Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 12:31 - Common Language New Testament

31 ھي اھو وقت آھي جو دنيا جو فيصلو ٿيندو. ھاڻي ھن دنيا جي سردار کي لوڌي ڪڍيو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

31 هاڻي هن دنيا جي عدالت ٿيندي: هاڻي هن دنيا جي سردار کي لوڌي ڪڍندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

31 هاڻي اهو وقت اچي ويو آهي جو هن سنسار کي پاپي قرار ڏنو ويندو ۽ سنسار جي سردار کي لوڌي ڪڍيو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

31 هاڻي اهو وقت اچي ويو آهي جو هن دنيا کي گنهگار قرار ڏنو ويندو ۽ دنيا جي سردار کي لوڌي ڪڍيو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 12:31
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جيڪڏھن آءٌ خدا جي روح جي مدد سان ڀوتن کي ڪڍان ٿو، تہ پوءِ ڄاڻو تہ خدا جي بادشاھت اچي پھتي آھي.


ھن کان پوءِ آءٌ اوھان سان وڌيڪ نہ ڳالھائيندس، ڇالاءِ⁠جو ھن دنيا جو سردار اچي رھيو آھي. ھن جو مون تي ڪوبہ اختيار نہ آھي.


سزا جو سبب ھي آھي تہ روشني تہ دنيا ۾ اچي چڪي آھي پر ماڻھن اونداھيءَ کي روشنيءَ کان وڌيڪ پسند ڪيو، ڇالاءِ⁠جو سندن ڪم بڇڙا ھئا.


عيسيٰ چيس تہ ”آءٌ ھن دنيا ۾ انصاف ڪرڻ لاءِ آيو آھيان تہ جيئن انڌا ڏسن ۽ جيڪي ڏسن ٿا سي انڌا ٿين.“


تو کي انھن جون اکيون کولڻيون آھن. انھن کي اونداھيءَ مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻڻو آھي. کين شيطان جي چنبي کان آزاد ڪري خدا ڏانھن موڙڻو آھي، تہ جيئن اھي مون تي ايمان آڻين ۽ گناھن جي معافي ملين ۽ ھو خدا جي پنھنجي قوم ۾ ليکيا وڃن.‘“


ڪٿي آھن ڏاھا؟ ڪٿي آھن شريعت جا عالم؟ ڪٿي آھن ھن زماني جا بحث ڪندڙ؟ ڇا خدا نہ ڏيکاريو آھي تہ جھان جي ڏاھپ بي⁠وقوفي آھي؟


ڇالاءِ⁠جو خدا پنھنجي ڏاھپ سان ماڻھن لاءِ اھو ناممڪن بڻائي ڇڏيو تہ ھو پنھنجي ذاتي ڏاھپ سان کيس سڃاڻين. تنھنڪري خدا جي مرضي ٿي تہ ھو انھن کي بچائي جيڪي اسان جي پيغام تي ايمان آڻين، جيتوڻيڪ اھو پيغام دنيا جي نظر ۾ بي⁠وقوفي آھي.


اھي ايمان نہ ٿا آڻين، ڇالاءِ⁠تہ جنھن کي ھن زماني جا ماڻھو خدا ڪري مڃين ٿا ان خدا، يعني شيطان انھن جي عقل کي انڌو ڪري ڇڏيو آھي. ھو نہ ٿو چاھي تہ مسيح جيڪو خدا جي صورت آھي، تنھن جي جلال جي باري ۾ خوشخبريءَ جي روشني انھن تي پوي.


ڇالاءِ⁠جو اسان جي جنگ انسان سان نہ آھي. پر اسين ھن اونداھيءَ دنيا وارين طاقتن سان، اختياريءَ وارن سان، حاڪمن سان ۽ آسماني جاين وارن بڇڙن روحن جي لشڪرن سان وڙھون ٿا.


خدا حڪومتن ۽ اختيار وارن کان ھٿيار کسي کين کليو کلايو تماشو بڻايو ۽ صليب جي وسيلي انھن تي، جيڪي قيدين وانگر ھئا، فتحيابيءَ جو شادمانو وڄايائين.


جھڙيءَ طرح ھن جا اھي ٻار انسان آھن، تھڙيءَ طرح عيسيٰ بہ انھن وانگر ٿيو تہ جيئن پنھنجي موت جي وسيلي شيطان کي ناس ڪري، جنھن کي موت تي اختيار آھي.


جيڪو گناھہ ڪري ٿو سو شيطان مان آھي، ڇاڪاڻ⁠تہ شيطان شروع کان وٺي گناھہ ڪندو ٿو اچي. خدا جو فرزند انھيءَ لاءِ ظاھر ٿيو تہ جيئن شيطان جي ڪمن کي ناس ڪري.


پيارا ٻارؤ! اوھين خدا جا آھيو ۽ انھن نبي سڏائيندڙن تي فتحياب ٿيا آھيو، ڇالاءِ⁠جو جيڪو اوھان ۾ آھي سو انھيءَ کان وڌيڪ طاقتور آھي جيڪو دنيا ۾ آھي.


اسين ڄاڻون ٿا تہ اسين خدا جا ٻار آھيون، جيتوڻيڪ ٻي سڄي دنيا شيطان جي قبضي ۾ آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ