄاڻي تو کي تاڪيد ٿو ڪريان،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ