Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 16:2 - Common Language New Testament

2 ماڻھو اوھان کي عبادت⁠خانن مان ڪڍي ڇڏيندا ۽ اھو بہ وقت ايندو جڏھن ڪو اوھان کي ماري وجھندو ۽ ائين سمجھندو تہ ’آءٌ خدا جي خدمت ٿو ڪريان.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 هو اوهان کي عبادتگاهن مان لوڌي ڪڍندا، بلڪ اُها گهڙي اچي ٿي، تہ جيڪو ڪو اوهان کي ماري وجهندو، سو ڀائيندو تہ آئون خدا جي خدمت ٿو ڪريان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 ڏسو، ماڻهو اوهان کي ڀڳتيءَ وارين جاين مان نيڪالي ڏيئي ڇڏيندا، بلڪ اهو وقت بہ ايندو جڏهن ڪو اوهان کي قتل ڪندي ائين سمجھندو تہ ’آءٌ ايشور جي سيوا ٿو ڪريان.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 ڏسو، ماڻهو اوهان کي عبادت‌خانن مان نيڪالي ڏيئي ڇڏيندا، بلڪ اهو وقت بہ ايندو جڏهن ڪو اوهان کي قتل ڪندي ائين سمجھندو تہ ’آءٌ خدا جي خدمت ٿو ڪريان.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 16:2
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انھن کان نہ ڊڄو، جيڪي رڳو جسم کي مارين ٿا پر روح کي نہ ٿا ماري سگھن. تنھنڪري خدا کان ڊڄو، جيڪو ٻنھي يعني جسم ۽ روح کي ماري جھنم ۾ وجھي سگھي ٿو.


پوءِ اوھان کي عذاب ڏيڻ ۽ مارائڻ لاءِ ٻين جي حوالي ڪيو ويندو. منھنجي نالي جي ڪري سڀني قومن جا ماڻھو اوھان کان نفرت ڪندا.


سڀاڳا آھيو اوھين، جڏھن ماڻھو ابن⁠آدم جي ڪري توھان کي ڌڪاريندا، ناتا ٽوڙيندا، ڦٽ لعنت ڪندا ۽ ائين بہ چوندا تہ اوھين بڇڙا آھيو.


تنھن ھوندي بہ ڪيترن ئي اڳواڻن عيسيٰ تي ايمان آندو، پر فريسين جي ڪري اھي کُليءَ طرح اقرار نہ پيا ڪن، تہ متان کين عبادت⁠گاھن مان ٻاھر ڪڍي نہ ڇڏين.


”ھن وقت تائين مون اوھان کي اھي ڳالھيون مثالن ۾ پئي ٻڌايون آھي، پر اھو وقت ايندو جڏھن آءٌ اوھان سان مثالن ۾ نہ ڳالھائيندس، پر اوھان سان پيءُ بابت صاف صاف ڳالھائيندس.


تہ پوءِ ڏسو، اھا گھڙي اچي رھي آھي، بلڪ اچي پھتي آھي جڏھن اوھين سڀيئي ڇڙوڇڙ ٿي ويندا ۽ ھر ڪو پنھنجي پنھنجي گھر ھليو ويندو ۽ مون کي اڪيلو ڇڏي ڏيندا. پر حقيقت ۾ آءٌ اڪيلو نہ آھيان، ڇاڪاڻ⁠تہ پيءُ مون سان گڏ آھي.


عيسيٰ چيس تہ ”اي مائي! مون تي اعتبار ڪرين تہ اھا گھڙي اچي رھي آھي جڏھن اوھين پيءُ جي عبادت نہ ھن جبل تي ۽ نڪي يروشلم ۾ ڪندا.


پر اھا گھڙي اچي رھي آھي، بلڪ ھاڻي اچي پھتي آھي، جڏھن سچا عبادت ڪندڙ روح ۽ سچائيءَ سان پيءُ جي عبادت ڪندا ۽ پيءُ بہ اھڙن عبادت ڪندڙن کي چاھي ٿو.


سندس ماءُ⁠پيءُ ائين انھيءَ ڪري چيو، ڇالاءِ⁠جو ھو يھودي اڳواڻن کان ڊنا ٿي، جن اڳي ئي ٺھراءُ ڪري ڇڏيو ھو تہ جيڪڏھن ڪو ماڻھو عيسيٰ کي مسيح ڪري مڃيندو تہ ھو انھيءَ کي پنھنجي عبادت⁠گاھہ مان ڪڍي ڇڏيندا.


تنھن تي انھن چيس تہ ”تون اصل ڄائو ئي گناھن ۾ آھين ۽ ھاڻي تون ٿو اسان کي سيکارين؟“ پوءِ تہ انھن کيس عبادت⁠خاني مان ڪڍي ڇڏيو.


جڏھن ڪائونسل جي ماڻھن اھو ٻڌو تہ اھي ايترا تہ ڪاوڙيا جو رسولن کي مارڻ لاءِ تيار ٿي ويا.


ھن چيو تہ ”اِجھو، مون کي آسمان کليل نظر ٿو اچي ۽ ابن⁠آدم خدا جي ساڄي پاسي بيٺو آھي.“


جڏھن ھو اسان جي گلا ڪن ٿا تہ اسين سندن نيڪي ٿا ڪريون. اسين ھن وقت تائين جھان جو گند ڪچرو ۽ سڀني شين جو ٻھر پيا ليکجون.


مذھبي جوش جي لحاظ کان ڪليسيا جو ستائيندڙ ھوس ۽ جيستائين شريعت جي سچائيءَ جو سوال آھي تہ ان لحاظ کان آءٌ بي⁠عيب ھوس.


جڏھن گھيٽي پنجين مُھر ٽوڙي تڏھن مون قربان⁠گاھہ جي ھيٺان انھن جا روح ڏٺا، جيڪي خدا جي ڪلام ۽ ان جي شاھديءَ تي قائم رھڻ سبب قتل ڪيا ويا ھئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ