Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 17:18 - Common Language New Testament

18 جيئن تو مون کي دنيا ۾ موڪليو آھي، تيئن مون بہ انھن کي دنيا ۾ موڪليو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 جيئن تو مون کي دنيا ۾ موڪليو آهي، تيئن مون بہ کين دنيا ۾ موڪليو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

18 جيئن تو مون کي سنسار ۾ موڪليو آهي، تيئن مون بہ انهن کي سنسار ۾ موڪليو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 جيئن تو مون کي دنيا ۾ موڪليو آهي، تيئن مون بہ انهن کي دنيا ۾ موڪليو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 17:18
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انھن ٻارھن رسولن کي عيسيٰ ھيٺين ھدايتن سان روانو ڪيو تہ ”ڪنھن بہ غير قوم جي علائقي ڏانھن يا سامرين جي شھرن ۾ نہ وڃجو،


تنھنڪري آءٌ اوھان ڏانھن نبي، سياڻا ماڻھو ۽ شريعت جا معلم موڪليندس. اوھين انھن مان ڪن کي ماري وجھندا، ڪن کي صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻندا ۽ ڪن کي پنھنجن عبادت⁠خانن ۾ چھبڪ ھڻندا ۽ شھر بہ شھر سندن پيڇو ڪري کين ستائيندا.


انھيءَ لاءِ تہ اھي سڀ گڏجي ھڪ ٿين. اي بابا! شل اھي اسان ۾ اھڙيءَ طرح گڏجي ھڪ ٿين جھڙيءَ طرح تون مون ۾ آھين ۽ آءٌ تو ۾ آھيان، تہ جيئن دنيا ايمان آڻي تہ تو مون کي موڪليو آھي.


يعني آءٌ انھن ۾ آھيان ۽ تون مون ۾، تہ جيئن اھي پوريءَ طرح پاڻ ۾ ھڪ ٿي وڃن. اھڙيءَ طرح دنيا کي خبر پوي تہ تو مون کي موڪليو آھي ۽ تون انھن سان ايترو پيار ڪرين ٿو جيترو تو مون سان ڪيو آھي.


اي سچا بابا! دنيا تو کي نہ سڃاتو پر مون تو کي سڃاتو آھي ۽ ھنن کي اھا خبر آھي تہ تو مون کي موڪليو آھي.


دائمي زندگي اھا آھي تہ اھي تو ھڪ سچي خدا کي ۽ مون عيسيٰ مسيح کي سڃاڻين، جنھن کي تو موڪليو آھي.


ڇالاءِ⁠جو ڪلام، جيڪو تو مون کي ڏنو سو مون انھن کي ڏنو آھي ۽ انھن اھو قبول ڪيو آھي. انھن کي پڪ آھي تہ آءٌ تو وٽان آيو آھيان ۽ ايمان آندو اٿن تہ تو ئي مون کي موڪليو آھي.


تڏھن عيسيٰ وري چين تہ ”سلام، جيئن پيءُ مون کي موڪليو آھي، تيئن آءٌ بہ اوھان کي ٿو موڪليان.“


خدا پنھنجو فرزند دنيا ۾ انھيءَ لاءِ نہ موڪليو تہ ھو دنيا کي سزا ڏئي، پر انھيءَ لاءِ موڪليائين تہ ھن جي ئي وسيلي دنيا کي ڇوٽڪارو ملي.


مون اوھان کي موڪليو آھي تہ ان ٻنيءَ ۾ فصل جو لابارو ڪريو جتي اوھان ڪم نہ ڪيو آھي. پر ٻين اتي ڪم ڪيو آھي ۽ اوھان انھن جي ڪم مان فائدو ورتو آھي.“


تنھنڪري اسين مسيح جي پاران ايلچي آھيون، ڄڻ تہ خدا اسان جي وسيلي گھُر ٿو ڪري. سو اسين مسيح جي پاران اوھان کي منٿ ٿا ڪريون تہ خدا سان صلح ڪريو.


خدا جي فضل جي انھيءَ بخشش سان، جيڪا سندس قدرت جي اثر ڪري مون کي عطا ٿي ھئي، آءٌ انھيءَ خوشخبريءَ جو خادم بڻايو ويس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ