Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 13:8 - Common Language New Testament

8 پطرس چيس تہ ”آءٌ پنھنجا پير اوھان کان ڪڏھن بہ نہ ڌئاريندس.“ عيسيٰ چيس تہ ”جيڪڏھن تون پنھنجا پير نہ ٿو ڌئارين تہ پوءِ تنھنجو مون ۾ ڪوبہ حصو نہ رھندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 پطرس چيس، تہ آئون پنهنجا پير توکي ڪڏهن بہ ڌوئڻ ڪين ڏيندس. يسوع جواب ڏنس، تہ جي پير نٿو ڌوئارين، تہ تنهنجو مون سان ڪو حصو ڪونهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

8 پطرس چيس تہ ”آءٌ پنهنجا پير اوهان کان ڪڏهن بہ نہ ڌئاريندس.“ يسوع چيس تہ ”جيڪڏهن تون پنهنجا پير مون کان نہ ٿو ڌئارين تہ پوءِ تنهنجو مون سان ڪوبہ واسطو نہ رهندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 پطرس چيس تہ ”آءٌ پنهنجا پير اوهان کان ڪڏهن بہ نہ ڌئاريندس.“ عيسيٰ چيس تہ ”جيڪڏهن تون پنهنجا پير مون کان نہ ٿو ڌئارين تہ پوءِ تنهنجو مون سان ڪوبہ واسطو نہ رهندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 13:8
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پطرس کيس پاسيرو وٺي ويو ۽ سختيءَ سان چوڻ لڳس تہ ”اي خداوند! خدا خير ڪري، شل تو سان ائين نہ ٿئي.“


پھريائين تہ ھن جواب ڏنو تہ ’آءٌ ڪين ويندس،‘ پر پوءِ پاڻھي پڇتائي انگورن جي باغ ڏانھن ھليو ويو.


تنھن تي پطرس ڳالھايو ۽ عيسيٰ کي چيائين تہ ”توڙي جو ٻيا سڀ اوھان کي ڇڏي وڃن، پر آءٌ اوھان کي ڪڏھن بہ نہ ڇڏي ويندس.“


پطرس وراڻيو تہ ”آءٌ ائين ڪڏھن بہ نہ چوندس تہ آءٌ اوھان کي نہ ٿو سڃاڻان، توڙي جو مون کي اوھان سان گڏ مرڻو پوي.“ ٻين سڀني شاگردن بہ اھڙيءَ طرح اقرار ڪيو.


جڏھن شمعون پطرس وٽ آيو تہ ھن چيس تہ ”اي خداوند! ڇا اوھين منھنجا بہ پير ڌوئيندا؟“


تنھن تي شمعون پطرس چيس تہ ”اي خداوند! پوءِ منھنجا رڳو پير نہ ڌوئو، بلڪ منھنجا ھٿ ۽ مٿو بہ ڌوئو.“


تنھن تي عيسيٰ وراڻيس تہ ”آءٌ تو کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيستائين ڪو ماڻھو پاڻيءَ ۽ پاڪ روح مان پيدا نہ ٿيندو، تيستائين اھو خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿي نہ سگھندو.


ھاڻي دير نہ ڪر. اٿي ۽ سندس نالي دعا گھُري بپتسما وٺ تہ تنھنجا گناھہ ڌوپي وڃن.‘


اوھان مان ڪي اھڙا ئي ھئا. پر اوھين گناھن کان ڌوپجي ويا. اوھين پاڪ ڪيا ويا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي نالي ۽ اسان جي خدا جي پاڪ روح جي وسيلي خدا ڏانھن سچار بڻايا ويا.


ھن انھيءَ ڪري ائين ڪيو تہ جيئن ڪليسيا کي پاڪ ڪلام جي وسيلي ۽ پاڻيءَ سان غسل ڪرائي صاف ڪري پاڪ بڻائي.


ائين نہ ٿئي جو ڪو ماڻھو ڪُوڙي نِوڙت ڪري ۽ ملائڪن جي عبادت ڪرڻ کي پسند ڪري اوھان کي انعام کٽڻ کان محروم رکي. اھڙو ماڻھو ڏٺل شين ۾ محو ٿي پنھنجي جسماني عقل تي اجايو ڦونڊجي ٿو.


اھڙا قانون حقيقت ۾ پنھنجي ٺاھيل عبادت، ڪُوڙي نِوڙت ۽ بدن کي سختي ڏيڻ جي رستي سياڻپ جو رڳو ڏيک رکن ٿا، پر جسماني خواھشن کي روڪڻ لاءِ اھي ڪنھن بہ ڪم جا نہ آھن.


تڏھن ھن اسان کي ڇوٽڪارو ڏنو. اھو اسان جي سچائيءَ جي ڪمن ڪرڻ ڪري نہ، بلڪ سندس رحم جي ڪري ٿيو. ھن اسان کي روحاني طور نئين سر پيدا ڪرڻ جي غسل ۽ پاڪ روح سان نئين زندگي ڏيڻ جي وسيلي ڇوٽڪارو ڏنو.


ھاڻي جيئن تہ اسان جو ضمير گناھن کان پاڪ ٿيل آھي ۽ اسان جو جسم صاف پاڻيءَ سان ڌوتل آھي، تنھنڪري اچو تہ سچيءَ دل سان ۽ پوري يقين سان خدا کي ويجھا ٿيون.


۽ عيسيٰ مسيح وٽان بہ آھن جيڪو سچو شاھد، جيڪي مئلن مان جيئرا ٿيا تن ۾ پھريتو ۽ دنيا جي بادشاھن تي حڪم ھلائيندڙ آھي. ھو اسان کي پيار ٿو ڪري ۽ ھن پنھنجو رت وھائي اسان کي گناھن کان ڇوٽڪارو ڏنو آھي.


مون جواب ڏنو تہ ”اي منھنجا سائين! توھان ئي ڄاڻو ٿا.“ ھن مون کي چيو تہ ”ھي اُھي آھن جيڪي وڏيءَ مصيبت مان نڪري آيا آھن. انھن پنھنجا پھراڻ ڌوتا ۽ گھيٽي جي رت ۾ پاڪ صاف ڪيا آھن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ