Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 15:10 - Common Language New Testament

10 جيڪڏھن اوھين منھنجي حڪمن تي عمل ڪندا تہ اوھين منھنجي پيار ۾ رھندا، جھڙيءَ طرح مون پنھنجي پيءُ جي حڪمن تي عمل ڪيو آھي ۽ سندس پيار ۾ رھان ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 جيڪڏهن اوهين منهنجا حڪم بجا آڻيندا تہ منهنجي پيار ۾ رهندا، جيئن ڪ مون پنهنجي پيءُ جا حڪم بجا آندا آهن، ۽ سندس پيار ۾ قائم آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

10 جيڪڏهن اوهين منهنجي حڪمن تي عمل ڪندا تہ اوهين منهنجي پيار ۾ رهندا، جهڙيءَ طرح مون پنهنجي پتا جي حڪمن تي عمل ڪيو آهي ۽ سندس پيار ۾ رهان ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 جيڪڏهن اوهين منهنجي حڪمن تي عمل ڪندا تہ اوهين منهنجي پيار ۾ رهندا، جهڙيءَ طرح مون پنهنجي پيءُ جي حڪمن تي عمل ڪيو آهي ۽ سندس پيار ۾ رهان ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 15:10
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪوبہ ماڻھو مون کان اھا کسي نہ ٿو پر آءٌ اھا پنھنجي مرضيءَ سان ٿو ڏيان. مون کي پنھنجي جان ڏيڻ جي اختياري آھي ۽ اھا وري موٽائي وٺڻ جي بہ اختياري آھي. ھي حڪم مون کي پنھنجي پيءُ وٽان مليو آھي.“


ڇالاءِ⁠جو جيڪو ڪلام مون ڪيو آھي سو پنھنجي طرفان نہ ڪيو آھي پر پيءُ، جنھن مون کي موڪليو آھي تنھن مون کي حڪم ڏنو آھي تہ مون کي ڇا چوڻ ۽ ڳالھائڻ گھرجي.


”جيڪڏھن اوھين سچ⁠پچ مون سان پيار ڪريو ٿا، تہ اوھين منھنجي حڪمن تي بہ عمل ڪندا.


جنھن کي منھنجي حڪمن جي خبر آھي ۽ ھو انھن تي عمل ڪري ٿو سو ئي مون سان پيار ڪري ٿو. جيڪو مون سان پيار ڪري ٿو، تنھن سان منھنجو پيءُ پيار ڪندو ۽ آءٌ بہ انھيءَ سان پيار ڪندس ۽ مٿس پاڻ ظاھر ڪندس.“


تنھن تي عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”جيڪو مون سان پيار ڪري ٿو سو منھنجي ڪلام تي عمل ڪندو. منھنجو پيءُ ھن سان پيار ڪندو، آءٌ ۽ منھنجو پيءُ ھن وٽ اينداسون ۽ ساڻس گڏجي رھنداسون.


پر اھو انھيءَ لاءِ ٿئي ٿو تہ جيئن دنيا کي خبر پوي تہ آءٌ پيءُ سان پيار ڪريان ٿو ۽ جيئن پيءُ مون کي حڪم ڏنو آھي تيئن ئي ڪريان ٿو. ھاڻي ھلو تہ ھتان ھلون.“


جيڪو ڪم تو مون کي ڪرڻ لاءِ ڏنو ھو، سو مون پورو ڪري تنھنجو جلوو دنيا تي ظاھر ڪيو آھي.


عيسيٰ کين چيو تہ ”منھنجو کاڌو اھو آھي تہ انھيءَ جي مرضي پوري ڪريان جنھن مون کي موڪليو آھي ۽ سندس ڪم پورو ڪريان.


جنھن مون کي موڪليو آھي سو مون سان آھي. ھن مون کي اڪيلو نہ ڇڏيو آھي، ڇالاءِ⁠جو آءٌ ھميشہ اھي ڪم ڪريان ٿو جيڪي کيس پسند آھن.“


اوھان ھن کي ڪڏھن بہ نہ سڃاتو آھي پر آءٌ کيس ڄاڻان ٿو. جيڪڏھن آءٌ چوان ٿو تہ آءٌ ھن کي نہ ٿو ڄاڻان تہ آءٌ بہ اوھان جھڙو ڪوڙو ٿيندس. پر آءٌ کيس ڄاڻان ٿو ۽ سندس ڪلام تي عمل ڪريان ٿو.


طھر ڪرائڻ يا نہ ڪرائڻ ڪجھہ بہ نہ آھي، پر خدا جي حڪمن تي ھلڻ ئي سڀ ڪجھہ آھي.


مطلب تہ، اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان اوھان کي سيکاريو ھو تہ خدا کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪيئن زندگي گذارجي. سچ⁠پچ تہ اوھين اھڙي زندگي گذاري بہ رھيا آھيو. ھاڻي اسين اوھان کي خداوند عيسيٰ جي نالي تي منٿ ٿا ڪريون ۽ نصيحت ٿا ڏيون تہ اوھين انھيءَ ۾ اڃا بہ وڌندا وڃو.


سو اھڙي ئي سردار ڪاھن جي اسان کي گھرج ھئي جيڪو پاڪ، بي⁠ڏوھہ، بي⁠عيب، گنھگارن کان ڌار ۽ آسمانن کان بہ بلند ڪيو ويو ھجي.


ڇالاءِ⁠جو انھن سچائيءَ جي واٽ کي ڄاتو تہ سھي پر انھيءَ پاڪ حڪم کان ڦري ويا، جيڪو کين سونپيو ويو ھو. تنھنڪري انھن لاءِ سٺو ٿئي ھا جو اھي ان واٽ کي ڄاڻن ئي نہ ھا.


جيڪڏھن اسين خدا جي حڪمن تي عمل ڪنداسين، تہ پوءِ اسان کي يقين ٿي ويندو تہ اسين کيس سڃاڻون ٿا.


پر جيڪو ھن جي ڪلام تي عمل ڪري ٿو، تہ بيشڪ انھيءَ شخص ۾ خدا جي محبت ڪامل ٿي آھي. انھيءَ مان اسان کي يقين آھي تہ اسين خدا سان گڏجي ھڪ ٿي ويا آھيون.


جيڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ خدا سان گڏجي ھڪ ٿي ويو آھيان.“ تنھن کي اھڙيءَ طرح ھلڻ گھرجي جھڙيءَ طرح مسيح پاڻ ھلندو ھو.


خدا سان پيار ڪرڻ، معنيٰ اسان جو سندس حڪمن تي عمل ڪرڻ آھي ۽ ھن جا حڪم ڏکيا نہ آھن.


سڀاڳا آھن اُھي جيڪي پنھنجا پھراڻ ڌوئي صاف ٿا ڪن. اُھي زندگيءَ جي وڻ جي ميوي جا حقدار ھوندا ۽ انھيءَ شھر جي دروازن مان داخل ٿيندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ