Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 11:53 - Common Language New Testament

53 انھيءَ ڏينھن کان وٺي يھودي اڳواڻ عيسيٰ کي مارڻ جون سازشون سٽڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

53 پوءِ انهي ڏينهن کان وٺي هنن کيس قتل ڪرڻ جي صلاح مشورت ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

53 انهيءَ ڏينهن کان وٺي يهودي اڳواڻ يسوع کي مارڻ جون سازشون سٽڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

53 انهيءَ ڏينهن کان وٺي يهودي اڳواڻ عيسيٰ کي مارڻ جون سازشون سٽڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 11:53
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

فريسي ھليا ويا ۽ پاڻ ۾ سازشون سٽڻ لڳا تہ ڪيئن عيسيٰ کي ختم ڪجي.


انھيءَ وقت کان پوءِ عيسيٰ پنھنجن شاگردن کي کليو کلايو چئي ڇڏيو تہ ”آءٌ يروشلم ضرور ويندس ۽ اتي بزرگن، سردار ڪاھنن ۽ شريعت جي عالمن جون گھڻيون سختيون سھندس. مون کي ماريو ويندو ۽ ٽئين ڏينھن تي وري جيئرو ٿي اٿندس.“


ھن جي جواب ۾ ڪو ئي ھڪڙو لفظ بہ چئي نہ سگھيو، نڪي وري انھيءَ ڏينھن کان وٺي ڪنھن کي بہ کانئس وڌيڪ سوال پڇڻ جي ھمت ٿي.


ھنن عيسيٰ کي فريب سان ڦاسائي ختم ڪرائڻ لاءِ پاڻ ۾ گڏجي صلاح ڪئي،


سردار ڪاھنن ۽ سڄي ڪائونسل ڪوشش ڪئي تہ عيسيٰ جي خلاف ڪا ڪوڙي شاھدي ملي تہ جيئن کيس موت جي سزا ڏيارين.


فصح ۽ بي⁠خميري مانيءَ جي عيد ٻن ڏينھن کان پوءِ اچڻي ھئي. سردار ڪاھنن ۽ شريعت جي عالمن وجھہ پئي ڳوليو تہ ڪھڙيءَ طرح عيسيٰ کي فريب سان ڦاسائي ختم ڪرايون.


تنھن تي فريسي جلدي ٻاھر نڪري ويا ۽ ھيروديس جي پارٽيءَ جي ميمبرن سان عيسيٰ جي خلاف سازشون سٽڻ لڳا تہ ڪيئن کيس ختم ڪجي.


تنھن تي فريسي ۽ سردار ڪاھن ڪائونسل گڏ ڪري چوڻ لڳا تہ ”اسين ھاڻي ڇا ڪريون؟ ھي ماڻھو تہ گھڻا ئي معجزا پيو ڪري.


تنھنڪري سردار ڪاھنن لعزر کي بہ مارڻ جون سازشون سٽيون،


ھن کان پوءِ عيسيٰ گليل ۾ پئي گھميو. ھو يھوديہ ۾ وڃڻ نہ پيو چاھي، ڇالاءِ⁠جو اتي يھودي اڳواڻ کيس مارڻ لاءِ وجھہ ڳولي رھيا ھئا.


جڏھن ڪائونسل جي ماڻھن اھو ٻڌو تہ اھي ايترا تہ ڪاوڙيا جو رسولن کي مارڻ لاءِ تيار ٿي ويا.


گھڻن ڏينھن گذرڻ کان پوءِ يھودين گڏجي سازش سٽي تہ شائول کي قتل ڪجي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ