Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 13:20 - Common Language New Testament

20 آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪو منھنجي موڪليل کي قبول ڪندو، سو ڄڻ مون کي قبول ٿو ڪري ۽ جيڪو مون کي قبول ٿو ڪري سو انھيءَ کي قبول ٿو ڪري جنھن مون کي موڪليو آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان تہ جنهن کي آئون موڪليان ٿو، تنهن کي جيڪو قبول ٿو ڪري، سو مون کي ٿو قبول ڪري، ۽ جيڪو مون کي قبول ٿو ڪري، سو اُنهي کي قبول ٿو ڪري جنهن مون کي موڪليو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

20 آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو بہ منهنجي موڪليل کي قبول ڪندو، سو مون کي قبول ٿو ڪري ۽ جيڪو مون کي قبول ٿو ڪري سو ايشور کي قبول ٿو ڪري جنهن مون کي موڪليو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو بہ منهنجي موڪليل کي قبول ڪندو، سو مون کي قبول ٿو ڪري ۽ جيڪو مون کي قبول ٿو ڪري سو خدا کي قبول ٿو ڪري جنهن مون کي موڪليو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 13:20
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بادشاھہ جواب ۾ کين چوندو تہ ’آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪڏھن اوھان منھنجي ڪنھن گھٽ کان گھٽ ڀاءُ ڀيڻ سان بہ اھڙو ڪم ڪيو، تہ اھو ڄڻ اوھان مون سان ئي ڪيو.‘


”جيڪو منھنجي ڪري ھنن ٻارن مان ڪنھن بہ ھڪڙي کي قبول ٿو ڪري، تنھن ڄڻ مون کي قبول ڪيو ۽ جنھن مون کي قبول ڪيو، تنھن نہ رڳو مون کي پر ان کي بہ قبول ڪيو جنھن مون کي موڪليو آھي.“


عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”جيڪو اوھان جي ٻڌي ٿو، سو ڄڻ منھنجي ٻڌي ٿو. جيڪو اوھان کي نہ ٿو مڃي، سو ڄڻ مون کي نہ ٿو مڃي ۽ جيڪو مون کي نہ ٿو مڃي سو ڄڻ خدا کي نہ ٿو مڃي جنھن مون کي موڪليو آھي.“


پوءِ شاگردن کي چيائين تہ ”جيڪو ھن ننڍي ٻار کي منھنجي ڪري قبول ڪندو، سو ڄڻ تہ مون کي قبول ٿو ڪري ۽ جيڪو مون کي قبول ٿو ڪري، سو ڄڻ انھيءَ کي قبول ٿو ڪري جنھن مون کي موڪليو آھي، ڇالاءِ⁠جو جيڪو اوھان سڀني ۾ ننڍو آھي سو ئي وڏو ٿيندو.“


جيتوڻيڪ منھنجي جسماني حالت اوھان لاءِ ھڪ آزمائش ھئي تڏھن بہ اوھان مون کي نہ ڪي حقير سمجھيو، نڪي ڌڪاريو. پر اوھان مون کي خدا جي ملائڪ وانگر، بلڪ عيسيٰ مسيح وانگر قبول ڪيو.


تنھنڪري جھڙيءَ طرح اوھان عيسيٰ مسيح کي خداوند ڪري قبول ڪيو آھي، تھڙيءَ طرح ساڻس گڏجي ھڪ ٿي زندگي گذاريندا رھو.


تنھنڪري جيڪو ھيءَ تعليم رد ٿو ڪري سو ماڻھوءَ کي نہ بلڪ خدا کي رد ٿو ڪري، جيڪو اوھان کي پنھنجو پاڪ روح ڏئي ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ