Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 12:25 - Common Language New Testament

25 جيڪو بہ پنھنجيءَ جان سان پيار ڪري ٿو سو اھا وڃائيندو، پر جيڪو ھن دنيا ۾ پنھنجيءَ جان کان نفرت ڪري ٿو سو اھا دائمي زندگيءَ لاءِ بچائيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 جيڪو پنهنجي جان کي پيار ٿو ڪري، سو اُها وڃائي ٿو، ۽ جيڪو هن دنيا ۾ پنهنجي جان کي ڌڪاري ٿو، سو هميشہ جي زندگيءَ لاءِ اُن کي بچائي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

25 جيڪو بہ پنهنجي جان سان پيار ڪري ٿو سو اها وڃائيندو. پر جيڪو هن سنسار ۾ پنهنجي جان کي نظرانداز ڪري ٿو تنهن کي امر جيون ملندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 جيڪو بہ پنهنجي جان سان پيار ڪري ٿو سو اها وڃائيندو. پر جيڪو هن دنيا ۾ پنهنجي جان کي نظرانداز ڪري ٿو تنهن کي دائمي زندگي ملندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 12:25
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪو پنھنجي جان بچائڻ جي ڪوشش ڪندو، سو اُھا وڃائيندو ۽ جيڪو منھنجي لاءِ پنھنجي جان وڃائيندو سو اُھا حاصل ڪندو.“


ڇالاءِ⁠جو جيڪو چاھي ٿو تہ ’آءٌ پنھنجي جان بچايان،‘ سو اھا وڃائيندو، پر جيڪو منھنجي لاءِ پنھنجي جان ڏيندو تنھن کي اھا ملندي.


جيڪوبہ منھنجي ڪري گھر، ڀائر، ڀينرون، پيءُ، ماءُ، ٻار يا ٻنيون ڇڏيندو تہ ان کي اُھي سوء⁠ڻا ٿي ملندا ۽ دائمي زندگي بہ ملندس.


ڇالاءِ⁠جو جيڪو گھُري تہ پنھنجي جان بچائي سو اھا وڃائيندو، پر جيڪو منھنجي واسطي ۽ منھنجي خوشخبريءَ جي واسطي پنھنجي جان وڃائيندو سو اھا بچائيندو.


”جيڪڏھن ڪو منھنجي پٺيان اچڻ چاھي تہ اھو جيستائين منھنجي ڪري پنھنجي ماءُ⁠پيءُ، زال، ٻارن ۽ ڀائرن ڀينرن بلڪ خود پنھنجي جان جي بہ پرواھہ نہ ڪندو تيستائين ھو منھنجو شاگرد ٿي نہ سگھندو.


جيڪوبہ پنھنجي جان بچائڻ جي ڪوشش ڪندو سو اھا وڃائيندو، پر جيڪو وڃائيندو سو ئي اھا بچائيندو.


پر مون کي پنھنجي جان جي ڳڻتي نہ آھي ۽ نڪي اھا منھنجي لاءِ ڪا قيمت رکي ٿي. مون کي رڳو اھو فڪر آھي تہ آءٌ پنھنجو دور پورو ڪريان ۽ جيڪا خدمت خداوند عيسيٰ کان مون کي ڪرڻ لاءِ ملي آھي سا پوري ڪريان، يعني خدا جي فضل جي خوشخبري ٻڌائيندو رھان.


پر ھن جواب ڏنو تہ ”اوھين ھي ڇا ٿا ڪريو جو روئي رڙي منھنجي دل ٿا ڀڃو؟ آءٌ يروشلم ۾ نہ رڳو خداوند عيسيٰ جي واسطي ٻڌجڻ لاءِ، بلڪ اتي مرڻ لاءِ بہ تيار آھيان.“


عورتن کي سندن مري ويل وري جيئرا ٿي مليا ۽ ٻيا عذاب سھندي سھندي مري ويا، پر آزادي قبول نہ ڪيائون، انھيءَ لاءِ تہ ٻيھر جيئرا ٿي بھتر زندگي حاصل ڪن.


پر اسان جا ڀائر ۽ ڀيڻون گھيٽي جي رت جي وسيلي ۽ پنھنجي شاھديءَ جي ڪري مٿس غالب پيا، ڇالاءِ⁠جو ھنن موت تائين بہ پنھنجو ساھہ پيارو نہ ڪيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ