Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 12:1 - Common Language New Testament

1 عيد فصح کان ڇھہ ڏينھن اڳ عيسيٰ بيت⁠عنياہ ڏانھن ويو جتي لعزر رھندو ھو، جنھن کي عيسيٰ مئلن مان جيئرو ڪيو ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 پوءِ فسح کان ڇهہ ڏينهن اڳي يسوع بيت عنياہ ۾ آيو، جتي لعزر هو، جنهن کي يسوع مُئلن مان جيئاريو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 فصح جي تهوار کان ڇهہ ڏينهن اڳ يسوع بيت‌عنياہ ڳوٺ ويو جتي لعزر رهندو هو، جنهن کي يسوع مئلن مان جيوت ڪيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 عيد فصح کان ڇهہ ڏينهن اڳ عيسيٰ بيت‌عنياہ ڳوٺ ويو جتي لعزر رهندو هو، جنهن کي عيسيٰ مئلن مان جيئرو ڪيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 12:1
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ عيسيٰ انھن کي ڇڏي شھر مان نڪري بيت⁠عنياہ ڏانھن ويو جتي ھو رات ٽڪيو.


عيسيٰ يروشلم ۾ داخل ٿي ھيڪل ۾ ويو، جتي چوڌاري نظر ڦيرائي ھر ھڪ شيءِ کي ڏٺائين. پر جيئن تہ ڏينھن ڪافي لڙي چڪو ھو، تنھنڪري ھو پنھنجن ٻارھن شاگردن سان بيت⁠عنياہ ڏانھن ھليو ويو.


پوءِ عيسيٰ انھن کي ٻاھر ڪڍي بيت⁠عنياہ جي ويجھو وٺي آيو ۽ پنھنجا ھٿ کڻي انھن لاءِ رحمت گھريائين.


انھيءَ شھر ۾ ھڪڙي گنھگار عورت رھندي ھئي. تنھن کي جڏھن اھا خبر پيئي تہ عيسيٰ ھڪڙي فريسيءَ جي گھر ماني ويٺو کائي، تڏھن ھوءَ سنگمرمر جي عطردانيءَ ۾ عطر کڻي آئي،


لعزر نالي ھڪ ماڻھو جيڪو بيت⁠عنياہ ۾ رھندو ھو سو بيمار ٿي پيو. بيت⁠عنياہ اھو ڳوٺ آھي جنھن ۾ مريم ۽ سندس ڀيڻ مارٿا رھنديون ھيون.


ائين چوڻ کان پوءِ عيسيٰ وڏي واڪي چيو تہ ”اي لعزر! ٻاھر نڪري اچ.“


تنھن تي مئل ماڻھو ٻاھر نڪري آيو. ھن جا ھٿ ۽ پير ڪفن سان ٻڌل ھئا ۽ سندس منھن رومال سان ويڙھيل ھو. عيسيٰ انھن ماڻھن کي چيو تہ ”ھن کي کوليو ۽ ڇڏيوس تہ وڃي.“


يھودي قوم جي عيد فصح ويجھي ھئي، سو ڪيترائي ماڻھو ٻھراڙيءَ کان يروشلم ۾ آيا ھئا تہ جيئن ھو عيد فصح کان اڳ پاڻ کي پاڪ ڪن.


ٻئي ڏينھن تي وڏو ميڙ جيڪو عيد فصح تي آيو ھو تنھن ٻڌو تہ عيسيٰ يروشلم ۾ اچي رھيو آھي.


جيڪي ماڻھو يروشلم ۾ عيد تي عبادت ڪرڻ لاءِ آيا ھئا، تن ۾ ڪي يوناني بہ ھئا.


يھودين جي وڏي ميڙ جڏھن ٻڌو تہ عيسيٰ بيت⁠عنياہ ۾ آھي، تڏھن اھي اوڏانھن ويا. اھي نہ رڳو عيسيٰ کي ڏسڻ لاءِ ويا پر لعزر کي بہ ڏسڻ ويا، جنھن کي عيسيٰ مئلن مان جيئرو ڪيو ھو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ