Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 12:50 - Common Language New Testament

50 آءٌ ڄاڻان ٿو تہ ھن جو حڪم دائمي زندگي ڏئي ٿو. تنھنڪري جيڪي ڪجھہ آءٌ چوان ٿو، سو اھو ئي آھي جيڪو پيءُ مون کي ٻڌائڻ لاءِ چيو آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

50 ۽ آئون ڄاڻان ٿو تہ سندس حڪم هميشہ جي زندگي آهي: تنهنڪري جيڪي ڳالهيون آئون چوان ٿو، سي اصل جيئن منهنجي پيءُ مون کي چيون آهن، تيئن ئي ٿو چوان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

50 آءٌ ڄاڻان ٿو تہ هن جو حڪم امر جيون ڏئي ٿو. تنهنڪري جيڪي ڪجھہ آءٌ چوان ٿو، سو اهو ئي آهي جيڪو پتا مون کي ٻڌائڻ لاءِ چيو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

50 آءٌ ڄاڻان ٿو تہ هن جو حڪم دائمي زندگي ڏئي ٿو. تنهنڪري جيڪي ڪجھہ آءٌ چوان ٿو، سو اهو ئي آهي جيڪو پيءُ مون کي ٻڌائڻ لاءِ چيو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 12:50
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

دائمي زندگي اھا آھي تہ اھي تو ھڪ سچي خدا کي ۽ مون عيسيٰ مسيح کي سڃاڻين، جنھن کي تو موڪليو آھي.


پر اِھي انھيءَ لاءِ لکيل آھن تہ جيئن اوھين ايمان آڻيو تہ عيسيٰ ئي مسيح ۽ خدا جو فرزند آھي ۽ اھڙي ايمان آڻڻ سان اوھان کي ھن جي نالي ۾ زندگي ملي.


پوءِ عيسيٰ يھودي اڳواڻن کي وراڻيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ فرزند پاڻ ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿو سگھي. ھو رڳو اھي ڪم ڪري ٿو جيڪي پنھنجي پيءُ کي ڪندي ٿو ڏسي، ڇالاءِ⁠جو جيڪي پيءُ ڪري ٿو سو ئي فرزند ٿو ڪري.


زندگي ڏيڻ وارو تہ روح آھي، انساني جسم ڪابہ شيءِ ڪانھي. ھي ڳالھيون جيڪي مون اوھان کي ٻڌايون آھن سي روح بہ آھن ۽ زندگي بہ.


شمعون پطرس وراڻيو تہ ”اي خداوند! اوھان کي ڇڏي ڪنھن ڏانھن وينداسون؟ اوھان وٽ اھي ڳالھيون آھن جن ۾ دائمي زندگي آھي.


سو عيسيٰ کين چيو تہ ”جڏھن اوھين ابن⁠آدم کي مٿي چاڙھيندا، تڏھن اوھان کي خبر پوندي تہ آءٌ اھو ئي آھيان. آءٌ پنھنجي طرفان ڪجھہ بہ نہ ٿو ڪريان، پر اھو ئي ڪجھہ چوان ٿو جيڪي پيءُ مون کي سيکاريو آھي.


پر مون تي انھيءَ ڪري رحم ٿيو تہ جيئن عيسيٰ مسيح مون وڏي گنھگار ۾ پنھنجو بي⁠انتھا تحمل ظاھر ڪري ۽ آءٌ انھن لاءِ نمونو ٿيان، جيڪي پوءِ مٿس ايمان آڻي دائمي زندگي حاصل ڪندا.


ھيءُ اُھو واعدو آھي جيڪو مسيح اسان سان ڪيو آھي، يعني دائمي زندگي.


اسين اھو بہ ڄاڻون ٿا تہ خدا جو فرزند آيو آھي. ھن اسان کي سمجھہ بخشي آھي تہ اسين انھيءَ خدا کي سڃاڻون جيڪو حق آھي ۽ اسين انھيءَ حقيقي خدا جا آھيون، تھڙيءَ ئي طرح سندس فرزند عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل پڻ آھيون. اھو ئي حقيقي خدا ۽ دائمي زندگي آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ