Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 12:13 - Common Language New Testament

13 سو انھن کجيءَ جون ٽاريون ھٿن ۾ کنيون ۽ ساڻس ملڻ لاءِ اڳڀرو ويا ۽ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ ”خدا جي واکاڻ ھجي! سڳورو آھي اھو، جيڪو خداوند جي نالي سان ٿو اچي! بني اسرائيل جو بادشاھہ مبارڪ، مبارڪ!“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 تڏهن کجين جون ٽاريون کڻي سندس استقبال لاءِ ويئي، ۽ پڪاري چوڻ لڳي تہ هوشعنا، مبارڪ آهي اُهو جو خداوند جي نالي ٿو اچي، ۽ جو اسرائيل جو بادشاهہ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 سو اهي ميڙ وارا کجيءَ جون ڇڙيون هٿن ۾ کڻي سندس آڌرڀاءَ لاءِ اڳڀرو ويا ۽ نعرا هڻڻ لڳا تہ ”ايشور جي مهما هجي! سڀاڳو آهي اهو، جيڪو پرميشور جي نالي تي ٿو اچي! بني اسرائيل جو راجا مبارڪ، مبارڪ!“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 سو اهي ميڙ وارا کجيءَ جون ڇڙيون هٿن ۾ کڻي سندس آڌرڀاءَ لاءِ اڳڀرو ويا ۽ نعرا هڻڻ لڳا تہ ”خدا جي واکاڻ هجي! سڀاڳو آهي اهو، جيڪو خداوند جي نالي تي ٿو اچي! بني اسرائيل جو بادشاهہ مبارڪ، مبارڪ!“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 12:13
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ تو کي ٻڌايان ٿو تہ تون ھن کان پوءِ مون کي ايستائين نہ ڏسندين جيستائين ائين نہ چوندين تہ ’سڳورو آھي اھو جيڪو خداوند جي نالي تي ٿو اچي.‘“


”ھي تہ ٻين کي پيو ڇڏائي پر ھاڻي پاڻ کي نہ ٿو بچائي سگھي. ڇا ھي بني اسرائيل جو بادشاھہ آھي؟ ھاڻي صليب تان لھي اچي تہ ڏسون ۽ ان تي ايمان آڻيون.


نٿن⁠ايل چيو تہ ”استاد! اوھين تہ خدا جا فرزند آھيو. اوھين بني اسرائيل جا بادشاھہ آھيو.“


عيسيٰ کي ھڪ کودڙو ملي ويو ۽ ھو مٿس چڙھي ويٺو، جيئن لکيل آھي تہ


”اي صيئون جا شھر! ڊڄ نہ، ڏس، تنھنجو بادشاھہ اچي پيو، جيڪو کودڙي تي سوار آھي.“


پر انھن وڏي واڪي چيو تہ ”وٺي وڃونس، وٺي وڃونس ۽ وڃي صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻوس.“ تنھن تي پلاطس انھن کان پڇيو تہ ”ڇا آءٌ اوھان جي بادشاھہ کي صليب تي چاڙھيان؟“ سردار ڪاھنن وراڻيو تہ ”قيصر کان سواءِ اسان جو ٻيو ڪوبہ بادشاھہ نہ آھي.“


اُھي خدا جي ٻانھي موسيٰ جو راڳ ۽ گھيٽي جو راڳ ڳائي رھيا ھئا ۽ چون پيا تہ ”اي خداوند خدا، قادرِمطلق! تنھنجا ڪم وڏا ۽ عجيب آھن. اي قومن جا بادشاھہ! تنھنجون واٽون سڌيون ۽ سچيون آھن.


ھن جي پوشاڪ تي ۽ سندس ران تي ھي نالو لکيل آھي تہ ”بادشاھن جو بادشاھہ ۽ خداوندن جو خداوند.“


انھن ڳالھين کان پوءِ مون کي ھڪ وڏو ميڙ نظر آيو، جيڪو ھر قوم، قبيلي، امت ۽ ھر ٻوليءَ مان ھو ۽ جنھن کي ڪوبہ شمار ڪري نہ ٿي سگھيو. اُھي پاڪ صاف پھراڻ پايو، کجيءَ جون ٽاريون ھٿن ۾ کنيو، ان تخت ۽ گھيٽي جي اڳيان بيٺا ھئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ