Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 17:23 - Common Language New Testament

23 يعني آءٌ انھن ۾ آھيان ۽ تون مون ۾، تہ جيئن اھي پوريءَ طرح پاڻ ۾ ھڪ ٿي وڃن. اھڙيءَ طرح دنيا کي خبر پوي تہ تو مون کي موڪليو آھي ۽ تون انھن سان ايترو پيار ڪرين ٿو جيترو تو مون سان ڪيو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 آئون هنن ۾ ۽ تون مون ۾، تہ اهي پوريءَ طرح سان هڪ ٿي ڪماليت کي پهچن؛ انهي لاءِ تہ دنيا کي خبر پوي تہ تو مون کي موڪليو آهي، ۽ انهن کي پيار ڪيو اٿيئي، جيئن تو مون کي پيار ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

23 يعني آءٌ انهن ۾ آهيان ۽ تون مون ۾ آهين، تہ جيئن اهي پوريءَ طرح پاڻ ۾ هڪ ٿي وڃن. اهڙيءَ طرح سنسار ڄاڻي وٺي تہ تو ئي مون کي موڪليو آهي ۽ تون انهن سان ايترو پيار ڪرين ٿو جيترو تو مون سان ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 يعني آءٌ انهن ۾ آهيان ۽ تون مون ۾ آهين، تہ جيئن اهي پوريءَ طرح پاڻ ۾ هڪ ٿي وڃن. اهڙيءَ طرح دنيا ڄاڻي وٺي تہ تو ئي مون کي موڪليو آهي ۽ تون انهن سان ايترو پيار ڪرين ٿو جيترو تو مون سان ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 17:23
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جيڪڏھن پيءُ جا ڪم ڪريان ٿو، تہ اوھين ڀل مون تي ايمان نہ آڻيو پر منھنجي انھن ڪمن تي تہ ايمان آڻيو، تہ جيئن اوھان کي خبر پوي ۽ سمجھو تہ پيءُ مون ۾ آھي ۽ آءٌ پيءُ ۾ آھيان.“


جيڪڏھن اوھين ھڪٻئي سان پيار ڪندا تہ پوءِ سڀني کي خبر پوندي تہ اوھين منھنجا شاگرد آھيو.“


ڇا تو کي يقين نہ آھي تہ آءٌ پيءُ ۾ آھيان ۽ پيءُ مون ۾ آھي؟ جيڪي ڳالھيون آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو سي پاڻ ئي ڪين ٿو ٻڌايان، پر پيءُ، جيڪو مون ۾ رھي ٿو سو پنھنجا ڪم پاڻ ڪري ٿو.


تنھن تي عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”جيڪو مون سان پيار ڪري ٿو سو منھنجي ڪلام تي عمل ڪندو. منھنجو پيءُ ھن سان پيار ڪندو، آءٌ ۽ منھنجو پيءُ ھن وٽ اينداسون ۽ ساڻس گڏجي رھنداسون.


جيئن پيءُ مون سان پيار ڪيو آھي، تيئن مون بہ اوھان سان پيار ڪيو آھي. ھاڻي اوھين منھنجي پيار ۾ رھو.


ڇالاءِ⁠جو پيءُ پاڻ اوھان سان انھيءَ لاءِ پيار ڪري ٿو جو اوھان مون سان پيار ڪيو آھي ۽ ايمان آندو اٿوَ تہ آءٌ پيءُ وٽان آيو آھيان.


ھاڻي آءٌ تو ڏانھن اچي رھيو آھيان ۽ دنيا ۾ وڌيڪ نہ رھندس، پر اھي اڃا دنيا ۾ رھندا. اي پاڪ بابا! انھن کي پنھنجي انھيءَ نالي جي قدرت سان سلامت رک جيڪو تو مون کي ڏنو آھي، انھيءَ لاءِ تہ اھي گڏجي ھڪ ٿي وڃن، جيئن تون ۽ آءٌ ھڪ آھيون.


انھيءَ لاءِ تہ اھي سڀ گڏجي ھڪ ٿين. اي بابا! شل اھي اسان ۾ اھڙيءَ طرح گڏجي ھڪ ٿين جھڙيءَ طرح تون مون ۾ آھين ۽ آءٌ تو ۾ آھيان، تہ جيئن دنيا ايمان آڻي تہ تو مون کي موڪليو آھي.


اي بابا! منھنجي مرضي آھي تہ جيڪي تو مون کي ڏنا آھن سي جتي آءٌ آھيان اتي مون سان گڏ ھجن، تہ جيئن اھي اھو جلوو ڏسن جو تو مون کي ڏنو آھي، ڇالاءِ⁠جو تو دنيا جي پيدا ٿيڻ کان اڳ بہ مون سان پيار ڪيو.


مون تو کي انھن تي ظاھر ڪيو آھي ۽ اڃا بہ ڪندس، انھيءَ لاءِ تہ جيڪو پيار تو مون سان ڪيو آھي سو انھن ۾ ھجي ۽ آءٌ بہ انھن ۾ ھجان.“


دائمي زندگي اھا آھي تہ اھي تو ھڪ سچي خدا کي ۽ مون عيسيٰ مسيح کي سڃاڻين، جنھن کي تو موڪليو آھي.


ڇالاءِ⁠جو ڪلام، جيڪو تو مون کي ڏنو سو مون انھن کي ڏنو آھي ۽ انھن اھو قبول ڪيو آھي. انھن کي پڪ آھي تہ آءٌ تو وٽان آيو آھيان ۽ ايمان آندو اٿن تہ تو ئي مون کي موڪليو آھي.


خدا پنھنجو فرزند دنيا ۾ انھيءَ لاءِ نہ موڪليو تہ ھو دنيا کي سزا ڏئي، پر انھيءَ لاءِ موڪليائين تہ ھن جي ئي وسيلي دنيا کي ڇوٽڪارو ملي.


جيڪوبہ منھنجو گوشت کائي ٿو ۽ منھنجو رت پيئي ٿو، سو مون ۾ رھي ٿو ۽ آءٌ ھن ۾ رھان ٿو.


پر خدا اوھان کي عيسيٰ مسيح سان گڏي ھڪ ڪري ڇڏيو آھي ۽ کيس اسان لاءِ حڪمت يعني سچائي، پاڪائي ۽ ڇوٽڪارو بڻايو اٿائين.


مسيح گناھہ کان واقف نہ ھو، پوءِ بہ خدا کيس اسان جي بدلي گناھہ جي قرباني ٺھرايو، تہ جيئن مسيح سان گڏجي ھڪ ھئڻ ڪري اسان مان خدا جي سچائي ظاھر ٿئي.


تہ پوءِ يھودي ۽ غير يھوديءَ ۾، غلام ۽ آزاد ۾، مرد ۽ عورت ۾ ڪوبہ فرق نہ آھي. ڇالاءِ⁠جو اوھين سڀيئي عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل آھيو.


تنھنڪري اسان مان جيڪي روحاني طور بالغ آھن، تن کي اھو ئي خيال رکڻ گھرجي. جيڪڏھن ڪنھن ڳالھہ ۾ اوھان جو ڪو ٻيو خيال ھجي تہ خدا انھيءَ کي بہ اوھان تي ظاھر ڪندو.


اسين ھن جي ئي منادي ٿا ڪريون ۽ پوريءَ ڏاھپ سان ھر ڪنھن کي نصيحت ڪريون ۽ سيکاريون ٿا، تہ جيئن ھرھڪ کي مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري ڪامل بڻائي پيش ڪريون.


اھو آءٌ ھن ڪري ٿو ڪريان تہ سندن دلين ۾ ھمت پيدا ٿئي ۽ اھي محبت سان پاڻ ۾ ھڪ ٿي رھن ۽ پوري سمجھہ جي ڀرپور دولت حاصل ڪن، تہ من خدا جي راز، يعني مسيح کان واقف ٿين.


انھن سڀني خوبين جي مٿان محبت کي ڪمربند وانگر ٻڌو، جيڪا انھن کي مڪمل طور ٻڌيءَ ۾ رکي ٿي.


ھاڻي خدا، جيڪو ھر طرح جي فضل جو سرچشمو آھي ۽ جنھن اوھان کي مسيح جا ھئڻ ڪري پنھنجي دائمي عظمت ۾ شريڪ ٿيڻ جي لاءِ سڏيو آھي، سو اوھان جي ٿوري وقت تائين ڏکن سھڻ کان پوءِ پاڻھي اوھان کي ڪامل، قائم، مضبوط ۽ پڪو ڪندو.


جيڪي⁠بہ اسان ڏٺو ۽ ٻڌو آھي، سو اوھان کي ٻڌايون ٿا تہ جيئن اوھين اسان سان انھيءَ صحبت ۾ شامل ٿيو، جيڪا اسان کي پيءُ ۽ سندس فرزند عيسيٰ مسيح سان آھي.


ڏسو، پيءُ جو اسان سان ڪيترو نہ پيار آھي. ھن جو اسان سان ايترو تہ پيار آھي جو اسين خدا جا ٻار ٿا سڏجون ۽ حقيقت ۾ اسين آھيون بہ. اِھو ئي سبب آھي جو دنيا اسان کي نہ ٿي سڃاڻي، ڇالاءِ⁠جو ھن کيس بہ نہ سڃاتو آھي.


اسين پيار انھيءَ لاءِ ٿا ڪريون، جو پھريائين خدا اسان سان پيار ڪيو آھي.


ڏسو، ڪي ڪوڙا پاڻ کي يھودي ٿا سڏائين، پر حقيقت ۾ آھن ڪونہ بلڪ اھي شيطان جو ٽولو آھن. انھن کي آءٌ اوھان جي حوالي ڪندس. ھو اچي اوھان جي پيرن تي ڪرندا، پوءِ کين خبر پوندي تہ آءٌ اوھان سان پيار ڪريان ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ