Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 11:43 - Common Language New Testament

43 ائين چوڻ کان پوءِ عيسيٰ وڏي واڪي چيو تہ ”اي لعزر! ٻاھر نڪري اچ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

43 ائين چئي وڏي سڏ پڪاري چيائين، تہ اي لعزر، نڪري اچ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

43 ائين چوڻ کان پوءِ يسوع وڏي واڪي چيو تہ ”اي لعزر! ٻاهر نڪري اچ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

43 ائين چوڻ کان پوءِ عيسيٰ وڏي واڪي چيو تہ ”اي لعزر! ٻاهر نڪري اچ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 11:43
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر اھي ڏاڍا ڊڄي ويا ۽ ھڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”ھي ڪير آھي جو ھوا ۽ پاڻي بہ ھن جو حڪم مڃين ٿا؟“


مون کي تہ خبر آھي تہ تون ھميشہ منھنجي ٻڌندو آھين. پر ھي ماڻھو جيڪي ھتي بيٺا آھن، تن کي اھو ڏيکارڻ لاءِ آءٌ دعا ٿو گھران تہ جيئن اھي ايمان آڻين تہ تو ئي مون کي موڪليو آھي.“


تنھن تي مئل ماڻھو ٻاھر نڪري آيو. ھن جا ھٿ ۽ پير ڪفن سان ٻڌل ھئا ۽ سندس منھن رومال سان ويڙھيل ھو. عيسيٰ انھن ماڻھن کي چيو تہ ”ھن کي کوليو ۽ ڇڏيوس تہ وڃي.“


عيد فصح کان ڇھہ ڏينھن اڳ عيسيٰ بيت⁠عنياہ ڏانھن ويو جتي لعزر رھندو ھو، جنھن کي عيسيٰ مئلن مان جيئرو ڪيو ھو.


يھودين جي وڏي ميڙ جڏھن ٻڌو تہ عيسيٰ بيت⁠عنياہ ۾ آھي، تڏھن اھي اوڏانھن ويا. اھي نہ رڳو عيسيٰ کي ڏسڻ لاءِ ويا پر لعزر کي بہ ڏسڻ ويا، جنھن کي عيسيٰ مئلن مان جيئرو ڪيو ھو.


جڏھن پطرس اھو حال ڏٺو، تڏھن ماڻھن کي چيائين تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! ھن ماڻھوءَ تي عجب ڇو ٿو لڳيوَ؟ اسان ڏانھن گھوري ڇو ٿا نھاريو؟ ڇا اسان ھن کي پنھنجيءَ قدرت ۽ دينداريءَ جي ڪري گھمڻ جي طاقت ڏني آھي؟


پطرس ھن کي چيو تہ ”مون وٽ سون چاندي تہ ڪونھي، پر آءٌ تو کي اھو ڪجھہ ڏيندس جيڪو مون وٽ آھي، تہ پوءِ اُٿ، عيسيٰ مسيح ناصريءَ جي نالي گھم ڦر.“


پطرس ھن کي چيو تہ ”اي اينياس! عيسيٰ مسيح تو کي ڇٽائي چڱو ڀلو ٿو ڪري. سو اٿ ۽ اٿي پنھنجو ھنڌ ويڙھہ.“ ھو ھڪدم اٿي کڙو ٿيو.


پطرس انھن سڀني کي ٻاھر ڪڍي ڇڏيو ۽ گوڏن ڀر ويھي دعا گھريائين. پوءِ ميت ڏانھن منھن ڪري چوڻ لڳو تہ ”اي طبيٿا! اٿ.“ تنھن تي ھن اکيون کوليون ۽ پطرس کي ڏسي اٿي ويٺي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ