Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 15:8 - Common Language New Testament

8 اوھان جي گھڻي ميوي جھلڻ مان ثابت ٿيندو تہ اوھين منھنجا شاگرد آھيو ۽ انھيءَ ڳالھہ مان منھنجي پيءُ جو جلوو ظاھر ٿئي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 هن ڳالهہ ۾ منهنجي پيءُ جو جلال ظاهر ٿو ٿئي، تہ اوهين گهڻو ڦل پيدا ڪريو؛ پوءِ اوهين منهنجا شاگرد ٿيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

8 اوهان جي گھڻي ميوي جھلڻ مان ثابت ٿيندو تہ اوهين منهنجا چيلا آهيو ۽ انهيءَ ڳالهہ مان منهنجي پتا جي جوت ظاهر ٿئي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 اوهان جي گھڻي ميوي جھلڻ مان ثابت ٿيندو تہ اوهين منهنجا شاگرد آهيو ۽ انهيءَ ڳالهہ مان منهنجي پيءُ جو جلوو ظاهر ٿئي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 15:8
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ساڳيءَ طرح اوھان جي روشني بہ ماڻھن اڳيان ائين چمڪي جو اھي اوھان جا چڱا ڪم ڏسي اوھان جو پيءُ، جيڪو آسمان ۾ آھي، تنھن جي واکاڻ ڪن.“


پر ھاڻي آءٌ اوھان کي چوان ٿو تہ پنھنجن دشمنن سان پيار ڪريو ۽ جيڪي اوھان کي ستائين تن لاءِ دعا گھرو،


جڏھن ماڻھن ھي ڏٺو تہ عجب ۾ پئجي ويا ۽ خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳا تہ انسان کي ھن ڪيڏي نہ طاقت ڏني آھي!


پر اوھين پنھنجن دشمنن سان پيار ڪريو ۽ ساڻن ڀلائي ڪريو. کين اڌارو ڏيو پر واپس وٺڻ جي اميد نہ رکو، تہ توھان کي وڏو اجر ملندو ۽ اوھين خدا تعاليٰ جا ٻار ٿيندا، ڇالاءِ⁠جو ھو ناشڪرن ۽ بڇڙن تي پڻ مھربان آھي.


جيڪڏھن اوھين ھڪٻئي سان پيار ڪندا تہ پوءِ سڀني کي خبر پوندي تہ اوھين منھنجا شاگرد آھيو.“


آءٌ ڊاک جي ول آھيان ۽ اوھين منھنجون ٽاريون آھيو. جيڪو مون ۾ رھي ٿو، تنھن ۾ آءٌ رھان ٿو ۽ اھو ئي گھڻو ميوو جھليندو، ڇالاءِ⁠جو اوھين مون کان سواءِ ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿا سگھو.


پوءِ جن يھودين مٿس ايمان آندو ھو، عيسيٰ تن کي چيو تہ ”جيڪڏھن اوھين منھنجي تعليم تي قائم رھندا تہ اوھين سچ⁠پچ منھنجا شاگرد آھيو.


تنھنڪري توڙي اوھين کائو يا پيئو، يا جيڪي ڪجھہ ڪريو، سو سڀ خدا جي جلوي خاطر ڪريو.


ڇالاءِ⁠جو اوھين مُلھہ ورتل آھيو. تنھنڪري اوھين پنھنجي بدن سان خدا جو جلوو ظاھر ڪريو.


شل اوھين سچائيءَ جي انھيءَ ڦل سان ڀريل رھو، جيڪو عيسيٰ مسيح جي وسيلي آھي، تہ جيئن خدا جو جلال ظاھر ٿئي ۽ سندس واکاڻ ٿئي.


نہ ئي اھي چوري چڪاري ڪن، بلڪ ھر طرح سان چڱا ۽ ديانتدار ٿي پيش اچن، انھيءَ لاءِ تہ اھي اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ خدا جي تعليم کي ھر طرح سان سينگاريندا رھن.


سمجھُو ۽ پاڪدامن ھجن، گھر ۾ ڪم ڪار ڪندڙ، مھربان ۽ پنھنجن مڙسن جون تابعدار ھجن تہ جيئن خدا جو ڪلام بدنام نہ ٿئي.


غير قومن ۾ پنھنجي ھلت چلت چڱي رکو، تہ جيئن جيڪي اوھان تي بدڪار ھئڻ جي تھمت ٿا ھڻن سي اوھان جا چڱا ڪم ڏسي انھيءَ ڏينھن تي خدا جي واکاڻ ڪن جڏھن خداوند اچي عدالت ڪندو.


جيڪڏھن ڪو ماڻھو پيغام ڏئي تہ سندس پيغام اھڙو ھجي جھڙو خدا جو ڪلام آھي. جيڪڏھن ڪو خدمت ڪري تہ انھيءَ طاقت موجب ڪري جيڪا خدا کيس بخشي ٿو، انھيءَ لاءِ تہ سڀني ڳالھين ۾ عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا جي واکاڻ ٿئي. سندس وڏائي ۽ بادشاھي ھميشہ ھميشہ تائين قائم رھي. آمين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ