Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 16:8 - Common Language New Testament

8 جڏھن ھو ايندو تڏھن سڄيءَ دنيا کي گناھہ، سچائيءَ ۽ انصاف جي نسبت ڏوھاري ٺھرائيندو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 ۽ اُهو جڏهن ايندو، تڏهن دنيا کي گناهہ، ۽ راستبازيءَ، ۽ عدالت نسبت ڏوهاري ٺهرائيندو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

8 جڏهن هو ايندو تڏهن ظاهر ڪندو تہ سڄو سنسار پاپ، سچائيءَ ۽ عدالت جي باري ۾ ڪيڏو نہ ڀَٽڪيل آهي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 جڏهن هو ايندو تڏهن ظاهر ڪندو تہ سڄي دنيا گناهہ، سچائيءَ ۽ عدالت جي باري ۾ ڪيڏي نہ گمراهہ ٿيل آهي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 16:8
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اوھان لاءِ اھو وڌيڪ چڱو آھي تہ آءٌ ھليو وڃان، ڇاڪاڻ⁠تہ جيڪڏھن آءٌ نہ ويندس تہ اھو مددگار اوھان وٽ نہ ايندو. پر جيڪڏھن آءٌ ويندس تہ پوءِ ھن کي اوھان ڏانھن ضرور موڪليندس.


گناھہ جي نسبت ھيئن جو ماڻھو مون تي ايمان نہ ٿا آڻين،


اوھان مان ڪو اھڙو آھي، جيڪو ثابت ڪري تہ مون گناھہ ڪيو آھي؟ جيڪڏھن آءٌ سچ ٿو چوان تہ پوءِ اوھين مون تي ڇو نہ ٿا ايمان آڻيو؟


جڏھن انھن اھا ڳالھہ ٻڌي تڏھن انھن مان پھريائين وڏا ۽ پوءِ ننڍا ھڪڙو ھڪڙو ٿي ھليا ويا. پوءِ رڳو عيسيٰ اڪيلو وڃي رھيو ۽ اھا عورت بيٺي رھي.


جڏھن ماڻھن اھو ٻڌو تہ اھا ڳالھہ سندن دلين ۾ چڀي ويئي ۽ پطرس ۽ ٻين رسولن کي چيائون تہ ”ڀائرؤ! اسين ھاڻي ڇا ڪريون؟“


پر جيڪڏھن سڀيئي خدا جو ڪلام ٻڌائيندا ۽ ڪو ايمان نہ آڻيندڙ يا اوپرو ماڻھو اندر لنگھي ايندو تہ اھو ٻڌي ھن کي پاڻ ۾ گناھہ نظر ايندا ۽ پرکجي ويندو.


ھو انھيءَ لاءِ ٿو اچي تہ جيئن ھر ھڪ سان انصاف ڪري ۽ انھن سڀني بدڪارن کي سزا ڏئي، جن بدڪاريءَ جو طريقو اختيار ڪري بدڪاريءَ جا ڪم ڪيا. ھو انھن سڀني سخت ڳالھين لاءِ کين ڏوھاري ٺھرائيندو، جيڪي ھنن وڏن گنھگارن سندس برخلاف ڪيون آھن.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ