Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 14:4 - Common Language New Testament

4 جيڏانھن آءٌ وڃي رھيو آھيان، انھيءَ رستي جي اوھان کي خبر آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 ۽ جيڏانهن آئون وڃان ٿو، اُنهيءَ واٽ جي اوهان کي خبر آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

4 جيڏانهن آءٌ وڃي رهيو آهيان، انهيءَ رستي جي اوهان کي سڌ آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 جيڏانهن آءٌ وڃي رهيو آهيان، انهيءَ رستي جي اوهان کي خبر آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 14:4
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇا مسيح لاءِ اھو ضروري نہ ھو تہ ھو ھيئن ڏک سھي ۽ پوءِ اچي پنھنجو شان وَ شوڪت ماڻي؟“


آءٌ اھو در آھيان ۽ جيڪو بہ مون مان اندر گھڙندو سو بچي ويندو. ھو اندر ٻاھر ايندو ويندو ۽ گاھہ بہ ملندس.


جيڪو منھنجي خدمت ڪرڻ چاھي سو منھنجي پٺيان اچي، تہ جيئن جتي آءٌ آھيان اتي منھنجو خدمتگار بہ ھجي. منھنجو پيءُ انھيءَ جي عزت ڪندو جيڪو منھنجي خدمت ڪندو.“


عيسيٰ کي خبر ھئي تہ ’پيءُ مون کي سڀ ڪجھہ ھٿ ۾ ڏنو آھي.‘ کيس اھا بہ خبر ھئي تہ ’آءٌ خدا جي طرفان آيو آھيان ۽ خدا ڏانھن موٽي وڃي رھيو آھيان.‘


منھنجي پيءُ جي گھر ۾ ڪيتريون ئي ڪوٺيون آھن. آءٌ اوھان جي خاطر جاءِ تيار ڪرڻ لاءِ وڃي رھيو آھيان. جيڪڏھن ائين نہ ھجي ھا تہ آءٌ اوھان کي نہ ٻڌايان ھا.


اوھان مون کي ھي چوندي ٻڌو ھو تہ ’آءٌ وڃي رھيو آھيان پر اوھان وٽ موٽي ايندس.‘ جيڪڏھن اوھان جو مون سان پيار ھجي ھا تہ جيڪر خوش ٿيو ھا جو آءٌ پيءُ وٽ وڃي رھيو آھيان، ڇاڪاڻ⁠تہ پيءُ مون کان وڏو آھي.


جڏھن آءٌ وڃي اوھان جي لاءِ جاءِ تيار ڪندس تہ پوءِ موٽي ايندس ۽ اوھان کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي ويندس، تہ جتي آءٌ آھيان اتي اوھين بہ ھجو.


تنھن تي توما کيس چيو تہ ”اي خداوند! اسان کي خبر نہ آھي تہ تون ڪيڏانھن وڃي رھيو آھين، سو اسان کي انھيءَ رستي جي خبر ڪيئن پوندي؟“


آءٌ پيءُ وٽان نڪري دنيا ۾ آيس ۽ ھاڻي دنيا کي ڇڏي پيءُ ڏانھن موٽي وڃان ٿو.“


جيڪو بہ فرزند تي ايمان آڻي ٿو تنھن کي دائمي زندگي مليل آھي. پر جيڪو فرزند کي قبول نہ ٿو ڪري تنھن کي اھا زندگي ڪڏھن بہ نہ ملندي، اٽلندو خدا جو غضب مٿس رھي ٿو.


ڇالاءِ⁠جو منھنجي پيءُ جي اھا مرضي آھي تہ جيڪو بہ سندس فرزند کي سڃاڻي ٿو ۽ مٿس ايمان ٿو آڻي، تنھن کي دائمي زندگي ملي ۽ آءٌ کيس آخرت جي ڏينھن تي جيئرو ڪري اٿاريندس.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ