Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 11:55 - Common Language New Testament

55 يھودي قوم جي عيد فصح ويجھي ھئي، سو ڪيترائي ماڻھو ٻھراڙيءَ کان يروشلم ۾ آيا ھئا تہ جيئن ھو عيد فصح کان اڳ پاڻ کي پاڪ ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

55 هاڻي يهودين جي عيد فسح ويجهي هئي: ۽ ٻهراڙيءَ مان گهڻيئي پاڻ کي پاڪ ڪرڻ لاءِ فسح کان اڳي يروشلم ۾ ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

55 يهودي قوم جو فصح وارو تهوار ويجھو هو، سو ڪيترائي ماڻهو فصح جي تهوار کان اڳ ٻهراڙيءَ کان يروشلم ۾ آيا هئا تہ جيئن هو پاڻ کي پوِتر ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

55 يهودي قوم جي عيد فصح ويجھي هئي، سو ڪيترائي ماڻهو عيد فصح کان اڳ ٻهراڙيءَ کان يروشلم ۾ آيا هئا تہ جيئن هو پاڻ کي پاڪ ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 11:55
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏھن عيسيٰ ھي سڀ ڳالھيون ٻڌائي چڪو تہ ھن پنھنجن شاگردن کي چيو تہ


”اوھان کي خبر آھي تہ ٻن ڏينھن کان پوءِ عيد فصح ايندي ۽ ابن⁠آدم ماڻھن جي حوالي ڪيو ويندو، جيڪي کيس صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻندا.“


فصح ۽ بي⁠خميري مانيءَ جي عيد ٻن ڏينھن کان پوءِ اچڻي ھئي. سردار ڪاھنن ۽ شريعت جي عالمن وجھہ پئي ڳوليو تہ ڪھڙيءَ طرح عيسيٰ کي فريب سان ڦاسائي ختم ڪرايون.


ھاڻي بي⁠خميري مانيءَ جي عيد، جنھن کي عيد فصح بہ چون ٿا سا ويجھي آئي.


عيد فصح کان ڇھہ ڏينھن اڳ عيسيٰ بيت⁠عنياہ ڏانھن ويو جتي لعزر رھندو ھو، جنھن کي عيسيٰ مئلن مان جيئرو ڪيو ھو.


ھاڻ جڏھن تہ عيسيٰ کي اھا خبر ھئي تہ ’منھنجي اھا گھڙي اچي ويئي آھي جو آءٌ ھيءَ دنيا ڇڏي پيءُ ڏانھن وڃان،‘ تنھن ھوندي بہ جيڪي ھن دنيا ۾ پنھنجا ھيس تن کي آخري گھڙيءَ تائين پيار ڪندو آيو. عيد فصح کان ھڪ ڏينھن اڳ ۾


ٻئي ڏينھن صبح جو عيسيٰ کي قائفا جي گھر کان رومي گورنر پلاطس جي محلات ۾ آندو ويو. يھودي اڳواڻ محلات جي اندر نہ ويا، انھيءَ لاءِ تہ اھي پنھنجي شريعت جي رسم موجب پليت نہ ٿين ۽ عيد فصح جي ماني کائڻ جھڙا رھن.


يھودين جي عيد فصح ويجھي ھئي تہ عيسيٰ يروشلم ڏانھن ويو.


اتي يھودين جي پاڪائيءَ جي رسم موجب پٿر جا ڇھہ مٽ رکيل ھئا. ھر ھڪ مٽ ۾ اٽڪل ھڪ ⁠سؤ ليٽر ماپي سگھيا ٿي.


ڪجھہ وقت کان پوءِ يھودين جي ھڪڙي عيد تي عيسيٰ يروشلم ڏانھن ويو.


يھودين جي عيد فصح ويجھي ھئي.


سو ھاڻي تون انھن سان گڏجي وڃي پاڪ ٿيڻ جي رسم ۾ شريڪ ٿيءُ ۽ انھن جو خرچ ڀر تہ ھو پنھنجا مٿا ڪوڙائين. اھڙيءَ طرح سڀيئي ماڻھو ڄاڻي وٺندا تہ جيڪي ڳالھيون تو بابت ٻڌيون اٿن سي سڀ ڪوڙيون آھن، پر تون تہ پاڻ شريعت تي عمل ڪرين ٿو ۽ ان تي پوريءَ طرح ڪاربند آھين.


ٻئي ڏينھن تي پولس انھن چئن ماڻھن کي ساڻ وٺي ويو ۽ انھن سان گڏ پاڪ ٿي ھيڪل ۾ آيو ۽ اچي ٻڌايائين تہ ھو پاڪ ٿيڻ جا ھيترا ڏينھن پورا ڪندا. انھيءَ کان پوءِ انھن مان ھر ھڪ لاءِ قرباني پيش ڪئي ويندي.


جڏھن مون ائين پئي ڪيو ۽ ھيڪل ۾ پاڪائيءَ سان ھوس، تڏھن ھنن مون کي اتي ڪو فساد يا جھيڙو ڪندي نہ ڏٺو.


تنھنڪري پھريائين ھر ڪو ماڻھو پاڻ کي خيال سان جاچي ۽ پوءِ ھن مانيءَ مان کائي ۽ ھن پيالي مان پيئي.


خدا جي ويجھو وڃو تہ ھو اوھان جي ويجھو ايندو. اي گنھگارو! پنھنجا ھٿ ڌوئو. اي ٻہ⁠دليؤ! پنھنجين دلين کي پاڪ ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ