Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 18:18 - Common Language New Testament

18 انھيءَ مھل ڏاڍو سيءُ پئي پيو، سو نوڪرن ۽ پھريدارن ڪوئلن جي باھہ ٻاري ان جي چوڌاري بيٺي پاڻ کي سيڪيو. پطرس بہ انھن سان گڏ وڃي بيٺو ۽ پاڻ کي سيڪڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 هاڻي نوڪر ۽ حولدار ڪوئلن جي باهہ ٻاري اتي ويٺا هئا، ڇالاءِ تہ سيءُ پئي پيو؛ ۽ پاڻ بيٺي سيڪيائون: ۽ پطرس بہ ساڻن بيٺي پاڻ سيڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

18 انهيءَ مهل ڏاڍو سيءُ پئي پيو، سو نوڪرن ۽ پهريدارن ڪوئلن جي باهہ ٻاري ان جي چوڌاري بيٺي پاڻ کي سيڪيو. پطرس بہ انهن سان گڏ وڃي بيٺو ۽ پاڻ کي سيڪڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 انهيءَ مهل ڏاڍو سيءُ پئي پيو، سو نوڪرن ۽ پهريدارن ڪوئلن جي باهہ ٻاري ان جي چوڌاري بيٺي پاڻ کي سيڪيو. پطرس بہ انهن سان گڏ وڃي بيٺو ۽ پاڻ کي سيڪڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 18:18
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پطرس ٿورو پٺيان پئي آيو، سو بہ وڏي سردار ڪاھن جي گھر جي اڱڻ ۾ آيو. اُتي ھو پھريدارن سان گڏ ھيٺ ويھي رھيو ۽ پاڻ کي باھہ تي سيڪڻ لڳو.


جڏھن ھن پطرس کي پاڻ باھہ تي سيڪيندي ڏٺو تہ ھن ڏانھن چتائي نھاريندي چيائين تہ ”تون بہ عيسيٰ ناصريءَ سان گڏ ھئين.“


ھو ڏاڍو پريشان ٿيو ۽ ايترو وڌيڪ جوش سان دعا گھرڻ لڳو، جو سندس پگھر جا ڦڙا رت وانگر زمين تي ڪري رھيا ھئا.


شمعون پطرس اڃا تائين اتي بيٺي پاڻ کي سيڪيو. سو ٻين کانئس پڇيو تہ ”ڇا تون انھيءَ ماڻھوءَ جي شاگردن مان نہ آھين؟“ پر پطرس انڪار ڪندي چيو تہ ”آءٌ نہ آھيان.“


سو يھوداہ پاڻ سان گڏ رومي سپاھين جي پلٽڻ ۽ ڪجھہ ھيڪل جا پھريدار جيڪي سردار ڪاھنن ۽ فريسين موڪليا ھئا، سي وٺي انھيءَ باغ ۾ آيو. انھن وٽ ھٿيار ھئا ۽ کين ھٿن ۾ مشعلون ۽ شمعدان ھئا.


جڏھن اھي سڪيءَ تي پھتا تہ انھن ڪوئلن جي باھہ تي مڇي پيل ڏٺي ۽ اتي ماني بہ رکي ھئي.


جيئن ئي پطرس ۽ يوحنا آزاد ٿيا تہ ھو موٽي پنھنجي ساٿين وٽ آيا ۽ جيڪي سردار ڪاھنن ۽ بزرگن چيو ھونِ سو سڀ کين ٻڌايائون.


ٺڳجي نہ وڃو. بري صحبت سٺيون عادتون بگاڙي ڇڏي ٿي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ