Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 18:17 - Common Language New Testament

17 تڏھن دربان ڇوڪريءَ پطرس کي چيو تہ ”ڇا تون انھيءَ ماڻھوءَ جي شاگردن مان نہ آھين؟“ تنھن تي پطرس وراڻيو تہ ”آءٌ نہ آھيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 پوءِ هڪ نينگر جا دربان هئي، تنهن پطرس کي چيو تہ متان تون بہ هن ماڻهوءَ جي شاگردن مان آهين؟ هن چيو تہ آئون نہ آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

17 تڏهن دربان ڪنيا پطرس کان پڇيو تہ ”ڇا تون انهيءَ ماڻهوءَ جي چيلن مان نہ آهين؟“ تنهن تي پطرس وراڻيو تہ ”آءٌ نہ آهيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 تڏهن دربان ڇوڪريءَ پطرس کان پڇيو تہ ”ڇا تون انهيءَ ماڻهوءَ جي شاگردن مان نہ آهين؟“ تنهن تي پطرس وراڻيو تہ ”آءٌ نہ آهيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 18:17
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنھن تي پطرس ڳالھايو ۽ عيسيٰ کي چيائين تہ ”توڙي جو ٻيا سڀ اوھان کي ڇڏي وڃن، پر آءٌ اوھان کي ڪڏھن بہ نہ ڇڏي ويندس.“


انھن عيسيٰ کي پڪڙي وڏي سردار ڪاھن جي گھر آندو ۽ پطرس پرڀرو سندن پٺيان پئي آيو.


پر پطرس دروازي جي ٻاھران ئي بيٺو رھيو. اھو ٻيو شاگرد جنھن جي وڏي سردار ڪاھن سان واقفيت ھئي سو موٽي ٻاھر آيو ۽ دربان ڇوڪريءَ کي چئي پطرس کي اندر وٺي وڃڻ لڳو.


شمعون پطرس اڃا تائين اتي بيٺي پاڻ کي سيڪيو. سو ٻين کانئس پڇيو تہ ”ڇا تون انھيءَ ماڻھوءَ جي شاگردن مان نہ آھين؟“ پر پطرس انڪار ڪندي چيو تہ ”آءٌ نہ آھيان.“


انھن وراڻيس تہ ”عيسيٰ ناصريءَ کي.“ تنھن تي ھن چين تہ ”اھو تہ آءٌ آھيان.“ يھوداہ دغاباز انھن سان گڏ بيٺو ھو.


عيسيٰ چيو تہ ”مون تہ اوھان کي ٻڌايو تہ اھو آءٌ آھيان. جيڪڏھن اوھين مون کي ڳولي رھيا آھيو تہ پوءِ ھنن ماڻھن کي ڇڏيو تہ وڃن.“


نيرن ڪرڻ کان پوءِ عيسيٰ شمعون پطرس کي چيو تہ ”اي شمعون، يوحنا جا پٽ! ڇا تون مون سان ھنن کان وڌيڪ پيار ڪرين ٿو؟“ ھن وراڻيو تہ ”ھائو خداوند! تو کي خبر آھي تہ آءٌ تو سان پيار ڪريان ٿو.“ تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”منھنجي گھيٽن کي وڃي چار.“


پطرس ٻاھران در کڙڪايو ۽ رودا نالي ھڪ نوڪرياڻي در تي آئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ