Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 13:34 - Common Language New Testament

34 آءٌ اوھان کي ھڪ نئون حڪم ٿو ڏيان تہ ھڪٻئي سان پيار ڪريو. جيئن مون اوھان سان پيار ڪيو آھي، تيئن اوھان کي بہ ھڪٻئي سان پيار ڪرڻ گھرجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

34 اوهان کي هڪڙو نئون حڪم ٿو ڏيان تہ اوهين هڪ ٻئي کي پيار ڪريو؛ تہ جيئن مون اوهان کي پيار ڪيو آهي، تيئن اوهين بہ هڪ ٻئي کي پيار ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

34 آءٌ اوهان کي هڪ نئون حڪم ٿو ڏيان تہ هڪٻئي سان پيار ڪريو. هائو، جهڙو مون اوهان سان پيار ڪيو آهي، تهڙو ئي اوهين بہ هڪٻئي سان پيار ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

34 آءٌ اوهان کي هڪ نئون حڪم ٿو ڏيان تہ هڪٻئي سان پيار ڪريو. هائو، جهڙو مون اوهان سان پيار ڪيو آهي، تهڙو ئي اوهين بہ هڪٻئي سان پيار ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 13:34
38 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر ھاڻي آءٌ اوھان کي چوان ٿو تہ پنھنجن دشمنن سان پيار ڪريو ۽ جيڪي اوھان کي ستائين تن لاءِ دعا گھرو،


آءٌ اوھان کي اھو حڪم ٿو ڏيان تہ ھڪٻئي سان پيار ڪريو.“


انھيءَ لاءِ تہ اھي سڀ گڏجي ھڪ ٿين. اي بابا! شل اھي اسان ۾ اھڙيءَ طرح گڏجي ھڪ ٿين جھڙيءَ طرح تون مون ۾ آھين ۽ آءٌ تو ۾ آھيان، تہ جيئن دنيا ايمان آڻي تہ تو مون کي موڪليو آھي.


ھڪ ٻئي سان ڀائرن ۽ ڀينرن وانگر گھڻو پيار ڪريو ۽ ٻئي کي پاڻ کان وڌيڪ عزت ڏيو.


جيڪو پنھنجي پاڙيسريءَ سان پيار ڪري ٿو سو ان سان بڇڙائي نہ ٿو ڪري. تنھنڪري پيار ڪرڻ ئي پوري شريعت تي عمل ڪرڻ آھي.


سواءِ ھڪ ٻئي جي پيار جي ڪنھن جا بہ قرضدار نہ ٿيو، ڇالاءِ⁠جو جيڪو ٻين سان پيار ڪري ٿو، سو شريعت جا حڪم پورا ٿو ڪري.


پر پاڪ روح جو ڦل آھي پيار، خوشي، اطمينان، صبر، مھرباني، نيڪي، ايمانداري،


ڇالاءِ⁠جو جڏھن اسين عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل آھيون، تڏھن طھر ڪرائڻ يا نہ ڪرائڻ ڪنھن ڪم جو نہ آھي. پر رڳو ايمان ئي ڪم جو آھي، جيڪو محبت جي وسيلي اثر ٿو ڪري.


تنھنڪري جيتري قدر موقعو ملي تہ اسين سڀني ماڻھن سان نيڪي ڪريون، خاص ڪري انھن سان جيڪي ايمان جي وسيلي اسان سان ھڪ ئي خاندان ۾ شريڪ آھن.


اوھين ھڪٻئي جا بار کڻو، اھڙيءَ طرح مسيح جي شريعت کي پورو ڪريو.


۽ پيار ڀري زندگي گذاريو، جھڙيءَ طرح مسيح اسان کي پيار ڏنو ۽ اسان جي لاءِ پنھنجو پاڻ کي خدا جي آڏو خوشبودار نذرانو ۽ قرباني ڪري ڏيئي ڇڏيائين.


ڇالاءِ⁠جو اسان ٻڌو آھي تہ اوھان عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو آھي ۽ خدا جي سڄي قوم سان محبت ٿا رکو.


جھڙيءَ طرح اسان کي اوھان سان محبت آھي، تھڙيءَ طرح خداوند شل اوھان جي محبت بہ ھڪ ٻئي لاءِ، بلڪ سڀني لاءِ گھڻي ڪري ۽ بيحد وڌائي.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان جو فرض آھي تہ اوھان جي لاءِ ھميشہ خدا جو شڪر ڪريون. ھي انھيءَ ڪري مناسب آھي تہ اوھان جو ايمان گھڻو وڌندو ٿو وڃي ۽ اوھان سڀني جي محبت ھڪ ٻئي لاءِ زيادہ ٿيندي وڃي ٿي.


ھڪ ٻئي کي ھڪ ڪٽنب جا سمجھي محبت ڪندا رھو.


تنھن ھوندي بہ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آھي تہ ”پنھنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جھڙو پيار ڪر.“ سو جيڪڏھن اوھين اھا شاھي شريعت پوري ڪريو ٿا، تہ پوءِ چڱو ٿا ڪريو.


ھاڻي جڏھن تہ اوھان حق جي تابعداريءَ سان پاڻ کي پاڪ ڪيو آھي ۽ ڀائرن لاءِ حقيقي محبت پيدا ٿي اٿوَ، تڏھن دل⁠وجان سان پاڻ ۾ گَھري محبت رکو.


اوھين دينداريءَ سان ڀائيچارو ۽ ڀائيچاري سان محبت وڌايو.


جيڪو پيغام اوھان شروعات کان ٻڌو آھي، سو ھي آھي تہ اسان کي ھڪ ٻئي سان پيار ڪرڻ گھرجي.


ھن جو حڪم ھيءُ آھي تہ اسين سندس فرزند عيسيٰ مسيح جي نالي تي ايمان آڻيون ۽ ھڪ ٻئي سان ائين پيار ڪريون جيئن ھن اسان کي حڪم ڏنو آھي.


جڏھن تہ مسيح جو اھو حڪم آھي تہ جيڪو خدا سان پيار ٿو ڪري تنھن کي پنھنجي ڀاءُ ڀيڻ سان بہ پيار ڪرڻ گھرجي.


پياري ڀيڻ، عرض تہ آءٌ تو ڏانھن ڪو نئون حڪم نہ، بلڪ اھو پراڻو حڪم لکي رھيو آھيان، جيڪو شروع کان اسان کي مليو ھو تہ اسين ھڪ ٻئي سان پيار ڪريون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ