Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 15:25 - Common Language New Testament

25 پر اھو انھيءَ لاءِ ٿيو تہ جيڪي سندن شريعت ۾ لکيل آھي سو پورو ٿئي تہ ’انھن مون کان ناحق نفرت ڪئي آھي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 پر هيئن جو ٿيو آهي، سو انهيءَ لاءِ تہ ڪلام، جو هنن جي شريعت ۾ لکيل آهي، تہ ”مون سان ناحق نفرت ڪئي اٿن،“ سو پورو ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

25 پر اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ جيڪي سندن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي سو پورو ٿئي تہ ’انهن مون کان ناحق نفرت ڪئي آهي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 پر اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ جيڪي سندن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي سو پورو ٿئي تہ ’انهن مون کان ناحق نفرت ڪئي آهي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 15:25
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بيمارن کي شفا ڏجو ۽ مئلن کي جيارجو، ڪوڙھہ جھڙي مرض وارن کي پاڪ صاف ڪجو ۽ ماڻھن مان ڀوت ڪڍجو. اوھان کي مفت ۾ مليو آھي تنھنڪري اوھين بہ مفت ۾ ڏجو.


پوءِ عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اھي ئي ڳالھيون ھيون جيڪي مون اوھان کي ٻڌايون ھيون، جڏھن اڃا اوھان سان ھوس، تہ منھنجي بابت جيڪوبہ موسيٰ جي توريت، نبين جي لکتن ۽ زبور ۾ لکيل آھي، سو سڀ ضرور پورو ٿيندو.“


عيسيٰ چيو تہ ”ڇا اوھان جي شريعت ۾ اھو لکيل نہ آھي تہ خدا چيو تہ ’اوھين خدا جا فرزند آھيو.‘


”آءٌ اوھان سڀني بابت نہ ٿو ڳالھايان. جن کي مون چونڊيو آھي تن کي آءٌ ڄاڻان ٿو. پر پاڪ لکت پوري ٿيڻ گھرجي، جنھن ۾ لکيل آھي تہ ’جيڪو منھنجي ماني کائي ٿو، سو ئي منھنجي خلاف ٿيندو.‘


اھو انھيءَ لاءِ ٿيو تہ جيئن پاڪ لکت پوري ٿئي جنھن ۾ لکيل آھي تہ ”ھن جو ھڪڙو بہ ھڏو نہ ڀڄندو.“


ھاڻي اسين ڄاڻون ٿا تہ شريعت رڳو انھن تي واجب آھي، جيڪي شريعت تحت رھن ٿا. آخرڪار نتيجو اھو نڪتو تہ ڪوبہ ماڻھو ائين چئي نہ ٿو سگھي تہ کيس گناھہ جي خبر ڪانہ ھئي، بلڪ سڄي دنيا خدا ڏانھن جوابدار آھي.


رڳو خدا جي فضل جي بخشش جي ڪري اھي عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا ڏانھن سچار بڻجن ٿا، جيڪو کين گناھن کان ڇڏائي ٿو.


مون اوھان کي خدا جي خوشخبري مفت ۾ ٻڌائي ۽ پنھنجو پاڻ کي ھيٺ ڪيو تہ جيئن اوھين مٿي ٿيو. ڇا اھو ئي منھنجو گناھہ آھي؟


آءٌ خدا جي فضل کي بيڪار نہ ٿو وڃايان، ڇاڪاڻ⁠تہ سچائي جيڪڏھن شريعت جي وسيلي ملي ھا تہ پوءِ مسيح جو مرڻ اجايو ٿئي ھا.


ڪنھن جي ماني مفت نہ کاڌيسين بلڪ محنت ۽ مشقت ڪري رات ڏينھن پورھيو ڪيوسين، انھيءَ لاءِ تہ اوھان مان ڪنھن تي بہ بار نہ ٿيون.


ھن مون کي چيو تہ ”اھي ڳالھيون پوريون ٿي چڪيون آھن. آءٌ اول ۽ آخر، ازلي ۽ ابدي آھيان. جيڪو اڃايل آھي تنھن کي آبِ⁠حيات جي چشمي مان مفت پياريندس.


پاڪ روح ۽ ڪنوار ٻئي چون ٿا تہ ”اچ“ ۽ ھر ٻڌڻ وارو بہ ڀلي چوي تہ ”اچ.“ جيڪو اڃايل آھي سو ڀلي اچي ۽ جنھن جي مرضي ھجي سو آبِ⁠حيات مفت پيئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ