Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 15:15 - Common Language New Testament

15 ھن کان پوءِ آءٌ اوھان کي نوڪر نہ سڏيندس، ڇاڪاڻ⁠تہ نوڪر کي خبر نہ ھوندي آھي تہ سندس مالڪ ڇا ڪري رھيو آھي. پر مون اوھان کي دوست ڪري سڏيو آھي، ڇالاءِ⁠جو جيڪي ڳالھيون مون پنھنجي پيءُ کان ٻڌيون آھن سي سڀ اوھان کي ٻڌايون اٿم.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 هن کان پوءِ آئون اوهان کي نوڪر ڪري نٿو سڏيان؛ ڇالاءِ تہ نوڪر کي خبر نہ آهي تہ سندس مالڪ ڇا ٿو ڪري: پر مون اوهان کي دوست ڪري سڏيو آهي؛ ڇالاءِ تہ جيڪي ڳالهيون مون پنهنجي پيءُ وٽان ٻُڌيون آهن، سي سموريون اوهان کي ڄاڻايون اٿم.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

15 هن کان پوءِ آءٌ نہ چوندس تہ اوهين داس آهيو، ڇاڪاڻ تہ داس کي سڌ نہ هوندي آهي تہ سندس مالڪ ڇا ڪري رهيو آهي. پر مون اوهان کي دوست ڪري سڏيو آهي، ڇاڪاڻ تہ جيڪي ڳالهيون مون پنهنجي پتا کان ٻڌيون آهن سي سڀ اوهان کي ٻڌايون اٿم.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 هن کان پوءِ آءٌ نہ چوندس تہ اوهين غلام آهيو، ڇاڪاڻ تہ غلام کي خبر نہ هوندي آهي تہ سندس مالڪ ڇا ڪري رهيو آهي. پر مون اوهان کي دوست ڪري سڏيو آهي، ڇاڪاڻ تہ جيڪي ڳالهيون مون پنهنجي پيءُ کان ٻڌيون آهن سي سڀ اوهان کي ٻڌايون اٿم.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 15:15
32 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

عيسيٰ وراڻيو تہ ”انھيءَ ڪري جو اوھان کي تہ آسمان واري بادشاھت جي ڳجھن جي سمجھہ ڏني ويئي آھي پر انھن کي نہ،


پوءِ عيسيٰ شاگردن ڏانھن ڦري انھن کي پنھنجيءَ پَرِ ۾ چيو تہ ”سڀاڳا آھيو اوھين جو ھي سڀ ڪجھہ ڏسو ٿا پيا.


جيڪو منھنجي خدمت ڪرڻ چاھي سو منھنجي پٺيان اچي، تہ جيئن جتي آءٌ آھيان اتي منھنجو خدمتگار بہ ھجي. منھنجو پيءُ انھيءَ جي عزت ڪندو جيڪو منھنجي خدمت ڪندو.“


آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ غلام پنھنجي مالڪ کان وڏو نہ آھي ۽ نہ وري موڪليل پنھنجي موڪليندڙ کان.


مون اوھان کي جيڪي ٻڌايو آھي سو ياد رکو تہ ڪوبہ غلام پنھنجي مالڪ کان وڏو نہ آھي. سو جيڪڏھن ماڻھن مون کي ستايو آھي تہ اوھان کي بہ ستائيندا. جيڪڏھن انھن منھنجي تعليم تي عمل ڪيو آھي تہ اوھان جي تعليم تي بہ عمل ڪندا.


مون کي اڃا اوھان سان گھڻيون ئي ڳالھيون ڪرڻيون آھن، پر ھاڻي اوھين سھي ڪين سگھندا.


مون تو کي انھن تي ظاھر ڪيو آھي ۽ اڃا بہ ڪندس، انھيءَ لاءِ تہ جيڪو پيار تو مون سان ڪيو آھي سو انھن ۾ ھجي ۽ آءٌ بہ انھن ۾ ھجان.“


عيسيٰ کيس چيو تہ ”مون کي ھٿ نہ لاءِ، ڇاڪاڻ⁠تہ آءٌ اڃا پيءُ وٽ مٿي موٽي نہ ويو آھيان. پر تون منھنجي ڀائرن وٽ وڃ ۽ کين ٻڌاءِ تہ آءٌ مٿي موٽي وڃان ٿو پنھنجي پيءُ ۽ اوھان جي پيءُ ڏانھن، پنھنجي خدا ۽ اوھان جي خدا ڏانھن.“


عورت چيس تہ ”سائين! آءٌ سمجھان ٿي تہ اوھين ڪي نبي آھيو.


اوھان بابت فيصلي ڪرڻ لاءِ مون وٽ ڪيتريون ئي ڳالھيون آھن. جنھن مون کي موڪليو آھي سو سچو آھي ۽ جيڪي ⁠بہ ڳالھيون مون کانئس ٻڌيون آھن، سي ئي آءٌ دنيا کي ٻڌايان ٿو.“


ڇالاءِ⁠جو مون خدا جو مقصد پوريءَ طرح اوھان کي ٻڌايو آھي ۽ ذري جي بہ ڪسر نہ ڇڏي اٿم.


مون کي پنھنجن ڪمن جي ئي خبر نہ ٿي پوي، ڇالاءِ⁠جو جيڪي ڪم آءٌ ڪرڻ گھران ٿو سي تہ نہ ٿو ڪريان، پر اٽلندو اھي ڪم ڪريان ٿو جن کان مون کي نفرت آھي.


جيئن لکيل آھي تہ ”ڪير خداوند جي سمجھہ کي ڄاڻي ٿو، جو کيس صلاح ڏئي؟“ پر اسان کي تہ مسيح جي سمجھہ مليل آھي.


جيئن تہ اوھين خدا جا ٻار آھيو، تنھنڪري خدا پنھنجي فرزند جو روح اوھان جي دلين ۾ بہ موڪليو آھي. اھو روح ”اي منھنجا بابا!“ چئي پڪاري ٿو.


خدا پوريءَ حڪمت ۽ دانائيءَ سان پنھنجي مرضيءَ جو لڪل ارادو اسان تي ظاھر ڪيو، جيڪو ھن مسيح جي وسيلي پوري ڪرڻ لاءِ اڳ ۾ ئي طئي ڪري ڇڏيو ھو.


اڳئين زماني ۾ ماڻھن کي ھي راز اھڙيءَ طرح نہ ٻڌايو ويو ھو، جھڙيءَ طرح ھاڻي خدا جي پاڪ رسولن ۽ نبين تي پاڪ روح جي وسيلي ظاھر ٿيو آھي.


انھيءَ پيغام ۾ ھڪ راز آھي، جيڪو زمانن ۽ پيڙھين کان ڳجھو رکيو ويو ھو. پر ھاڻي اھو خدا جي قوم تي ظاھر ڪيو ويو آھي.


ھو ھڪ غلام وانگر نہ، پر غلام کان بھتر ھڪ پياري ڀاءُ وانگر اچي رھي. ھو مون کي تمام پيارو آھي. پر غلام ۽ وري مسيحي ڀاءُ ھجڻ ڪري تہ تو کي اڃا بہ وڌيڪ پيارو آھي.


ھي خط يعقوب جي طرفان آھي، جيڪو خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جو ٻانھو آھي. آءٌ انھن خدا جي چونڊيل ماڻھن کي، جيڪي سڄيءَ دنيا ۾ پکڙيل آھن سلام ٿو چوان.


اھڙيءَ طرح پاڪ ڪلام جي اھا ڳالھہ پوري ٿي تہ ”ابراھيم خدا تي ايمان آندو ۽ اھو ايمان ھن لاءِ سچائي ليکيو ويو.“ انھيءَ ڪري ھو خدا جو دوست سڏيو ويو.


اھي کوجنا ۾ ھئا تہ مسيح جو روح، جيڪو منجھن ھو تنھن ڪھڙي وقت ۽ حالتن ڏانھن اشارو ڪري اڳڪٿي ٿي ڪئي تہ مسيح ڏک سھندو ۽ پوءِ جلال حاصل ڪندو.


ھي خط عيسيٰ مسيح جي ٻانھي ۽ رسول شمعون پطرس جي طرفان انھن ڏانھن ٿو لکجي، جن اسان جي خدا ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي سچائيءَ جي وسيلي اسان جھڙو قيمتي ايمان حاصل ڪيو آھي.


ھي خط عيسيٰ مسيح جي ٻانھي ۽ يعقوب جي ڀاءُ يھوداہ جي طرفان آھي. ھي انھن ڏانھن لکجي ٿو، جيڪي چونڊيا ويا آھن ۽ ساڻن پيءُ خدا جو پيار آھي ۽ عيسيٰ مسيح جي وسيلي حفاظت ۾ آھن.


ھن ڪتاب ۾ انھن ڳالھين جو بيان آھي، جيڪي عيسيٰ مسيح ظاھر ڪيون. اھو مڪاشفو خدا ھن کي انھيءَ لاءِ ڏنو تہ پنھنجي ٻانھن کي اھي ڳالھيون ڏيکاري جيڪي جلد ٿيڻ واريون آھن. مسيح پنھنجي ملائڪ جي وسيلي پنھنجي غلام يوحنا تي اھي ڳالھيون ظاھر ڪيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ