يوحنا 16:19 - Common Language New Testament19 عيسيٰ ڄاتو پئي تہ سندس شاگرد کانئس ڪجھہ پڇڻ گھرن ٿا، سو کين چيائين تہ ”ڇا اوھين ھڪٻئي کان اھو پڇي رھيا آھيو جيڪو مون چيو تہ ’ٿوريءَ دير کان پوءِ اوھين مون کي ڪين ڏسندا ۽ وري ٿوريءَ دير کان پوءِ اوھين مون کي ڏسندا؟‘ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible19 يسوع سهي ڪيو تہ هنن جي مرضي آهي تہ مون کان پڇن، تنهنڪري چيائين، تہ اوهين هن بابت ٿا پاڻ ۾ پڇو، جو مون چيو تہ ٿوريءَ دير کانپوءِ اوهين مون کي ڪين ڏسندا، ۽ وري ٿوريءَ دير کانپوءِ اوهين مون کي ڏسندا؟ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Hindu Sindhi Bible19 يسوع ڄاڻي ورتو تہ سندس چيلا کانئس ڪجھہ پڇڻ گھرن ٿا. سو کين چيائين تہ ”ڇا اوهين هڪٻئي کان اهو پڇي رهيا آهيو جيڪو مون چيو تہ ’ٿوريءَ دير کان پوءِ اوهين مون کي ڪين ڏسندا. پوءِ ٿوريءَ دير بعد اوهين مون کي وري ڏسندا‘؟ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible19 عيسيٰ ڄاڻي ورتو تہ سندس شاگرد کانئس ڪجھہ پڇڻ گھرن ٿا. سو کين چيائين تہ ”ڇا اوهين هڪٻئي کان اهو پڇي رهيا آهيو جيڪو مون چيو تہ ’ٿوريءَ دير کان پوءِ اوهين مون کي ڪين ڏسندا. پوءِ ٿوريءَ دير بعد اوهين مون کي وري ڏسندا‘؟ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
وري ٽيون دفعو ھن چيس تہ ”اي شمعون، يوحنا جا پٽ! ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو؟“ تنھن تي پطرس کي ڏک ٿيو، ڇالاءِجو ھن ٽيون دفعو کيس چيو ھو تہ ”ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو.“ پوءِ پطرس چيس تہ ”اي خداوند! تو کي سڀني ڳالھين جي خبر آھي ۽ تون چڱيءَ طرح ڄاڻين ٿو تہ آءٌ تو سان پيار ڪريان ٿو.“ عيسيٰ چيس تہ ”پوءِ منھنجين رڍن کي وڃي چار.