Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 18:3 - Common Language New Testament

3 سو يھوداہ پاڻ سان گڏ رومي سپاھين جي پلٽڻ ۽ ڪجھہ ھيڪل جا پھريدار جيڪي سردار ڪاھنن ۽ فريسين موڪليا ھئا، سي وٺي انھيءَ باغ ۾ آيو. انھن وٽ ھٿيار ھئا ۽ کين ھٿن ۾ مشعلون ۽ شمعدان ھئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 پوءِ يهوداهہ پلٽڻ جي سپاهين جي ٽولي هٿ ڪري، ۽ سردار ڪاهنن ۽ فريسين کان حوالدار وٺي، شمعدانن ۽ مشعلن ۽ هٿيارن پنوهارن سان اُتي آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

3 سو يهوداہ پاڻ سان گڏ رومي سپاهين جو ٽولو ۽ ڪجھہ هيڪل جا پهريدار جيڪي سردار ڪاهنن ۽ فريسين موڪليا هئا، سي وٺي انهيءَ باغ ۾ داخل ٿيو. انهن وٽ هٿيار هئا ۽ کين هٿن ۾ مشعلون ۽ شمعدان هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 سو يهوداہ پاڻ سان گڏ رومي سپاهين جو ٽولو ۽ ڪجھہ هيڪل جا پهريدار جيڪي سردار ڪاهنن ۽ فريسين موڪليا هئا، سي وٺي انهيءَ باغ ۾ داخل ٿيو. انهن وٽ هٿيار هئا ۽ کين هٿن ۾ مشعلون ۽ شمعدان هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 18:3
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”انھيءَ ڏينھن آسمان واري بادشاھت ڏھن ڪنوارين ڇوڪرين وانگر ھوندي، جيڪي پنھنجون ڏياٽيون کڻي گھوٽ کي وٺڻ لاءِ ٻاھر ويون.


عيسيٰ ۽ سندس شاگرد رات جي ماني کائي رھيا ھئا. انھيءَ وقت کان اڳ ئي شمعون جي پٽ يھوداہ اسڪريوتيءَ جي دل ۾ شيطان اھا ڳالھہ وجھي ڇڏي ھئي تہ ھو عيسيٰ سان دغا ڪري.


سپاھين جي پلٽڻ، سندن عملدار ۽ يھودين جي پھريدارن عيسيٰ کي گرفتار ڪيو ۽ کيس ٻڌي قابو ڪيائون.


انھيءَ مھل ڏاڍو سيءُ پئي پيو، سو نوڪرن ۽ پھريدارن ڪوئلن جي باھہ ٻاري ان جي چوڌاري بيٺي پاڻ کي سيڪيو. پطرس بہ انھن سان گڏ وڃي بيٺو ۽ پاڻ کي سيڪڻ لڳو.


جڏھن عيسيٰ ھي چيو تہ ڀرسان بيٺل پھريدارن مان ھڪڙي سندس منھن تي چماٽ ھڻي چيس تہ ”وڏي سردار ڪاھن کي ائين ٿو جواب ڏئين!“


جڏھن سردار ڪاھنن ۽ پھريدارن عيسيٰ کي ڏٺو تہ اھي واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ ”ھن کي صليب تي چاڙھيو، صليب تي.“ پر پلاطس چين تہ ”اوھين پاڻ وٺي وڃي صليب تي چاڙھيوس. مون کي تہ ھن ۾ ڪوبہ ڏوھہ ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي.“


فريسين ٻڌو تہ ماڻھو عيسيٰ بابت ھنن ڳالھين جي سس⁠پس ڪري رھيا آھن، تنھنڪري انھن ۽ سردار ڪاھنن ڪي پھريدار موڪليا تہ جيئن ھو کيس پڪڙين.


”اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! انھيءَ پاڪ لکت جو سچو ثابت ٿيڻ ضروري ھو، جنھن ۾ پاڪ روح دائود جي معرفت اڳي ئي يھوداہ بابت ٻڌائي ڇڏيو ھو، جيڪو عيسيٰ کي پڪڙڻ وارن جي رھنمائي ڪندڙ ھو.


قيصريہ ۾ ڪرنيليس نالي ھڪ ماڻھو ھو، جيڪو رومي لشڪر جي اِٽليءَ واري پلٽڻ ۾ صوبيدار ھو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ