Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 14:1 - Common Language New Testament

1 عيسيٰ انھن کي وڌيڪ چيو تہ ”پنھنجيءَ دل ۾ پريشان نہ ٿيو. خدا تي يقين رکو ۽ مون تي بہ يقين رکو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 پنهنجي دل ۾ پريشان نہ ٿيو، اوهين خدا تي ايمان ٿا رکو، مون تي بہ ايمان رکو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 پوءِ يسوع چيلن کي وڌيڪ چيو تہ ”پنهنجي دل ۾ پريشان نہ ٿيو. ايشور تي ڀروسو رکو ۽ مون تي بہ ڀروسو رکو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 پوءِ عيسيٰ شاگردن کي وڌيڪ چيو تہ ”پنهنجيءَ دل ۾ پريشان نہ ٿيو. خدا تي ڀروسو رکو ۽ مون تي بہ ڀروسو رکو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 14:1
37 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

عيسيٰ جڏھن کيس روئندي ڏٺو ۽ ڏٺائين تہ ماڻھو جيڪي ساڻس گڏ آيا ھئا سي بہ روئن پيا، تڏھن سندس دل ڀرجي آئي ۽ کيس ڏاڍو ڏک ٿيو.


”منھنجي دل ڏکويل آھي، ھاڻي آءٌ ڇا چوان؟ ڇا آءٌ ائين چوان تہ ’اي بابا! مون کي ھن گھڙيءَ کان بچاءِ‘؟ پر ھن گھڙيءَ لاءِ ئي تہ آءٌ آيو آھيان.


پوءِ عيسيٰ وڏي واڪي چيو تہ ”جيڪو بہ مون تي ايمان آڻي ٿو سو نہ رڳو مون تي ايمان ٿو آڻي، پر انھيءَ تي بہ ايمان آڻي ٿو جنھن مون کي موڪليو آھي.


ھاڻي انھيءَ ڳالھہ جي ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي آءٌ اوھان کي ٻڌائي ٿو ڇڏيان تہ جڏھن ائين ٿئي تہ اوھين ايمان آڻيو تہ آءٌ اھو ئي آھيان.


ھن وقت تائين اوھان منھنجي نالي تي ڪجھہ ⁠بہ ڪين گھريو آھي، سو گھرو تہ مليوَ، تہ جيئن اوھان جي خوشي پوري ٿئي.“


اھي ھي ڪم انھيءَ ڪري ڪندا، ڇالاءِ⁠جو انھن نہ پيءُ کي ۽ نڪي مون کي سڃاتو آھي.


منھنجي ھنن ڳالھين ٻڌائڻ جي ڪري اوھين ڏک سان ڀرجي ويا آھيو.


تہ جيئن سڀيئي ماڻھو فرزند جي اھڙي نموني عزت ڪن جھڙي نموني پيءُ جي عزت ڪن ٿا. جيڪو بہ فرزند جي عزت نہ ٿو ڪري سو ڄڻ پيءُ جي عزت نہ ٿو ڪري جنھن کيس موڪليو آھي.


ڇالاءِ⁠جو منھنجي پيءُ جي اھا مرضي آھي تہ جيڪو بہ سندس فرزند کي سڃاڻي ٿو ۽ مٿس ايمان ٿو آڻي، تنھن کي دائمي زندگي ملي ۽ آءٌ کيس آخرت جي ڏينھن تي جيئرو ڪري اٿاريندس.“


ھاڻي ان جي بدران اوھان کي گھرجي تہ کيس معاف ڪريو ۽ تسلي ڏيو، متان اھو ماڻھو غم ۾ غرق نہ ٿي وڃي.


تنھنڪري ئي اوھان جو عيسيٰ مسيح تي ايمان ۽ خدا جي سڄي قوم لاءِ محبت جيڪا ظاھر ڪريو ٿا، تن بابت ٻڌي


تہ اوھين اھو سمجھي ڄڻ تہ خداوند جو ڏينھن اڳي ئي اچي ويو آھي، پنھنجن خيالن ۾ سولائيءَ سان ڊانوانڊول نہ ٿيو. نڪي اوھين پريشان ٿيو، نہ ڪنھن اڳڪٿيءَ کان، نہ ڪنھن افواھہ کان ۽ نہ ڪنھن خط کان جيڪو اسان وٽان آيل سمجھو.


اوھان مسيح جي ئي وسيلي خدا تي ايمان آندو آھي. ھن کي خدا مئلن مان جياري اٿاريو ۽ جلال بخشيائينس، انھيءَ لاءِ تہ اوھان جو ايمان ۽ آسرو خدا تي ھجي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ