Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 18:32 - Common Language New Testament

32 اھو انھيءَ لاءِ ٿيو تہ عيسيٰ جھڙي نموني پنھنجي موت بابت ٻڌايو ھو سو پورو ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

32 سو انهي لاءِ تہ يسوع جو ڪلام ڪيو هو تہ منهنجو موت ڪهڙيءَ طرح ٿيندو، سو پورو ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

32 اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ يسوع جهڙي نموني پنهنجي موت بابت ٻڌايو هو سو پورو ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

32 اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ عيسيٰ جهڙي نموني پنهنجي موت بابت ٻڌايو هو سو پورو ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 18:32
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ اُھي کيس غير قومن جي حوالي ڪندا، جيڪي مٿس چٿرون ڪندا، چھبڪ ھڻندس ۽ صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻندس ۽ ٽئين ڏينھن تي ھو وري جيئرو ٿي اٿندو.“


”اوھان کي خبر آھي تہ ٻن ڏينھن کان پوءِ عيد فصح ايندي ۽ ابن⁠آدم ماڻھن جي حوالي ڪيو ويندو، جيڪي کيس صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻندا.“


عيسيٰ چين تہ ”ھاڻي اسين يروشلم ڏانھن ھلي رھيا آھيون، جتي ابن⁠آدم سردار ڪاھنن ۽ شريعت جي عالمن جي حوالي ڪيو ويندو. اھي مٿس موت جي فتويٰ جاري ڪندا ۽ کيس غير قومن جي حوالي ڪندا.


تنھن تي يھودين کيس سنگسار ڪرڻ لاءِ وري بہ پٿر کنيا.


تنھن تي يھودين وراڻيس تہ ”اسين تو کي ڪنھن چڱي ڪم ڪرڻ ڪري سنگسار نہ ٿا ڪريون پر ڪفر بڪڻ ڪري، ڇالاءِ⁠جو تو انسان ٿي ڪري پاڻ کي خدا سڏايو آھي.“


”آءٌ اوھان سڀني بابت نہ ٿو ڳالھايان. جن کي مون چونڊيو آھي تن کي آءٌ ڄاڻان ٿو. پر پاڪ لکت پوري ٿيڻ گھرجي، جنھن ۾ لکيل آھي تہ ’جيڪو منھنجي ماني کائي ٿو، سو ئي منھنجي خلاف ٿيندو.‘


پلاطس کين چيو تہ ”اوھين پاڻ ھن کي وٺي وڃو ۽ پنھنجي شريعت موجب سندس فيصلو ڪريو.“ يھودي اڳواڻن وراڻيو تہ ”اسان کي اختياري مليل نہ آھي تہ ڪنھن ماڻھوءَ کي موت جي سزا ڏيون.“


ھن چوڻ مان عيسيٰ جو مطلب اھو ھو تہ پطرس ڪھڙيءَ طرح دنيا مان لاڏاڻو ڪري خدا جو جلوو ظاھر ڪندو. پوءِ عيسيٰ چيس تہ ”منھنجي پٺيان اچ.“


جيئن موسيٰ رڻ⁠پٽ ۾ نانگ کي مٿي چاڙھيو، تيئن ابن⁠آدم بہ ضرور مٿي چاڙھيو ويندو،


سو عيسيٰ کين چيو تہ ”جڏھن اوھين ابن⁠آدم کي مٿي چاڙھيندا، تڏھن اوھان کي خبر پوندي تہ آءٌ اھو ئي آھيان. آءٌ پنھنجي طرفان ڪجھہ بہ نہ ٿو ڪريان، پر اھو ئي ڪجھہ چوان ٿو جيڪي پيءُ مون کي سيکاريو آھي.


پوءِ جيئن انھن استيفنس تي پٿر پئي وسايا تہ ھن خداوند کي سڏي چيو تہ ”اي خداوند عيسيٰ! منھنجو روح قبول ڪر.“


مسيح اسان کي خريد ڪري شريعت جي لعنت کان ڇڏايو ۽ پاڻ اسان جي بدران لعنتي بڻيو. ڇالاءِ⁠جو لکيل آھي تہ ”جيڪو بہ وڻ تي لٽڪايو وڃي ٿو، سو لعنتي آھي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ