Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 18:11 - Common Language New Testament

11 تنھن تي عيسيٰ پطرس کي چيو تہ ”پنھنجي تلوار ورائي مياڻ ۾ وجھہ. ڇا آءٌ اھو پيالو نہ پيئان جيڪو پيءُ مون کي پيئڻ لاءِ ڏنو آھي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 تڏهن يسوع پطرس کي چيو، تہ ترار ورائي کپ ۾ وجهہ: پيالو جو پيءُ مون کي ڏنو آهي، سو آئون نہ پيان ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

11 تنهن تي يسوع پطرس کي چيو تہ ”پنهنجي تلوار ورائي مياڻ ۾ وجھہ. ڇا آءٌ اهو پيالو نہ پيئان جيڪو پتا مون کي پيئڻ لاءِ ڏنو آهي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 تنهن تي عيسيٰ پطرس کي چيو تہ ”پنهنجي تلوار ورائي مياڻ ۾ وجھہ. ڇا آءٌ اهو پيالو نہ پيئان جيڪو پيءُ مون کي پيئڻ لاءِ ڏنو آهي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 18:11
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

عيسيٰ انھن کي وراڻيو تہ ”اوھين نہ ٿا ڄاڻو تہ ڇا گھري رھيا آھيو. ڇا اوھين اھو پيالو پي سگھندا جيڪو آءٌ پيئڻ وارو آھيان؟“ انھن وراڻيو تہ ”ھائو، ائين ڪري سگھون ٿا.“


عيسيٰ ٿورو پرڀرو ويو ۽ پاڻ کي منھن ڀر ڪيرائي دعا گھرڻ لڳو تہ ”اي منھنجا بابا! جيڪڏھن ٿي سگھي تہ ھي پيالو مون تان ٽاريو وڃي، تنھن ھوندي بہ منھنجي نہ پر تنھنجي مرضي پوري ٿئي.“


عيسيٰ وري ٻيو دفعو پري ويو ۽ دعا گھريائين تہ ”اي منھنجا بابا! جيڪڏھن ھي پيالو منھنجي پيئڻ کان سواءِ ٽري نہ ٿو سگھي تہ پوءِ ڀلي تنھنجي مرضي پوري ٿئي.“


دنيا جون قومون انھن سڀني شين جون ڳولائو آھن. پر اوھان لاءِ اوھان جو پيءُ ڄاڻي ٿو تہ اوھان کي ڪھڙين شين جي ضرورت آھي.


”اي بابا! جيڪڏھن تون چاھين تہ ھي پيالو مون تان ٽاري ڇڏ. تنھن ھوندي بہ منھنجي نہ، پر تنھنجي مرضي پوري ٿئي.“


جيڪڏھن اوھين منھنجي حڪمن تي عمل ڪندا تہ اوھين منھنجي پيار ۾ رھندا، جھڙيءَ طرح مون پنھنجي پيءُ جي حڪمن تي عمل ڪيو آھي ۽ سندس پيار ۾ رھان ٿو.


اي بابا! منھنجي مرضي آھي تہ جيڪي تو مون کي ڏنا آھن سي جتي آءٌ آھيان اتي مون سان گڏ ھجن، تہ جيئن اھي اھو جلوو ڏسن جو تو مون کي ڏنو آھي، ڇالاءِ⁠جو تو دنيا جي پيدا ٿيڻ کان اڳ بہ مون سان پيار ڪيو.


عيسيٰ وراڻيو تہ ”منھنجي بادشاھت ھن دنيا جي نہ آھي. جيڪڏھن اھا ھن دنيا جي ھجي ھا تہ جيڪر منھنجا نوڪر وڙھن ھا، انھيءَ لاءِ تہ آءٌ يھودين جي حوالي نہ ڪيو وڃان. پر منھنجي بادشاھت ھن دنيا جي نہ آھي.“


عيسيٰ کيس چيو تہ ”مون کي ھٿ نہ لاءِ، ڇاڪاڻ⁠تہ آءٌ اڃا پيءُ وٽ مٿي موٽي نہ ويو آھيان. پر تون منھنجي ڀائرن وٽ وڃ ۽ کين ٻڌاءِ تہ آءٌ مٿي موٽي وڃان ٿو پنھنجي پيءُ ۽ اوھان جي پيءُ ڏانھن، پنھنجي خدا ۽ اوھان جي خدا ڏانھن.“


ڇالاءِ⁠جو اسان جي لڙائيءَ جا ھٿيار دنياوي نہ آھن پر خدائي طاقت وارا آھن، جيڪي مضبوط قلعن کي بہ ڊاھيو وجھن.


اسين سچو ڪلام خدا جي قدرت سان ٻڌايون ٿا. حملي ۽ بچاءَ لاءِ اسان کي سچائيءَ جا ھٿيار آھن.


اچو تہ اسين عيسيٰ ڏانھن نھاريندا رھون، جيڪو اسان جي ايمان جو باني ۽ ڪامل ڪندڙ آھي. ھن انھيءَ خوشيءَ جي خاطر جيڪا بعد ۾ کيس ملڻي ھئي، شرمندگيءَ جي پرواھہ نہ ڪري صليب جو ڏک سٺو ۽ خدا جي تخت جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ