Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 16:14 - Common Language New Testament

14 ھو منھنجو جلوو ظاھر ڪندو، ڇاڪاڻ⁠تہ منھنجون ڳالھيون اوھان کي کولي ٻڌائيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 هو منهنجو جلال ظاهر ڪندو: ڇالاءِ تہ هو منهنجيون ڳالهيون وٺي اوهان کي کولي ٻُڌائيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 اهڙيءَ طرح اها منهنجي جوت ظاهر ڪندي، ڇاڪاڻ تہ اهي منهنجيون ڳالهيون هونديون جيڪي اوهان کي کولي ٻڌائيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 اهڙيءَ طرح اهو منهنجو جلوو ظاهر ڪندو، ڇاڪاڻ تہ اهي منهنجيون ڳالهيون هونديون جيڪي اوهان کي کولي ٻڌائيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 16:14
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جنھن کي منھنجي حڪمن جي خبر آھي ۽ ھو انھن تي عمل ڪري ٿو سو ئي مون سان پيار ڪري ٿو. جيڪو مون سان پيار ڪري ٿو، تنھن سان منھنجو پيءُ پيار ڪندو ۽ آءٌ بہ انھيءَ سان پيار ڪندس ۽ مٿس پاڻ ظاھر ڪندس.“


پر اھو مددگار ايندو جيڪو آءٌ پيءُ وٽان اوھان ڏانھن موڪليندس، يعني سچ جو پاڪ روح، جيڪو پيءُ مان نڪري ٿو سو مون بابت شاھدي ڏيندو.


ھن اھا ڳالھہ پاڪ روح بابت ٿي ڪئي، جيڪو انھن ماڻھن کي ملڻو ھو جن مٿس ايمان آندو ھو. پر انھن کي پاڪ روح اڃا نہ مليو ھو، ڇالاءِ⁠جو عيسيٰ جو جلوو اڃا ظاھر نہ ٿيو ھو.


تنھنڪري آءٌ اوھان کي سمجھائڻ گھران ٿو تہ خدا جي روح جي اثر ھيٺ ڪوبہ نہ چوندو تہ عيسيٰ لعنتي آھي ۽ نہ وري ڪو پاڪ روح کان سواءِ چئي سگھندو تہ عيسيٰ خداوند آھي.


ڇاڪاڻ⁠تہ خدا، جنھن فرمايو تہ ”اونداھيءَ ۾ روشني چمڪي،“ تنھن اھا اسان جي دلين ۾ چمڪائي، تہ جيئن اسين عيسيٰ مسيح جي چھري کي ڏسي ڪري خدا جي شان کي سڃاڻي سگھون.


پر اسين پاڪ روح جي وسيلي ايمان جي ڪري سچار بڻايا وينداسين. انھيءَ اميد جي پوري ٿيڻ جو اسين وڏي چاھہ سان انتظار ڪري رھيا آھيون.


تنھنڪري اوھين، جن ايمان آندو آھي، تن جي لاءِ اھو قيمتي پٿر آھي. پر جيڪي ايمان نہ ٿا آڻين تن جي لاءِ اھو لکيل آھي تہ ”جنھن پٿر کي رازن رد ڪري ڇڏيو، سو ئي پيڙھہ جو پٿر ٿيو.“


ھن جو حڪم ھيءُ آھي تہ اسين سندس فرزند عيسيٰ مسيح جي نالي تي ايمان آڻيون ۽ ھڪ ٻئي سان ائين پيار ڪريون جيئن ھن اسان کي حڪم ڏنو آھي.


اسين اھو بہ ڄاڻون ٿا تہ خدا جو فرزند آيو آھي. ھن اسان کي سمجھہ بخشي آھي تہ اسين انھيءَ خدا کي سڃاڻون جيڪو حق آھي ۽ اسين انھيءَ حقيقي خدا جا آھيون، تھڙيءَ ئي طرح سندس فرزند عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل پڻ آھيون. اھو ئي حقيقي خدا ۽ دائمي زندگي آھي.


ھي اھو ئي آھي جيڪو پاڻيءَ ۽ رت جي وسيلي آيو، يعني عيسيٰ مسيح. ھو نہ رڳو پاڻيءَ جي وسيلي، پر پاڻيءَ ۽ رت ٻنھي جي وسيلي آيو آھي.


آءٌ کيس سجدو ڪرڻ لاءِ سندس پيرن تي ڪري پيس. پر ھُن مون کي چيو تہ ”ڏس، متان ائين ڪرين، آءٌ تہ تو سان ۽ تنھنجي ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ خدمت ڪرڻ وارو آھيان ۽ اسين سڀ عيسيٰ جي شاھديءَ تي قائم آھيون. رڳو خدا کي ئي سجدو ڪر، ڇالاءِ⁠جو عيسيٰ جي شاھدي ئي نبوت جو روح آھي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ