Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 13:11 - Common Language New Testament

11 ان جو سبب اھو ھو جو عيسيٰ کي اڳي ئي خبر ھئي تہ ڪير ساڻس دغا ڪندو، تنھنڪري ھن چيو تہ ”اوھين سڀيئي پاڪ نہ آھيو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 ڇالاءِ جو هن کي خبر هئي تہ مون کي ڪير جهلائيندو، تنهنڪري چيائين تہ اوهين سڀ پاڪ نہ آهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

11 ان جو سبب اهو هو جو يسوع کي اڳي ئي سڌ هئي تہ ڪير ساڻس دغا ڪندو، تنهنڪري هن چيو تہ ”اوهين سڀيئي پوِتر نہ آهيو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 ان جو سبب اهو هو جو عيسيٰ کي اڳي ئي خبر هئي تہ ڪير ساڻس دغا ڪندو، تنهنڪري هن چيو تہ ”اوهين سڀيئي پاڪ نہ آهيو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 13:11
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”آءٌ اوھان سڀني بابت نہ ٿو ڳالھايان. جن کي مون چونڊيو آھي تن کي آءٌ ڄاڻان ٿو. پر پاڪ لکت پوري ٿيڻ گھرجي، جنھن ۾ لکيل آھي تہ ’جيڪو منھنجي ماني کائي ٿو، سو ئي منھنجي خلاف ٿيندو.‘


عيسيٰ ۽ سندس شاگرد رات جي ماني کائي رھيا ھئا. انھيءَ وقت کان اڳ ئي شمعون جي پٽ يھوداہ اسڪريوتيءَ جي دل ۾ شيطان اھا ڳالھہ وجھي ڇڏي ھئي تہ ھو عيسيٰ سان دغا ڪري.


جڏھن عيسيٰ ھي چئي چڪو، تڏھن دل ۾ پريشان ٿيڻ لڳو ۽ شاھدي ڏيندي چيائين تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اوھان مان ھڪڙو مون کي پڪڙائيندو.“


عيسيٰ وراڻيو تہ ”آءٌ جنھن ماڻھوءَ کي ٿالھيءَ مان گرھہ ٻوڙي ڏيندس، سو ئي اھو آھي.“ پوءِ ھن مانيءَ جو گرھہ ٻوڙي شمعون اسڪريوتيءَ جي پٽ يھوداہ کي ڏنو.


جيستائين آءٌ انھن سان گڏ ھوس، تيستائين تنھنجي انھيءَ نالي جي قدرت سان جيڪو نالو تو مون کي ڏنو آھي، کين سلامت رکندو آيو آھيان. مون انھن جي سنڀال ڪئي آھي. جيڪو برباد ٿيڻو ھو تنھن کان سواءِ ٻيو ڪوبہ منجھائن برباد نہ ٿيو آھي، تہ جيئن پاڪ لکت پوري ٿئي.


عيسيٰ کي سڀ خبر ھئي تہ ساڻس ڇا ٿيڻو آھي، سو ھو ڪجھہ قدم اڳتي وڌي کانئن پڇڻ لڳو تہ ”اوھين ڪنھن کي ڳولي رھيا آھيو؟“


ھن کي ڪابہ ضرورت ڪانہ ھئي تہ ڪو ماڻھو ڪنھن بابت کيس ٻڌائي، ڇالاءِ⁠جو ھن پاڻ ئي ٿي ڄاتو تہ انسان جي دل ۾ ڇا ڇا آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ