Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 12:2 - Common Language New Testament

2 اتي ھنن عيسيٰ لاءِ رات جي ماني تيار ڪئي. مارٿا خدمت پئي ڪئي، جڏھن تہ لعزر عيسيٰ ۽ مھمانن سان گڏ دسترخوان تي ويٺو ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 تنهنڪري اُتي سندس رات جي ماني ڪيائون: ۽ مارٿا خدمت ڪرڻ تي بيٺي هئي، ۽ مهمان جيڪي ساڻس هئا، تن مان لعزر بہ هڪڙو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 اتي يسوع لاءِ رات جي رسوئي تيار ڪئي ويئي. مارٿا سيوا پئي ڪئي، جڏهن تہ لعزر يسوع ۽ ٻين مهمانن سان گڏ رسوئي کائڻ لاءِ ويٺو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 اتي عيسيٰ لاءِ رات جي ماني تيار ڪئي ويئي. مارٿا خدمت پئي ڪئي، جڏهن تہ لعزر عيسيٰ ۽ ٻين مهمانن سان گڏ دسترخوان تي ويٺو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 12:2
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏھن عيسيٰ بيت⁠عنياہ ۾ ڪوڙھہ جھڙي مرض واري شمعون جي گھر ۾ ھو تہ


عيسيٰ جڏھن بيت⁠عنياہ ۾ ڪوڙھہ جھڙي مرض واري شمعون جي گھر ماني کاڌي پئي، تہ ھڪڙي عورت سنگمرمر جي عطردانيءَ ۾ خالص جٽاماسيءَ جو قيمتي عطر کڻي آئي ۽ عطرداني ڀڃي عطر عيسيٰ جي مٿي تي ھاريائين.


سڀاڳا آھن اھي نوڪر، جن کي سندن مالڪ اچڻ سان سجاڳ ٿو ڏسي. سچ پڇو تہ ھو کين کارائڻ لاءِ سندرو ٻڌي بيھندو ۽ پنھنجي سر پاڻ اچي سندن خدمت ڪندو.


پوءِ جنھن ماڻھوءَ عيسيٰ کي دعوت ڏني ھئي، تنھن کي عيسيٰ چيو تہ ”جڏھن بہ دعوت ڪرين، يا سڏ ڏئين تہ پنھنجن دوستن يا ڀائرن، مٽن مائٽن يا شاھوڪار پاڙيسرين کي دعوت نہ ڏي، ڇاڪاڻ⁠تہ متان اھي بہ تو کي دعوت ڏيئي پلئُہ پاڙي ڇڏين.


وڏو ڪير آھي، ڇا اھو جيڪو کائڻ ٿو ويھي يا جيڪو سندس خدمت ٿو ڪري؟ ڇا اھو نہ آھي جيڪو کائي ويٺو؟ پر آءٌ اوھان منجھہ ائين آھيان جيئن ڪو خدمتگار.


پوءِ لاويءَ پنھنجي گھر ۾ عيسيٰ جي مان ۾ وڏي دعوت ڪئي، جنھن ۾ وڏو تعداد محصول اڳاڙيندڙن جو ھو ۽ ٻيا بہ ماڻھو انھن سان گڏ ويٺا ھئا.


ڏسو، آءٌ دروازي وٽ بيھي کڙڪايان ٿو، جيڪڏھن ڪو ماڻھو منھنجو آواز ٻڌي دروازو کوليندو تہ آءٌ اندر لنگھي ايندس ۽ انھيءَ سان گڏ ماني کائيندس ۽ اھو مون سان گڏ کائيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ