Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 18:20 - Common Language New Testament

20 عيسيٰ وراڻيس تہ ”مون دنيا سان ھميشہ کليو کلايو ڳالھايو آھي. مون عبادت⁠خانن ۽ ھيڪل ۾ تعليم ڏني آھي، جتي سڀ يھودي اچي گڏ ٿيندا آھن. مون ڪابہ ڳالھہ ڳجھي نہ چئي آھي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 يسوع جواب ڏنس تہ مون کُليو کُلايو دنيا سان ڳالهايو آهي، مون هميشہ عبادتخانن ۽ هيڪل ۾، جتي سڀ يهودي اچي ڪَٺا ٿيندا آهن، اتي تعليم ڏني آهي؛ ۽ ڳُجهو ڪي بہ ڪين چيو اٿم.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

20 يسوع وراڻيس تہ ”مون سنسار سان کُليو کُلايو ڳالهايو آهي. آءٌ هميشہ ڀڳتيءَ وارين جاين ۽ هيڪل ۾ سکيا ڏيندو رهيو آهيان، جتي سڀ ماڻهو اچي گڏ ٿيندا آهن. مون ڳجھيءَ طور ڪابہ ڳالهہ نہ چئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 عيسيٰ وراڻيس تہ ”مون دنيا سان کُليو کُلايو ڳالهايو آهي. آءٌ هميشہ عبادت‌خانن ۽ هيڪل ۾ تعليم ڏيندو رهيو آهيان، جتي سڀ ماڻهو اچي گڏ ٿيندا آهن. مون ڳجھيءَ طور ڪابہ ڳالهہ نہ چئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 18:20
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يا جيڪڏھن ھو اوھان کي چون تہ ’ڏسو، ھو رڻ⁠پٽ ۾ آھي‘ تہ متان ٻاھر نڪتا آھيو يا وري ھو چون تہ ’اِجھو، ھو اندرين ڪمري ۾ لڪل آھي‘ تہ يقين نہ ڪجو.


پوءِ عيسيٰ ماڻھن کي چيو تہ ”ڇا آءٌ ڄڻ ڪو ڌاڙيل ھوس جو اوھين تلوارون ۽ لٺيون کڻي مون کي پڪڙڻ لاءِ آيا آھيو؟ ھيڪل ۾ ويھي آءٌ روزانو تعليم ڏيندو ھوس، پر اتي تہ اوھان مون کي ڪڏھن بہ نہ پڪڙيو.


انھيءَ تي وڏي سردار ڪاھن پنھنجا ڪپڙا ڦاڙيندي چيو تہ ”ھن ڪفر بڪيو آھي. اسان کي وڌيڪ شاھدي نہ کپي. ھاڻي اوھان ھن جا ڪفر وارا لفظ ٻڌا آھن.


عيسيٰ سڄي گليل ۾ گھمندو رھيو ۽ اتي جي عبادت⁠خانن ۾ تعليم ڏيندو، بادشاھت جي خوشخبريءَ جي منادي ڪندو ۽ سڀني قسمن جي مرضن ۽ بيمارين کان ماڻھن کي ڇٽائيندو رھيو.


پوءِ عيسيٰ چوطرف شھرن ۽ ڳوٺن ۾ گھمندو رھيو. اُتي ھو سندن عبادت⁠خانن ۾ ماڻھن کي تعليم ڏيندو، بادشاھت جي خوشخبريءَ جي منادي ڪندو ۽ ھر قسم جي مرضن ۽ بيمارين کان شفا ڏيندو رھيو.


عيسيٰ ھي ڳالھيون کولي کولي چيون. تنھن تي پطرس کيس پاسيرو وٺي ويو ۽ چيائينس تہ ”اھڙيون ڳالھيون نہ ڪريو.“


ھو ڏينھن جو روزانو ھيڪل ۾ تعليم ڏيندو ھو ۽ رات جو ٻاھر نڪري زيتون نالي ٽڪر تي گذاريندو ھو.


ھن عبادت⁠خانن ۾ تعليم ڏني ۽ سڀني سندس ساراھہ ڪئي.


تہ پوءِ اوھين مون کان ڇو پڇي رھيا آھيو؟ انھن ماڻھن کان پڇو جن منھنجون ڳالھيون ٻڌيون آھن. انھن کي خبر آھي تہ مون ڇا چيو آھي.“


ھي ڳالھيون ھن ڪفرناحوم جي عبادت⁠خاني ۾ تعليم ڏيندي ٻڌايون ھيون.


جڏھن عيد جا اڌ جيترا ڏينھن گذريا تہ ان مھل عيسيٰ ھيڪل ۾ ويو ۽ تعليم ڏيڻ لڳو.


ڏسو، ھو تہ کُلي عام ڳالھائي رھيو آھي، پر ڪوبہ کيس ڪجھہ نہ ٿو چوي. ڇا حاڪم سچ⁠پچ اھو سمجھن ٿا تہ ھو مسيح آھي؟


پوءِ عيسيٰ ھيڪل ۾ تعليم ڏيندي وڏي واڪي چيو تہ ”اوھين مون کي سڃاڻو ٿا ۽ اھا بہ خبر اٿوَ تہ آءٌ ڪٿان آيو آھيان. آءٌ پنھنجي مرضيءَ سان نہ آيو آھيان، بلڪ انھيءَ وٽان موڪليو ويو آھيان جيڪو سچو آھي پر اوھين کيس نہ ٿا سڃاڻو.


ڇالاءِ⁠جو جيڪو مشھور ٿيڻ چاھيندو آھي سو پنھنجا ڪم نہ لڪائيندو آھي. جيئن تہ تون بہ اھي ڪم ڪري رھيو آھين، سو ڀل تہ سڄي دنيا تو کي ڏسي.“


۽ صبح جو سوير وري ھيڪل ۾ آيو جتي سڀيئي ماڻھو اچي وٽس گڏ ٿيا ۽ ھو ويھي کين تعليم ڏيڻ لڳو.


اوھان بابت فيصلي ڪرڻ لاءِ مون وٽ ڪيتريون ئي ڳالھيون آھن. جنھن مون کي موڪليو آھي سو سچو آھي ۽ جيڪي ⁠بہ ڳالھيون مون کانئس ٻڌيون آھن، سي ئي آءٌ دنيا کي ٻڌايان ٿو.“


بادشاھہ جنھن سان آءٌ بي⁠ڌڙڪ ٿي ڳالھايان ٿو، تنھن کي بہ انھن ڳالھين جي پوري ڄاڻ آھي، بلڪ پڪ اٿم تہ انھن مان ڪابہ ڳالھہ کانئس ڳجھي نہ آھي، ڇالاءِ⁠جو اھا ڳالھہ ڪنھن ڪنڊ پاسي ۾ نہ ٿي آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ