Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 12:34 - Common Language New Testament

34 تنھن تي ميڙ چيو تہ ”اسان جي شريعت ٻڌائي ٿي تہ مسيح ھميشہ جيئرو رھندو، تہ پوءِ تون ڪيئن ٿو چوين تہ ابن⁠آدم ضرور مٿي چاڙھيو ويندو؟ اھو ابن⁠آدم ڪير آھي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

34 تنهن تي ماڻهن جواب ڏنس، تہ اسان شريعت ۾ ٻُڌو آهي تہ مسيح هميشہ تائين جيئرو رهندو: پوءِ تون ڪيئن ٿو چوين تہ ابن آدم ضرور مٿي چاڙهيو ويندو؟ اهو ابن آدم ڪير آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

34 تنهن تي ماڻهن چيو تہ ”اسان پوِتر شاستر جي اها ڳالهہ ٻڌي آهي تہ مسيح هميشہ جيوت رهندو، تہ پوءِ تون ڪيئن ٿو چوين تہ منش‌پتر ضرور مٿي چاڙهيو ويندو؟ اهو منش‌پتر ڪير آهي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

34 تنهن تي ماڻهن چيو تہ ”اسان پاڪ ڪلام جي اها ڳالهہ ٻڌي آهي تہ مسيح هميشہ جيئرو رهندو، تہ پوءِ تون ڪيئن ٿو چوين تہ ابنِ آدم ضرور مٿي چاڙهيو ويندو؟ اهو ابنِ آدم ڪير آهي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 12:34
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏھن عيسيٰ قيصريہ فلپيءَ جي علائقي ۾ آيو تہ پنھنجن شاگردن کان پڇيائين تہ ”ماڻھو ابن⁠آدم بابت ڇا ٿا چون تہ ھو ڪير آھي؟“


جڏھن عيسيٰ يروشلم ۾ داخل ٿيو تہ سڄو شھر عجب ۾ پئجي ويو. ماڻھن پڇيو تہ ”ھي ڪير آھي؟“


عيسيٰ کيس جواب ڏنو تہ ”لومڙين کي ڏريون ۽ پکين کي آکيرا آھن، پر ابن⁠آدم کي اھا جاءِ بہ ڪانھي جتي مٿو لڪائي آرام ڪري.“


عيسيٰ چيو تہ ”ڇا اوھان جي شريعت ۾ اھو لکيل نہ آھي تہ خدا چيو تہ ’اوھين خدا جا فرزند آھيو.‘


جڏھن آءٌ مٿي چاڙھيو ويندس تہ سڀني کي پاڻ ڏانھن ڇڪي وٺندس.“


پر اھو انھيءَ لاءِ ٿيو تہ جيڪي سندن شريعت ۾ لکيل آھي سو پورو ٿئي تہ ’انھن مون کان ناحق نفرت ڪئي آھي.‘


سو عيسيٰ کين چيو تہ ”جڏھن اوھين ابن⁠آدم کي مٿي چاڙھيندا، تڏھن اوھان کي خبر پوندي تہ آءٌ اھو ئي آھيان. آءٌ پنھنجي طرفان ڪجھہ بہ نہ ٿو ڪريان، پر اھو ئي ڪجھہ چوان ٿو جيڪي پيءُ مون کي سيکاريو آھي.


ھاڻي اسين ڄاڻون ٿا تہ شريعت رڳو انھن تي واجب آھي، جيڪي شريعت تحت رھن ٿا. آخرڪار نتيجو اھو نڪتو تہ ڪوبہ ماڻھو ائين چئي نہ ٿو سگھي تہ کيس گناھہ جي خبر ڪانہ ھئي، بلڪ سڄي دنيا خدا ڏانھن جوابدار آھي.


جھڙيءَ طرح ھڪڙي ماڻھوءَ جي ڏوھہ جي ڪري سڀني ماڻھن لاءِ سزا جو حڪم مليو، تھڙيءَ طرح ھڪڙي ماڻھوءَ جي سچائيءَ واري ڪم جي ڪري سڀ ماڻھو ڇٽي ويندا ۽ کين زندگي ملندي.


مگر عيسيٰ جيئن تہ ھميشہ تائين جيئرو رھڻ وارو آھي، تنھنڪري سندس ڪاھني لازوال آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ