Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 18:15 - Common Language New Testament

15 شمعون پطرس ھڪ ٻئي شاگرد سان گڏ عيسيٰ جي پٺيان ھلندو پئي ويو. انھيءَ ٻئي شاگرد جي وڏي سردار ڪاھن سان واقفيت ھئي، سو ھو عيسيٰ سان گڏ سردار ڪاھن جي گھر اندر اڱڻ ۾ ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 ۽ شمعون پطرس يسوع جي پٺيان هلندو ويو، ۽ پڻ اُهو ٻيو شاگرد بہ. هاڻي انهي شاگرد جي سردار ڪاهن سان واقفيت هئي، سو يسوع سان گڏ سردار ڪاهن جي ايوان ۾ اندر گهڙي ويو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

15 شمعون پطرس هڪڙي ٻئي چيلي سان گڏ يسوع جي پٺيان هلندو پئي ويو. جيئن تہ انهيءَ ٻئي چيلي جي وڏي سردار ڪاهن سان واقفيت هئي، سو هو يسوع سان گڏ سندس گھر اندر اڱڻ ۾ ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 شمعون پطرس هڪڙي ٻئي شاگرد سان گڏ عيسيٰ جي پٺيان هلندو پئي ويو. جيئن تہ انهيءَ ٻئي شاگرد جي وڏي سردار ڪاهن سان واقفيت هئي، سو هو عيسيٰ سان گڏ سندس گھر اندر اڱڻ ۾ ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 18:15
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ھوڏانھن سردار ڪاھن ۽ يھودين جا بزرگ قائفا نالي وڏي سردار ڪاھن جي گھر ۾ اچي گڏ ٿيا.


پطرس ٿورو پٺيان پئي آيو، سو بہ وڏي سردار ڪاھن جي گھر جي اڱڻ ۾ آيو. اُتي ھو پھريدارن سان گڏ ھيٺ ويھي رھيو ۽ پاڻ کي باھہ تي سيڪڻ لڳو.


انھن عيسيٰ کي پڪڙي وڏي سردار ڪاھن جي گھر آندو ۽ پطرس پرڀرو سندن پٺيان پئي آيو.


پوءِ حنا کيس ٻڌل حالت ۾ ئي وڏي سردار ڪاھن قائفا ڏانھن ڏياري موڪليو.


ٻئي ڏينھن صبح جو عيسيٰ کي قائفا جي گھر کان رومي گورنر پلاطس جي محلات ۾ آندو ويو. يھودي اڳواڻ محلات جي اندر نہ ويا، انھيءَ لاءِ تہ اھي پنھنجي شريعت جي رسم موجب پليت نہ ٿين ۽ عيد فصح جي ماني کائڻ جھڙا رھن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ