Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 12:3 - Common Language New Testament

3 پوءِ مريم اڌ ليٽر تمام قيمتي عطر، جيڪو سچي سُرھي مُرَ مان تيار ڪيل ھو، سو کڻي عيسيٰ جي پيرن کي مکيو ۽ پوءِ پنھنجن وارن سان سندس پير اُگھيائين. انھيءَ عطر جي سرھاڻ سان سڄو گھر ڀرجي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 پوءِ مريم اڌ سير ڳري ملهہ وارو سچي سرهي مَر جو عطر کڻي يسوع جي پيرن کي مکيو، ۽ پنهنجن وارن سان هن جا پير اُگهيائين: ۽ اُنهي عطر جي خوشبوءِ سان گهر ڀرجي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

3 تڏهن مريم اڌ ليٽر تمام قيمتي عطر، جيڪو سچي سُرهي مُرَ مان تيار ڪيل هو، سو کڻي يسوع جي پيرن کي مکيو ۽ پوءِ پنهنجي وارن سان سندس پير اُگھيائين. انهيءَ عطر جي سرهاڻ سان سڄو گھر ڀرجي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 تڏهن مريم اڌ ليٽر تمام قيمتي عطر، جيڪو سچي سُرهي مُرَ مان تيار ڪيل هو، سو کڻي عيسيٰ جي پيرن کي مکيو ۽ پوءِ پنهنجي وارن سان سندس پير اُگھيائين. انهيءَ عطر جي سرهاڻ سان سڄو گھر ڀرجي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 12:3
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر رڳو ھڪڙي ئي ڳالھہ ضروري آھي. مريم اھا چڱي ڳالھہ چونڊي کنئي آھي، جيڪا ان کان نہ کسبي.“


تو منھنجي مٿي کي تيل نہ مکيو پر ھن تہ منھنجي پيرن کي عطر مکيو آھي.


ھيءَ مريم اھا ھئي جنھن خداوند کي عطر مکي پنھنجن وارن سان سندس پير اُگھيا ھئا، تنھن جو ڀاءُ لعزر بيمار ھو.


ھن چوڻ کان پوءِ مارٿا موٽي ويئي ۽ پنھنجي ڀيڻ مريم کي پنھنجي منھن سڏي چيائين تہ ”ادي! استاد آيو آھي ۽ تو کي سڏي ٿو.“


جڏھن مريم عيسيٰ وٽ پھتي ۽ ھن کي ڏٺائين تہ پيرن تي ڪري پيس ۽ چيائينس تہ ”خداوند! جيڪڏھن اوھين ھتي ھجو ھا تہ منھنجو ڀاءُ مري ئي ڪين ھا.“


نيڪديمس بہ ساڻس اچي گڏيو. ھي اھو ماڻھو ھو جنھن اڳ ۾ عيسيٰ سان رات جو ملاقات ڪئي ھئي. نيڪديمس مُرَ ۽ عُود ملائي کڻي آيو، جنھن جي تور اٽڪل چاليھہ ڪلوگرام ھئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ