Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 17:25 - Common Language New Testament

25 اي سچا بابا! دنيا تو کي نہ سڃاتو پر مون تو کي سڃاتو آھي ۽ ھنن کي اھا خبر آھي تہ تو مون کي موڪليو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 اي سچا بابا، دنيا توکي نہ سڃاتو، پر مون توکي سڃاتو آهي؛ ۽ هنن پاڻ ڄاتو آهي تہ تو مون کي موڪليو آهي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

25 اي سچا پتا! سنسار تو کي نہ ڄاتو، پر آءٌ تو کي ڄاڻان ٿو. هنن چيلن بہ ڄاڻي ورتو آهي تہ تو مون کي موڪليو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 اي سچا بابا! دنيا تو کي نہ ڄاتو، پر آءٌ تو کي ڄاڻان ٿو. هنن شاگردن بہ ڄاڻي ورتو آهي تہ تو مون کي موڪليو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 17:25
37 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ مسيح چيو تہ ”منھنجي پيءُ مون کي سڀ شيون سونپي ڇڏيون آھن. پيءُ کان سواءِ ڪوبہ پٽ کي نہ ٿو سڃاڻي ۽ نڪي پٽ کانسواءِ پيءُ کي ڪو سڃاڻي ٿو، يا رڳو اھي جن تي پٽ ظاھر ڪري.


تنھن تي شمعون پطرس وراڻيو تہ ”تون مسيح، زندہ خدا جو فرزند آھين.“


”منھنجي پيءُ مون کي سڀني شين تي اختياري ڏني آھي. پيءُ کان سواءِ ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي تہ پٽ ڪير آھي ۽ پٽ کان سواءِ ڪنھن کي بہ خبر نہ آھي تہ پيءُ ڪير آھي يا جن تي پٽ اھو ظاھر ڪري.“


ڪنھن بہ ماڻھوءَ خدا کي ڪڏھن ڪونہ ڏٺو آھي پر سندس اڪيلي ئي فرزند، جيڪو سندس پاسي ۾ آھي، تنھن ئي کيس ظاھر ڪيو آھي.


پر اِھي سڀ ڳالھيون ھو منھنجي نالي جي ڪري اوھان سان ڪندا، ڇاڪاڻ⁠تہ ھو انھيءَ کي نہ ٿا سڃاڻن جنھن مون کي موڪليو آھي.


ڇالاءِ⁠جو پيءُ پاڻ اوھان سان انھيءَ لاءِ پيار ڪري ٿو جو اوھان مون سان پيار ڪيو آھي ۽ ايمان آندو اٿوَ تہ آءٌ پيءُ وٽان آيو آھيان.


اھي ھي ڪم انھيءَ ڪري ڪندا، ڇالاءِ⁠جو انھن نہ پيءُ کي ۽ نڪي مون کي سڃاتو آھي.


ھاڻي اسين ڄاڻون ٿا تہ اوھان کي سڀني ڳالھين جي خبر آھي ۽ ضروري نہ آھي تہ اوھان کان ڪو سوال جواب ڪيو وڃي. انھيءَ سبب جو اسان ايمان آندو آھي تہ اوھين خدا وٽان آيا آھيو.“


ھاڻي آءٌ تو ڏانھن اچي رھيو آھيان ۽ دنيا ۾ وڌيڪ نہ رھندس، پر اھي اڃا دنيا ۾ رھندا. اي پاڪ بابا! انھن کي پنھنجي انھيءَ نالي جي قدرت سان سلامت رک جيڪو تو مون کي ڏنو آھي، انھيءَ لاءِ تہ اھي گڏجي ھڪ ٿي وڃن، جيئن تون ۽ آءٌ ھڪ آھيون.


جيئن تو مون کي دنيا ۾ موڪليو آھي، تيئن مون بہ انھن کي دنيا ۾ موڪليو آھي.


انھيءَ لاءِ تہ اھي سڀ گڏجي ھڪ ٿين. اي بابا! شل اھي اسان ۾ اھڙيءَ طرح گڏجي ھڪ ٿين جھڙيءَ طرح تون مون ۾ آھين ۽ آءٌ تو ۾ آھيان، تہ جيئن دنيا ايمان آڻي تہ تو مون کي موڪليو آھي.


يعني آءٌ انھن ۾ آھيان ۽ تون مون ۾، تہ جيئن اھي پوريءَ طرح پاڻ ۾ ھڪ ٿي وڃن. اھڙيءَ طرح دنيا کي خبر پوي تہ تو مون کي موڪليو آھي ۽ تون انھن سان ايترو پيار ڪرين ٿو جيترو تو مون سان ڪيو آھي.


دائمي زندگي اھا آھي تہ اھي تو ھڪ سچي خدا کي ۽ مون عيسيٰ مسيح کي سڃاڻين، جنھن کي تو موڪليو آھي.


ڇالاءِ⁠جو ڪلام، جيڪو تو مون کي ڏنو سو مون انھن کي ڏنو آھي ۽ انھن اھو قبول ڪيو آھي. انھن کي پڪ آھي تہ آءٌ تو وٽان آيو آھيان ۽ ايمان آندو اٿن تہ تو ئي مون کي موڪليو آھي.


خدا پنھنجو فرزند دنيا ۾ انھيءَ لاءِ نہ موڪليو تہ ھو دنيا کي سزا ڏئي، پر انھيءَ لاءِ موڪليائين تہ ھن جي ئي وسيلي دنيا کي ڇوٽڪارو ملي.


جڏھن شاگرد پنج ڇھہ ڪلوميٽر ٻيڙي ڪاھي ويا، تڏھن ڏٺائون تہ عيسيٰ پاڻيءَ تي پنڌ ڪندو ٻيڙيءَ جي ويجھو پيو اچي. اھو ڏسي ھو ڏاڍو ڊڄي ويا.


مگر آءٌ کيس ڄاڻان ٿو، ڇاڪاڻ⁠تہ آءٌ وٽانئس آيو آھيان ۽ ھن ئي مون کي موڪليو آھي.“


تنھن تي انھن پڇيس تہ ”تنھنجو پيءُ ڪٿي آھي؟“ عيسيٰ کين وراڻيو تہ ”اوھين نہ مون کي سڃاڻو ٿا ۽ نڪي منھنجي پيءُ کي. جيڪڏھن اوھين مون کي سڃاڻو ھا تہ منھنجي پيءُ کي بہ سڃاڻو ھا.“


اوھان ھن کي ڪڏھن بہ نہ سڃاتو آھي پر آءٌ کيس ڄاڻان ٿو. جيڪڏھن آءٌ چوان ٿو تہ آءٌ ھن کي نہ ٿو ڄاڻان تہ آءٌ بہ اوھان جھڙو ڪوڙو ٿيندس. پر آءٌ کيس ڄاڻان ٿو ۽ سندس ڪلام تي عمل ڪريان ٿو.


ڇالاءِ⁠جو مون گھمندي گھمندي اوھان جي عبادت وارين شين تي غور ڪري ڏٺو آھي. ھڪڙي قربان⁠گاھہ ڏٺم جنھن تي لکيل ھو تہ ’نامعلوم خدا جي لاءِ.‘ سو اوھين ڄاڻڻ سڃاڻڻ کان سواءِ جنھن جي عبادت ٿا ڪريو، تنھن جي ئي آءٌ اوھان کي خبر ٿو ڏيان.


تو کي انھن جون اکيون کولڻيون آھن. انھن کي اونداھيءَ مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻڻو آھي. کين شيطان جي چنبي کان آزاد ڪري خدا ڏانھن موڙڻو آھي، تہ جيئن اھي مون تي ايمان آڻين ۽ گناھن جي معافي ملين ۽ ھو خدا جي پنھنجي قوم ۾ ليکيا وڃن.‘“


جھڙيءَ طرح ھنن خدا کي سڃاڻڻ کان منھن موڙيو، تھڙيءَ طرح خدا بہ کين بڇڙن ڪمن ۾ ڇڏي ڏنو، تہ جيئن ھو گمراھيءَ جا ڪم ڪندا رھن.


ڪوبہ سمجھو نہ آھي، ڪوبہ خدا جو طالبو نہ آھي.


پر ھاڻي خدا پنھنجو انصاف ظاھر ڪري ٿو. جيئن تہ ھو پاڻ سچو آھي، سو ھر انھيءَ کي پاڻ ڏانھن سچار بڻائي ٿو، جيڪو عيسيٰ تي ايمان آڻي ٿو.


ڇالاءِ⁠جو خدا پنھنجي ڏاھپ سان ماڻھن لاءِ اھو ناممڪن بڻائي ڇڏيو تہ ھو پنھنجي ذاتي ڏاھپ سان کيس سڃاڻين. تنھنڪري خدا جي مرضي ٿي تہ ھو انھن کي بچائي جيڪي اسان جي پيغام تي ايمان آڻين، جيتوڻيڪ اھو پيغام دنيا جي نظر ۾ بي⁠وقوفي آھي.


نيڪيءَ جي خاطر جاڳي پئو ۽ گناھہ نہ ڪريو، ڇاڪاڻ⁠تہ ڪي خدا کي نہ ٿا ڄاڻن. تنھنڪري ئي آءٌ چوان ٿو تہ اھا اوھان لاءِ شرم جي ڳالھہ آھي.


اھي ايمان نہ ٿا آڻين، ڇالاءِ⁠تہ جنھن کي ھن زماني جا ماڻھو خدا ڪري مڃين ٿا ان خدا، يعني شيطان انھن جي عقل کي انڌو ڪري ڇڏيو آھي. ھو نہ ٿو چاھي تہ مسيح جيڪو خدا جي صورت آھي، تنھن جي جلال جي باري ۾ خوشخبريءَ جي روشني انھن تي پوي.


ھو انھن کي سزا ڏيندو جيڪي خدا کي نہ ٿا سڃاڻين ۽ جيڪي اسان جي خداوند عيسيٰ جي خوشخبريءَ کي نہ ٿا مڃين.


پوءِ ڪنھن کي بہ اھا ضرورت نہ ٿيندي، جو پنھنجي پاڙيسريءَ يا پنھنجي برادريءَ واري کي اھو چئي سيکاري تہ ’خداوند کي سڃاڻ.‘ ڇالاءِ⁠جو انھن مان ننڍا توڙي وڏا سڀ مون کي سڃاڻيندا.


پر جيڪڏھن اسين پنھنجا گناھہ باسينداسين تہ خدا پنھنجو واعدو پاڙيندو ۽ انصاف ڪري اسان جا گناھہ معاف ڪندو ۽ اسان کي ساري بڇڙائيءَ کان پاڪ ڪري ڇڏيندو.


زمين جا سڀيئي رھاڪو سندس پوڄا ڪندا، سواءِ انھن جي جن جا نالا دنيا جي شروعات کان وٺي زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آھن، جيڪو ڪُٺل گھيٽي جو آھي.


مون پاڻيءَ واري ملائڪ کي ھي چوندي ٻڌو تہ ”اي قدوس! تون جو آھين ۽ جو ھئين، تون عادل آھين ۽ تو ئي اھڙو انصاف ڪيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ