Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 12:35 - Common Language New Testament

35 عيسيٰ وراڻيو تہ ”اڃا ڪجھہ وقت روشني اوھان وٽ رھندي. جيستائين روشني اوھان وٽ آھي تيستائين روشنيءَ ۾ گھمندا رھو، ائين نہ ٿئي جو اونداھي اچي اوھان تي ڪڙڪي، ڇالاءِ⁠جو جيڪو اونداھيءَ ۾ گھمندو آھي تنھن کي خبر نہ پوندي آھي تہ ڪيڏانھن وڃي رھيو آھيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

35 تڏهن يسوع چين تہ اڃا ٿوري ساعت نُور اوهان وٽ آهي، جيسين نُور اوهان وٽ آهي، تيسين نُور ۾ هلو تہ متان اونداهي نہ اچي مٿان پئيوَ. ۽ جيڪو اونداهيءَ ۾ ٿو هلي، تنهن کي خبر ئي ڪانہ ٿي پوي تہ ڪيڏانهن ٿو وڃان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

35 يسوع کين چيو تہ ”اڃا ٿوري دير تائين روشني اوهان وٽ آهي ۽ جيستائين روشني اوهان وٽ آهي اوهين اڳتي هلندا رهو. ائين نہ ٿئي جو اونداهي اچي اوهان تي ڪڙڪي ۽ پوءِ اونداهيءَ ۾ هلندي اوهان کي سڌ ئي نہ پوي تہ ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

35 عيسيٰ کين چيو تہ ”اڃا ٿوري دير تائين روشني اوهان وٽ آهي ۽ جيستائين روشني اوهان وٽ آهي اوهين اڳتي هلندا رهو. ائين نہ ٿئي جو اونداهي اچي اوهان تي ڪڙڪي ۽ پوءِ اونداهيءَ ۾ هلندي اوهان کي خبر ئي نہ پوي تہ ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 12:35
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ماڻھن ٻڌايس تہ ”عيسيٰ ناصري لنگھي رھيو آھي.“


پر جيڪڏھن ھو رات جي اونداھيءَ ۾ گھمندو تہ ضرور ٿاٻو کائيندو، ڇاڪاڻ⁠تہ ھن کي روشني نہ آھي.“


عيسيٰ وراڻيو تہ ”ڇا ھڪ ڏينھن ۾ ٻارھن ڪلاڪ نہ آھن؟ سو جيڪڏھن ڪو ماڻھو ڏينھن جي روشنيءَ ۾ گھمندو تہ ٿاٻو نہ کائيندو، ڇاڪاڻ⁠تہ ھو دنيا جي روشني ڏسي رھيو آھي.


جيستائين روشني اوھان وٽ آھي تيستائين روشنيءَ تي ايمان آڻيو، تہ جيئن اوھين روشنيءَ جا ٻار ٿيو.“ ھن چوڻ کان پوءِ عيسيٰ ھليو ويو ۽ پاڻ کي انھن کان لڪايائين.


آءٌ روشني آھيان ۽ ھن دنيا ۾ انھيءَ لاءِ آيو آھيان تہ جيڪو بہ مون تي ايمان آڻي سو اونداھيءَ ۾ نہ رھي.


”ٿوريءَ دير کان پوءِ اوھين مون کي ڪين ڏسندا ۽ وري ٿوريءَ دير کان پوءِ اوھين مون کي ڏسندا.“


تنھن تي عيسيٰ چيو تہ ”آءٌ اوھان سان اڃا ٿورو وقت رھندس ۽ پوءِ آءٌ انھيءَ ڏانھن موٽي ويندس جنھن مون کي موڪليو آھي.


عيسيٰ وري فريسين سان ڳالھائيندي چيو تہ ”آءٌ دنيا جي روشني آھيان. جيڪو بہ منھنجي پيروي ڪري ٿو، تنھن کي زندگيءَ جي روشني ملندي ۽ وري ڪڏھن بہ اونداھيءَ ۾ نہ گھمندو.“


پر ھنن جون دليون موڳيون ٿي ويون، ڇوتہ اڄ ڏينھن تائين پراڻي عھدنامي جي پڙھڻ وقت اھو ساڳيو پردو رھي ٿو. اھو پردو انھن تان ايستائين نہ ٿو کڄي، جيستائين اھي مسيح سان گڏجي ھڪ ٿي نہ ٿا وڃن.


تنھنڪري جيتري قدر موقعو ملي تہ اسين سڀني ماڻھن سان نيڪي ڪريون، خاص ڪري انھن سان جيڪي ايمان جي وسيلي اسان سان ھڪ ئي خاندان ۾ شريڪ آھن.


ڇالاءِ⁠جو اڳي اوھين اوندھہ مثل ھئا، پر ھاڻي اوھين خداوند جا ماڻھو ھئڻ ڪري روشنيءَ مثل آھيو. سو اوھان کي انھن ماڻھن وانگر زندگي گذارڻ گھرجي جيڪي روشنيءَ وارا آھن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ