Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 12:6 - Common Language New Testament

6 ھن اھي لفظ غريبن جي ھمدرديءَ لاءِ نہ چيا، پر ھو پاڻ چور ھو ۽ انھيءَ لاءِ چيائين تہ ھو انھن پئسن مان ڪجھہ چورائي، ڇالاءِ⁠جو پئسن جي ڳوٿري وٽس رھندي ھئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 هاڻي ائين جو چيائين سو انهي ڪري نہ، جو غريبن جو ڪو فڪر هوس؛ پر ڇالاءِ جو هو چور هو، ۽ ڳوٿري وٽس رهندي هئي، تنهنڪري جيڪي منجهس پوندو هو، سو پاڻ کڻندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

6 هن اها ڳالهہ غريبن جي همدرديءَ لاءِ نہ چئي، پر هو پاڻ بي‌ايمان هو ۽ انهيءَ لاءِ چيائين تہ هو انهن پئسن مان بہ ڪجھہ چورائي ها، ڇاڪاڻ تہ پئسن جي ڳوٿري وٽس هوندي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 هن اها ڳالهہ غريبن جي همدرديءَ لاءِ نہ چئي، پر هو پاڻ بي‌ايمان هو ۽ انهيءَ لاءِ چيائين تہ هو انهن پئسن مان بہ ڪجھہ چورائي ها، ڇاڪاڻ تہ پئسن جي ڳوٿري وٽس هوندي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 12:6
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انھن کي چيائين تہ ”اھو لکيل آھي تہ ’منھنجو گھر عبادت جو گھر سڏبو،‘ پر اوھان ان کي ڌاڙيلن جي پاٿاري بڻائي آھي.“


يوعانا، جيڪا ھيروديس جي صلاحڪار خوزا جي زال ھئي، سوسنا ۽ ٻيون بہ ڪيتريون عورتون ھيون جن پنھنجي مال⁠متاع سان عيسيٰ ۽ سندس ٻارھن شاگردن جي خدمت پئي ڪئي.


مزور ڇڏي ڀڄي وڃي ٿو، ڇالاءِ⁠جو ھو رڳو مزور آھي ۽ کيس رڍن جو ڪو فڪر ڪونہ آھي.


تنھن چيو تہ ”ڇو نہ ھي عطر ٽن سَوَن چانديءَ جي سڪن ۾ وڪڻي غريبن کي خيرات ڏجي ھا.“


ڪن ائين پئي سمجھيو تہ جيئن تہ يھوداہ وٽ پئسن جي ڳوٿري رھندي آھي، تنھنڪري عيسيٰ چويس ٿو تہ ’عيد جي لاءِ جيڪي شيون وٺڻيون اٿيئي سي وٺ،‘ يا وري ’ڪجھہ غريبن کي ڏي.‘


نڪي چور، نڪي لالچي، نڪي شرابي، نڪي گاريل ۽ نڪي دغاباز خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿيندا.


ھنن رڳو ايترو چيو تہ ”غريبن کي ياد رکجو.“ پر انھيءَ ڪم لاءِ تہ آءٌ اڳي ئي سرگرم ھوس.


ھر قسم جي برائيءَ کان پاسو ڪريو.


فرض ڪريو تہ ڪو ماڻھو سوني منڊي ۽ عمدا ڪپڙا پائي اوھان جي جماعت ۾ اچي ٿو ۽ ٻيو ميرن ۽ ڦاٽل ڪپڙن وارو ھڪڙو غريب ماڻھو بہ اچي ٿو.


پر اوھان غريبن کي بي⁠عزت ڪيو آھي. مگر ڇا دولتمند اوھان تي ظلم نہ ٿا ڪن؟ ڇا اھي اوھان کي ڪورٽ ۾ گھلي وٺي نہ ٿا وڃن؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ