Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 11:41 - Common Language New Testament

41 تڏھن ھنن پٿر پري ھٽايو. پوءِ عيسيٰ مٿي نھاري چيو تہ ”اي بابا! آءٌ تنھنجو شڪرگذار آھيان جو تو منھنجي ٻڌي آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

41 تڏهن هنن پهڻ هٽايو، ۽ يسوع اکيون مٿي کڻي چيو تہ اي بابا، آئون تنهنجا شڪرانا ٿو ڪريان جو تو منهنجي ٻُڌي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

41 تڏهن هنن پٿر پري هٽايو. پوءِ يسوع مٿي نهاري چيو تہ ”اي پتا! آءٌ تنهنجو شڪرگذار آهيان جو تو منهنجي ٻڌي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

41 تڏهن هنن پٿر پري هٽايو. پوءِ عيسيٰ مٿي نهاري چيو تہ ”اي بابا! آءٌ تنهنجو شڪرگذار آهيان جو تو منهنجي ٻڌي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 11:41
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنھن وقت عيسيٰ چيو تہ ”اي بابا! زمين ۽ آسمان جا مالڪ، آءٌ تنھنجا احسان مڃان ٿو جو تو ھي ڳالھيون سياڻن ۽ سمجھہ وارن کان ڳجھيون رکيون آھن ۽ سادن کي ظاھر ڪري ڏيکاريون اٿيئي.


ھا بابا، ڇالاءِ⁠جو تنھنجي رضا ۽ خوشيءَ سان ائين ٿيو آھي.“


اُن قبر ۾ رکيائين جيڪا ھن ٽڪر تي پنھنجي لاءِ تازو کوٽائي ھئي. پوءِ ھڪڙو وڏو پٿر ريڙھي قبر جي منھن تي ڏنائين ۽ پاڻ ھليو ويو.


يوسف اُچو ڪفن خريد ڪيو، لاش کي لھرائي اُن ۾ ويڙھيائين ۽ قبر ۾ رکيائين، جيڪا ٽڪر تي کوٽيل ھئي. پوءِ ھڪڙو وڏو پٿر ريڙھي قبر جي منھن تي ڏنائين.


انھيءَ وقت عيسيٰ پاڪ روح جي وسيلي خوشيءَ سان ڀرجي ويو ۽ ھن چيو تہ ”اي بابا، آسمان ۽ زمين جا مالڪ! آءٌ تنھنجو احسانمند آھيان جو تو ھي ڳالھيون سياڻن ۽ سمجھہ وارن کان ڳجھيون رکيون آھن ۽ سادن تي ظاھر ڪيون اٿيئي. ھائو بابا، ڇالاءِ⁠جو تنھنجي رضا ۽ خوشي انھيءَ ۾ ھئي.“


پر محصول اڳاڙيندڙ پري بيٺو رھيو ۽ آسمان ڏانھن اکيون کڻي بہ نہ نھاريائين، بلڪ ڇاتي پٽي چوڻ لڳو تہ ’اي خدا! مون گنھگار تي رحم ڪر.‘


اچي ڏسن تہ مار! پٿر جيڪو قبر جي منھن تي ڏنل ھو، سو پاسي تي رڙھيو پيو آھي.


پر مون کي خبر آھي تہ جيڪڏھن ھاڻي بہ اوھين خدا کان جو ڪجھہ گھرندا سو ھو اوھان کي ڏيندو.“


انھن ڳالھين ڪرڻ کانپوءِ عيسيٰ آسمان ڏانھن نھاري چيو تہ ”اي بابا! اھا گھڙي آئي آھي. ھاڻي تون پنھنجي فرزند جو جلوو ظاھر ڪر تہ فرزند تنھنجو جلوو ظاھر ڪري.


آچر جي ڏينھن صبح جو سوير اڃا اوندھہ ئي ھئي تہ مريم مگدليني قبر تي آئي، ڇا ڏسي تہ قبر جي منھن تان پٿر پري ھٽيو پيو آھي.


پر استيفنس پاڪ روح سان ڀرجي آسمان ڏانھن نھاريو تہ خدا جو جلوو نظر آيس ۽ عيسيٰ کي خدا جي ساڄي پاسي بيٺل ڏٺائين.


ڪنھن بہ ڳالھہ جو فڪر نہ ڪريو، بلڪ سڀ ڪنھن ڳالھہ ۾ اوھين پنھنجا عرض، دعا ۽ منٿ جي وسيلي شڪرگذاري ڪرڻ سان خدا جي حضور ۾ پيش ڪندا ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ