Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 18:35 - Common Language New Testament

35 پلاطس وراڻيو تہ ”ڇا تون مون کي يھودي ٿو سمجھين؟ تنھنجي قوم وارن ۽ سردار ڪاھنن تو کي منھنجي حوالي ڪيو آھي. تو ڪيو ڇا آھي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

35 پلاطس جواب ڏنو، تہ آئون يهودي آهيان ڇا؟ تنهنجي قوم جي ماڻهن، ۽ سردار ڪاهنن توکي منهنجي حوالي ڪيو آهي: تو ڇا ڪيو آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

35 پلاطس وراڻيو تہ ”ڇو آءٌ يهودي آهيان ڇا؟ تنهنجي پنهنجي قوم وارن ۽ سردار ڪاهنن تو کي منهنجي حوالي ڪيو آهي. ٻڌاءِ تہ تو ڪيو ڇا آهي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

35 پلاطس وراڻيو تہ ”ڇو آءٌ يهودي آهيان ڇا؟ تنهنجي پنهنجي قوم وارن ۽ سردار ڪاهنن تو کي منهنجي حوالي ڪيو آهي. ٻڌاءِ تہ تو ڪيو ڇا آهي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 18:35
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ٻئي ڏينھن صبح جو عيسيٰ کي قائفا جي گھر کان رومي گورنر پلاطس جي محلات ۾ آندو ويو. يھودي اڳواڻ محلات جي اندر نہ ويا، انھيءَ لاءِ تہ اھي پنھنجي شريعت جي رسم موجب پليت نہ ٿين ۽ عيد فصح جي ماني کائڻ جھڙا رھن.


عيسيٰ وراڻيو تہ ”ھي سوال اوھين پاڻ ٿا ڪريو يا ڪنھن ٻئي مون بابت اوھان کي ٻڌايو آھي؟“


عيسيٰ وراڻيو تہ ”منھنجي بادشاھت ھن دنيا جي نہ آھي. جيڪڏھن اھا ھن دنيا جي ھجي ھا تہ جيڪر منھنجا نوڪر وڙھن ھا، انھيءَ لاءِ تہ آءٌ يھودين جي حوالي نہ ڪيو وڃان. پر منھنجي بادشاھت ھن دنيا جي نہ آھي.“


عيسيٰ وراڻيو تہ ”جيڪڏھن تو کي خدا جي طرفان اھو اختيار مليل نہ ھجي ھا تہ تنھنجو ڪو زور مون تي نہ ھلي ھا. سو جنھن ماڻھوءَ مون کي تنھنجي حوالي ڪيو آھي سو وڏو ڏوھدار آھي.“


جڏھن سردار ڪاھنن ۽ پھريدارن عيسيٰ کي ڏٺو تہ اھي واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ ”ھن کي صليب تي چاڙھيو، صليب تي.“ پر پلاطس چين تہ ”اوھين پاڻ وٺي وڃي صليب تي چاڙھيوس. مون کي تہ ھن ۾ ڪوبہ ڏوھہ ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي.“


تون اھو مصري نہ آھين ڇا جيڪو ڪي ڏينھن اڳ بغاوت ڪري چار ھزار ھٿياربند وٺي جھنگ ڏانھن ھليو ويو ھئين؟“


پوءِ مون کي خبر پيئي تہ يھودين پنھنجي شريعت جي ئي ڳالھين ڪري ھن تي تھمت ھنئي آھي. پر ھن تي ڪو اھڙو الزام نہ ھنيو اٿن جو کيس موت يا قيد جي سزا ڏجي.


ابراھيم، اسحاق ۽ يعقوب جي خدا ۽ اسان جي وڏن جي خدا پنھنجي ٻانھي عيسيٰ کي جلال بخشيو، پر اوھان ھن کي پڪڙايو ۽ کيس پلاطس جي درٻار ۾ رد ڪيو، جيتوڻيڪ پلاطس ھن کي ڇڏي ڏيڻ جو ارادو ڪيو ھو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ