Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 12:40 - Common Language New Testament

40 ”مون خدا انھن جون اکيون پوري ڇڏيون آھن ۽ سندن عقل تي تالو ھڻي ڇڏيو آھي، تہ متان اھي پنھنجين اکين سان ڏسن ۽ پنھنجن عقلن سان سمجھن، ۽ مون آڏو توبھہ⁠تائب ٿين تہ آءٌ کين ڇٽائي چڱو ڀلو ڪريان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

40 ”هن سندين اکيون انڌيون، ۽ سندين دل سخت ڪري ڇڏي آهي؛ تہ متان هو پنهنجين اکين سان ڏسن، ۽ پنهنجيءَ دل سان سمجهن، ۽ ڦري پون، ۽ آئون ڇُٽائي چڱو ڀلو ڪريانِ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

40 ”مون ايشور انهن جون اکيون بند ڪري ڇڏيون آهن، ۽ سندن عقل تي تالو هڻي ڇڏيو اٿم، تہ متان اهي پنهنجين اکين سان ڏسن ۽ پنهنجي دماغ سان سمجھن، ۽ مون آڏو توبهہ‌تائب ٿين تہ آءٌ کين ڇٽائي چڱو ڀلو ڪريان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

40 ”مون خدا انهن جون اکيون بند ڪري ڇڏيون آهن، ۽ سندن عقل تي تالو هڻي ڇڏيو اٿم، تہ متان اهي پنهنجين اکين سان ڏسن ۽ پنهنجي دماغ سان سمجھن، ۽ مون آڏو توبهہ‌تائب ٿين تہ آءٌ کين ڇٽائي چڱو ڀلو ڪريان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 12:40
44 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انھن بابت ڳڻتي نہ ڪريو ڇاڪاڻ⁠تہ ھو انڌا اڳواڻ آھن. جيڪڏھن انڌو انڌي جي اڳواڻي ڪندو تہ ٻئي وڃي کڏ ۾ ڪرندا.“


تہ جيئن: ’اھي نھاريندي نھاريندي بہ نہ ڏسن، ٻڌندي ٻڌندي بہ نہ سمجھن، تہ متان انھن جون دليون خدا جي طرف ڦري پون ۽ ھو کين بخشي ڇڏي.‘“


اھي مانين واري ڳالھہ نہ سمجھي سگھيا ھئا، ڇالاءِ⁠جو اھا ھنن جي دماغ ۾ ئي نہ ويٺي ھئي.


”خداوند جو روح مون سان آھي، ڇوتہ غريبن کي خوشخبري ڏيڻ لاءِ مون کي مسح ڪري چونڊيو اٿس. ھن مون کي موڪليو آھي تہ قيدين جي رھائيءَ ۽ انڌن جي بينائيءَ جو اعلان ڪريان. ۽ ستايلن جي دلجوئي ڪريان،


تنھن تي ھن چيو تہ ”اوھان کي خدا جي بادشاھت جي ڳجھن جي سمجھہ ڏني ويئي آھي، پر ٻين کي مثالن سان ٻڌايو ويو آھي تہ اھي نھاريندي نہ ڏسن ۽ ٻڌندي نہ سمجھن.“


اھو ئي سبب ھو جو انھن ايمان نہ آندو، ڇاڪاڻ⁠تہ يسعياہ نبيءَ ھي فرمان بہ ٻڌايو ھو تہ


عيسيٰ چيس تہ ”آءٌ ھن دنيا ۾ انصاف ڪرڻ لاءِ آيو آھيان تہ جيئن انڌا ڏسن ۽ جيڪي ڏسن ٿا سي انڌا ٿين.“


تنھن تي ڪليسيا جي ماڻھن ھنن کي روانو ڪيو. ھو فينيڪي ۽ سامريہ مان لنگھندي واٽ تي ديندار ماڻھن کي ٻڌائيندا ويا تہ ڪيئن غير قومن خدا تي ايمان آندو آھي. اھو ٻڌي انھن کي ڏاڍي خوشي ٿي.


’تون وڃي ھن قوم کي ھيئن چئُہ تہ اوھين ٻڌندا پر سمجھندا ڪين. اوھين نھاريندا پر ڏسندا ڪين.


تنھنڪري توبھہ ڪريو ۽ خدا ڏانھن اچو تہ اوھان جا گناھہ ميٽجي وڃن،


سو خدا جنھن تي رحم ڪرڻ گھري ٿو، تنھن تي رحم ڪري ٿو ۽ جنھن کي سخت⁠دل ڪرڻ گھري ٿو تنھن کي سخت⁠دل ڪري ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ