Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 17:3 - Common Language New Testament

3 دائمي زندگي اھا آھي تہ اھي تو ھڪ سچي خدا کي ۽ مون عيسيٰ مسيح کي سڃاڻين، جنھن کي تو موڪليو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 ۽ هميشہ جي زندگي هيءَ آهي، تہ هو تو هڪ سچي خدا کي، ۽ يسوع مسيح، جنهن کي تو موڪليو آهي، تنهن کي سڃاڻن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

3 امر جيون اهو آهي تہ اهي تو هڪ سچي ايشور کي ۽ مون يسوع مسيح کي ڄاڻين، جنهن کي تو موڪليو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 دائمي زندگي اها آهي تہ اهي تو هڪ سچي خدا کي ۽ مون عيسيٰ مسيح کي ڄاڻين، جنهن کي تو موڪليو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 17:3
52 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”جيڪو منھنجي ڪري ھنن ٻارن مان ڪنھن بہ ھڪڙي کي قبول ٿو ڪري، تنھن ڄڻ مون کي قبول ڪيو ۽ جنھن مون کي قبول ڪيو، تنھن نہ رڳو مون کي پر ان کي بہ قبول ڪيو جنھن مون کي موڪليو آھي.“


پوءِ شاگردن کي چيائين تہ ”جيڪو ھن ننڍي ٻار کي منھنجي ڪري قبول ڪندو، سو ڄڻ تہ مون کي قبول ٿو ڪري ۽ جيڪو مون کي قبول ٿو ڪري، سو ڄڻ انھيءَ کي قبول ٿو ڪري جنھن مون کي موڪليو آھي، ڇالاءِ⁠جو جيڪو اوھان سڀني ۾ ننڍو آھي سو ئي وڏو ٿيندو.“


جيتري قدر منھنجو واسطو آھي تہ پيءُ مون کي چونڊيو آھي ۽ ھن دنيا ۾ موڪليو آھي. پوءِ اوھين ڪيئن چئو ٿا تہ مون ڪفر بڪيو آھي جو مون چيو تہ ’آءٌ خدا جو فرزند آھيان؟‘


مون کي تہ خبر آھي تہ تون ھميشہ منھنجي ٻڌندو آھين. پر ھي ماڻھو جيڪي ھتي بيٺا آھن، تن کي اھو ڏيکارڻ لاءِ آءٌ دعا ٿو گھران تہ جيئن اھي ايمان آڻين تہ تو ئي مون کي موڪليو آھي.“


پر مددگار يعني پاڪ روح، جنھن کي پيءُ منھنجي نالي موڪليندو، سو اوھان کي سڀ ڳالھيون سيکاريندو ۽ اوھان کي اھي ڳالھيون ياد ڏياريندو رھندو، جيڪي مون اوھان کي چيون آھن.


جيئن تو مون کي دنيا ۾ موڪليو آھي، تيئن مون بہ انھن کي دنيا ۾ موڪليو آھي.


انھيءَ لاءِ تہ اھي سڀ گڏجي ھڪ ٿين. اي بابا! شل اھي اسان ۾ اھڙيءَ طرح گڏجي ھڪ ٿين جھڙيءَ طرح تون مون ۾ آھين ۽ آءٌ تو ۾ آھيان، تہ جيئن دنيا ايمان آڻي تہ تو مون کي موڪليو آھي.


يعني آءٌ انھن ۾ آھيان ۽ تون مون ۾، تہ جيئن اھي پوريءَ طرح پاڻ ۾ ھڪ ٿي وڃن. اھڙيءَ طرح دنيا کي خبر پوي تہ تو مون کي موڪليو آھي ۽ تون انھن سان ايترو پيار ڪرين ٿو جيترو تو مون سان ڪيو آھي.


اي سچا بابا! دنيا تو کي نہ سڃاتو پر مون تو کي سڃاتو آھي ۽ ھنن کي اھا خبر آھي تہ تو مون کي موڪليو آھي.


ڇالاءِ⁠جو ڪلام، جيڪو تو مون کي ڏنو سو مون انھن کي ڏنو آھي ۽ انھن اھو قبول ڪيو آھي. انھن کي پڪ آھي تہ آءٌ تو وٽان آيو آھيان ۽ ايمان آندو اٿن تہ تو ئي مون کي موڪليو آھي.


خدا پنھنجو فرزند دنيا ۾ انھيءَ لاءِ نہ موڪليو تہ ھو دنيا کي سزا ڏئي، پر انھيءَ لاءِ موڪليائين تہ ھن جي ئي وسيلي دنيا کي ڇوٽڪارو ملي.


جنھن کي خدا موڪليو آھي سو خدا جا لفظ ڳالھائي ٿو، ڇالاءِ⁠جو خدا کيس پنھنجو روح بي⁠حساب عطا ڪري ٿو.


اوھين ھڪٻئي کان ساراھہ ڪرائڻ گھرو ٿا. پر اھا ساراھہ جا اڪيلي خدا کان ٿي ملي تنھن جي ڳولا نہ ٿا ڪريو، تہ پوءِ اوھين ڪيئن ايمان آڻي سگھندا؟


جھڙيءَ طرح زندہ پيءُ مون کي موڪليو آھي ۽ آءٌ ھن جي ڪري زندہ آھيان، تھڙيءَ طرح جيڪو بہ مون کي کائي ٿو سو منھنجي ڪري زندہ رھندو.


مگر آءٌ کيس ڄاڻان ٿو، ڇاڪاڻ⁠تہ آءٌ وٽانئس آيو آھيان ۽ ھن ئي مون کي موڪليو آھي.“


تنھن تي انھن پڇيس تہ ”تنھنجو پيءُ ڪٿي آھي؟“ عيسيٰ کين وراڻيو تہ ”اوھين نہ مون کي سڃاڻو ٿا ۽ نڪي منھنجي پيءُ کي. جيڪڏھن اوھين مون کي سڃاڻو ھا تہ منھنجي پيءُ کي بہ سڃاڻو ھا.“


نيڪيءَ جي خاطر جاڳي پئو ۽ گناھہ نہ ڪريو، ڇاڪاڻ⁠تہ ڪي خدا کي نہ ٿا ڄاڻن. تنھنڪري ئي آءٌ چوان ٿو تہ اھا اوھان لاءِ شرم جي ڳالھہ آھي.


تہ پوءِ بتن تي نذر ڪيل کاڌي بابت اسان کي خبر آھي تہ دنيا ۾ بتن جي ڪابہ حقيقت ناھي ۽ ھڪڙي خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبہ خدا ڪينھي.


ڇاڪاڻ⁠تہ خدا، جنھن فرمايو تہ ”اونداھيءَ ۾ روشني چمڪي،“ تنھن اھا اسان جي دلين ۾ چمڪائي، تہ جيئن اسين عيسيٰ مسيح جي چھري کي ڏسي ڪري خدا جي شان کي سڃاڻي سگھون.


آءٌ چاھيان ٿو تہ مسيح ۽ سندس وري جي اٿڻ جي قدرت کي ڄاڻان. آءٌ ھن جي ڏکن ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ جو تجربو حاصل ڪرڻ ۽ سندس موت ۾ ھن وانگر ٿيڻ چاھيان ٿو.


سچ تہ آءٌ پنھنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي سڃاڻپ واري وڏي خوبيءَ جي ڀيٽ ۾ ھر ھڪ شيءِ کي نقصان واري ٿو سمجھان. ھن جي خاطر مون سڀني شين جو نقصان سٺو آھي ۽ انھن کي آءٌ گند ٿو ڄاڻان، انھيءَ لاءِ تہ مسيح کي حاصل ڪريان،


ڇالاءِ⁠جو اھي ماڻھو پاڻ ذڪر ٿا ڪن تہ ڪھڙيءَ طرح اوھان اسان جو آڌرڀاءُ ڪيو. اھي ٻڌائين ٿا تہ ڪيئن اوھان بتن کي ڇڏي خدا ڏانھن ڦريا، تہ جيئن سچي ۽ زندہ خدا جي بندگي ڪريو


ھو انھن کي سزا ڏيندو جيڪي خدا کي نہ ٿا سڃاڻين ۽ جيڪي اسان جي خداوند عيسيٰ جي خوشخبريءَ کي نہ ٿا مڃين.


تنھنڪري اي پاڪ ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪي آسماني ڪوٺ ۾ شريڪ آھيو، اوھين انھيءَ رسول ۽ وڏي سردار ڪاھن عيسيٰ تي غور ڪريو، جنھن کي اسين مڃون ٿا.


شل خدا ۽ اسان جي خداوند عيسيٰ جي سڃاڻپ جي وسيلي اوھان تي فضل ۽ سلامتي گھڻي کان گھڻي ٿيندي رھي.


خدا پنھنجي الاھي قدرت سان اھي سڀ شيون پنھنجي سڃاڻپ جي وسيلي اسان کي ڏنيون آھن، جن جو تعلق زندگيءَ ۽ دينداريءَ سان آھي. ھن اسان کي انھيءَ لاءِ سڏيو آھي تہ جيئن اسين کانئس عظمت ۽ نيڪي ماڻيون.


ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن اھي خوبيون اوھان ۾ موجود ھونديون ۽ وڌنديون رھنديون، تہ اھي اوھان کي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي سڃاڻڻ ۾ بيڪار ۽ بي⁠ڦل ٿيڻ نہ ڏينديون.


ڇالاءِ⁠جو اھا ئي تہ زندگي ھئي، جيڪا پيءُ سان ھئي ۽ اسان تي ظاھر ٿي. اسان اھا ڏٺي ۽ ان جا اکين ڏٺا شاھد آھيون.


جيڪي⁠بہ اسان ڏٺو ۽ ٻڌو آھي، سو اوھان کي ٻڌايون ٿا تہ جيئن اوھين اسان سان انھيءَ صحبت ۾ شامل ٿيو، جيڪا اسان کي پيءُ ۽ سندس فرزند عيسيٰ مسيح سان آھي.


جيڪو فرزند کي مڃي ٿو تنھن وٽ پيءُ بہ آھي، پر جيڪو فرزند کي نہ ٿو مڃي تنھن وٽ پيءُ بہ نہ آھي.


اسين خدا جا آھيون. جيڪو خدا کي سڃاڻي ٿو سو اسان جي ٻڌي ٿو. جيڪو خدا جو نہ آھي سو اسان جي نہ ٿو ٻڌي. انھيءَ مان اسان کي حق جي روح ۽ گمراھيءَ جي روح جي خبر پوي ٿي.


اسين اھو بہ ڄاڻون ٿا تہ خدا جو فرزند آيو آھي. ھن اسان کي سمجھہ بخشي آھي تہ اسين انھيءَ خدا کي سڃاڻون جيڪو حق آھي ۽ اسين انھيءَ حقيقي خدا جا آھيون، تھڙيءَ ئي طرح سندس فرزند عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل پڻ آھيون. اھو ئي حقيقي خدا ۽ دائمي زندگي آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ