Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 13:23 - Common Language New Testament

23 شاگردن مان ھڪڙو جنھن سان عيسيٰ جو پيار ھو، سو عيسيٰ جي سيني ڏانھن جھُڪي کائي رھيو ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 ۽ سندس شاگردن مان هڪڙو، جنهن تي يسوع جو پيار هو، تنهن يسوع جي ڇاتيءَ تي ليٽي ويٺي کاڌو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

23 چيلن مان هڪڙو جنهن سان يسوع جو پيار هو، سو يسوع جي سيني ڏانهن جھُڪي کائي رهيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 شاگردن مان هڪڙو جنهن سان عيسيٰ جو پيار هو، سو عيسيٰ جي سيني ڏانهن جھُڪي کائي رهيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 13:23
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏھن اھو غريب ماڻھو مري ويو تہ ملائڪن کڻي وڃي کيس بھشت ۾ ابراھيم جي پاسي ۾ ويھاريو. شاھوڪار ماڻھو بہ مري ويو ۽ دفن ڪيو ويو.


ڪنھن بہ ماڻھوءَ خدا کي ڪڏھن ڪونہ ڏٺو آھي پر سندس اڪيلي ئي فرزند، جيڪو سندس پاسي ۾ آھي، تنھن ئي کيس ظاھر ڪيو آھي.


ٻنھي ڀينرن عيسيٰ کي چوا ئي موڪليو تہ ”خداوند! اوھان جو پيارو دوست بيمار آھي.“


تنھن تي يھودي چوڻ لڳا تہ ”ڏسو، لعزر سان کيس ڪيترو نہ پيار ھو.“


عيسيٰ جو مارٿا، سندس ڀيڻ ۽ لعزر سان پيار ھو.


شمعون پطرس ھن کي اشارو ڏيئي چيو تہ ”ھن کان پڇ تہ اھو ڪير آھي، جنھن بابت ھو ڳالھائي رھيو آھي.“


پوءِ ھن ائين ئي عيسيٰ جي ويجھو ھوندي کانئس پڇيو تہ ”اي خداوند! اھو ڪير آھي؟“


جڏھن عيسيٰ پنھنجي ماءُ ۽ انھيءَ شاگرد کي جنھن سان سندس پيار ھو، اتي ڀرسان بيٺل ڏٺو تہ ھن پنھنجي ماءُ کي چيو تہ ”اما! ھي تنھنجو پٽ آھي.“


سو ھوءَ ڊوڙندي شمعون پطرس ۽ انھيءَ ٻي شاگرد وٽ آئي، جنھن سان عيسيٰ جو پيار ھو ۽ کين چيائين تہ ”اھي خداوند کي قبر مان کڻي ويا آھن ۽ خبر نہ آھي تہ کيس الائجي ڪٿي وڃي رکيو اٿن.“


پطرس پٺ ورائي ڏٺو تہ اھو شاگرد جنھن سان عيسيٰ جو پيار ھو، سو پٺيان پيو اچي. انھيءَ شاگرد رات جي ماني کائڻ مھل بہ سندس سيني تي ٽيڪ ڏيئي پڇيو ھوس تہ ”خداوند! اھو ڪير آھي جيڪو تو کي پڪڙائيندو؟“


ھي اُھو شاگرد آھي جيڪو انھن ڳالھين جي شاھدي ٿو ڏئي ۽ اھي ڳالھيون لکيون بہ اٿس ۽ اسان کي خبر آھي تہ سندس شاھدي سچي آھي.


پوءِ انھيءَ شاگرد جنھن سان عيسيٰ جو پيار ھو، تنھن پطرس کي چيو تہ ”اڙي، خداوند اٿيئي.“ جڏھن شمعون پطرس ٻڌو تہ ”اھو خداوند آھي.“ تڏھن جيئن تہ ھو پٺيءَ اگھاڙو ھو، سو قميص چيلھہ سان ٻڌندو مسيح سان ملڻ لاءِ ھڪدم پاڻيءَ ۾ ٽپي پيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ