Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 15:5 - Common Language New Testament

5 آءٌ ڊاک جي ول آھيان ۽ اوھين منھنجون ٽاريون آھيو. جيڪو مون ۾ رھي ٿو، تنھن ۾ آءٌ رھان ٿو ۽ اھو ئي گھڻو ميوو جھليندو، ڇالاءِ⁠جو اوھين مون کان سواءِ ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿا سگھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 آئون ڊاک جي ول آهيان، ۽ اوهين ٽاريون آهيو: جيڪو مون ۾ ٿو رهي، ۽ آئون ان ۾، سو ئي ججهو ڦل ٿو ڏئي: ڇالاءِ تہ مون ڌاران اوهين ڪجهہ بہ ڪري نٿا سگهو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5 آءٌ ول آهيان ۽ اوهين منهنجيون ٽاريون آهيو. جيڪو مون ۾ رهي ٿو، تنهن ۾ آءٌ رهان ٿو ۽ اهو ئي گھڻو ميوو جھليندو، ڇاڪاڻ تہ مون کان جدا ٿي اوهين ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿا سگھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 آءٌ ول آهيان ۽ اوهين منهنجيون ٽاريون آهيو. جيڪو مون ۾ رهي ٿو، تنهن ۾ آءٌ رهان ٿو ۽ اهو ئي گھڻو ميوو جھليندو، ڇاڪاڻ تہ مون کان جدا ٿي اوهين ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿا سگھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 15:5
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر اھو ڪلام انھن جي دلين ۾ پاڙ نہ ٿو ھڻي ۽ گھڻو وقت جٽاءُ نہ ٿو ڪري. تنھنڪري جڏھن ڪلام جي ڪري ڪا مصيبت يا تڪليف اچين ٿي تہ اھي جلدي ڦري وڃن ٿا.


آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيستائين ڪڻڪ جو داڻو زمين ۾ پورجي نہ ٿو تيستائين اڪيلو ٿو رھي. پر جي پورجي ٿو تہ ڪيئي داڻا پيدا ڪري ٿو.


اوھان مون کي ڪين چونڊيو آھي، بلڪ مون اوھان کي چونڊيو آھي ۽ انھيءَ لاءِ مقرر ڪيو اٿم تہ وڃي اھڙو ميوو جھليو جيڪو ھميشہ ھلي. پوءِ اوھين پيءُ کان منھنجي نالي تي جيڪي بہ گھرندا سو ھو اوھان کي ڏيندو.


پوءِ عيسيٰ يھودي اڳواڻن کي وراڻيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ فرزند پاڻ ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿو سگھي. ھو رڳو اھي ڪم ڪري ٿو جيڪي پنھنجي پيءُ کي ڪندي ٿو ڏسي، ڇالاءِ⁠جو جيڪي پيءُ ڪري ٿو سو ئي فرزند ٿو ڪري.


جيڪڏھن ھي ماڻھو خدا جي طرفان نہ ھجي ھا تہ ڪجھہ بہ نہ ڪري سگھي ھا.“


ڪنھن بہ ٻئي جي ھٿ ۾ ڇوٽڪارو نہ آھي، ڇالاءِ⁠جو آسمان جي ھيٺان ماڻھن کي ٻيو ڪوبہ نالو ڏنل ڪونھي جنھن جي وسيلي اسان کي ڇوٽڪارو ملي.“


تھڙيءَ طرح اسين بہ جيتوڻيڪ گھڻا ئي آھيون، پر مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري ھڪ جسم ٿيا آھيون ۽ پاڻ ۾ ھڪ ٻئي جا عضوا آھيون.


پر ھاڻي اوھين گناھن کان آزاد ڪيا ويا آھيو ۽ خدا جا غلام ٿيا آھيو، جنھن جو اجر اوھان جي پاڪائي آھي ۽ جنھن جو نتيجو آھي دائمي زندگي.


منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! اھڙيءَ طرح عيسيٰ جي جسماني موت جي وسيلي اوھين بہ شريعت جي نسبت ۾ مري ويا آھيو. ھاڻي اوھين مسيح جي بدن جا عضوا آھيو ۽ اوھين انھيءَ جا ئي آھيو جيڪو مئلن مان جيئرو ٿيو. اھو انھيءَ لاءِ ٿيو تہ اسين خدا جي لائق ڦل جھليون.


جڏھن اسين خداوند جي موت جي ياد ۾ پيالو پيئندي سندس شڪرانو ٿا ادا ڪريون، تڏھن مسيح جي رت ۾ شريڪ نہ آھيون ڇا؟ ۽ جڏھن اسين ماني ڀڃي کائون ٿا، تڏھن مسيح جي بدن ۾ شريڪ نہ آھيون ڇا؟


جيئن بدن ھڪ ۽ ان جا عضوا گھڻا آھن ۽ بدن جا سڀ عضوا جيتوڻيڪ گھڻا آھن پر تڏھن بہ گڏجي ھڪڙو ئي بدن ٺاھن ٿا، تيئن مسيح بہ آھي.


سو اوھين سڀ گڏجي مسيح جو بدن آھيو ۽ ھر ھڪ سندس عضوو آھي.


ڇالاءِ⁠جو اسين سچائيءَ جي خلاف ڪجھہ بہ نہ ٿا ڪري سگھون، پر رڳو ھن جي حق ۾ ئي ڪري ٿا سگھون.


خدا، جيڪو پوکيندڙ کي ٻج ۽ کائڻ لاءِ ماني ٿو ڏئي، سو اوھان کي بہ پوکڻ لاءِ ٻج ڏيندو ۽ انھيءَ کي وڌائيندو. اھو ئي اوھان جي سخاوت جو ڦل بہ وڌائيندو.


پر پاڪ روح جو ڦل آھي پيار، خوشي، اطمينان، صبر، مھرباني، نيڪي، ايمانداري،


ھن ڪري جو روشنيءَ جو ڦل ھر طرح جي چڱائيءَ، صداقت ۽ سچائيءَ ۾ آھي.


شل اوھين سچائيءَ جي انھيءَ ڦل سان ڀريل رھو، جيڪو عيسيٰ مسيح جي وسيلي آھي، تہ جيئن خدا جو جلال ظاھر ٿئي ۽ سندس واکاڻ ٿئي.


خداوند، جيڪو مون کي طاقت ٿو بخشي تنھن جي وسيلي آءٌ ھر ڳالھہ کي منھن ڏيئي ٿو سگھان.


ائين نہ آھي تہ آءٌ بخشش ٿو گھران. پر آءٌ اھڙو اجر ٿو گھران جيڪو اوھان جي حساب ۾ وڌندو وڃي.


اھا دعا اسين انھيءَ لاءِ ٿا گھرون تہ جيئن اوھين پنھنجي زندگي خداوند جي لائق گذاري سگھو، ھن کي ھر طرح خوش رکي سگھو ۽ ھر ڪنھن چڱي ڪم ۾ ڦلدار ٿيندي خدا جي سڃاڻپ ۾ وڌندا وڃو.


اھا خوشخبري اوھان ڏانھن آيل آھي. جھڙيءَ طرح سڄيءَ دنيا ۾ تھڙيءَ طرح انھيءَ ڏينھن کان وٺي اوھان ۾ بہ اھا ڦل پيدا ڪندي ۽ وڌندي ٿي رھي، جڏھن اوھان ان کي ٻڌو ۽ حقيقت ۾ خدا جي فضل کي سمجھيو.


ھر چڱي بخشش ۽ ھر ڪامل انعام مٿان ٿو اچي، يعني انھيءَ خدا پيءُ وٽان ھيٺ ٿو لھي، جيڪو آسماني روشنين جو پيدا ڪندڙ آھي. ھو ڦرندڙ پاڇن وانگر تبديل نہ ٿو ٿئي.


انھيءَ جيئري پٿر، يعني مسيح وٽ اچو جنھن کي ماڻھن تہ رد ڪري ڇڏيو، پر خدا ان کي قيمتي ڄاڻي چونڊيو.


پر اوھين اسان جي خداوند ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي فضل ۽ سڃاڻپ جي وسيلي وڌندا رھو. شل انھيءَ جي واکاڻ ھاڻي بہ ٿئي ۽ ھميشہ تائين ٿيندي رھي. آمين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ