35 عيسيٰ روئي ڏنو.
35 يسوع روئي ڏنو.
جڏھن ماڻھن ھي ڳالھيون پئي ٻڌيون تہ عيسيٰ انھن کي ھڪڙو مثال ٻڌايو. جيئن تہ ھو يروشلم ۾ پھچڻ تي ھو، سو ھو ائين سمجھن پيا تہ اِجھا ٿي خدا جي بادشاھت ظاھر ٿئي.
جڏھن عيسيٰ يروشلم جي ويجھو ٿيو تہ شھر کي ڏسي مٿس رنائين،
عيسيٰ جڏھن کيس روئندي ڏٺو ۽ ڏٺائين تہ ماڻھو جيڪي ساڻس گڏ آيا ھئا سي بہ روئن پيا، تڏھن سندس دل ڀرجي آئي ۽ کيس ڏاڍو ڏک ٿيو.
ھن کانئن پڇيو تہ ”اوھان کيس ڪٿي دفن ڪيو آھي؟“ انھن وراڻيو تہ ”اي خداوند! ھلي ڏسو.“
ڇالاءِجو اسان جو سردار ڪاھن اھڙو ناھي جو اسان جي ڪمزورين ۾ اسان جو ھمدرد نہ ٿي سگھي، پر ھو اھڙو آھي جو ھر طرح سان اسان وانگر آزمايو ويو آھي، تڏھن بہ بيگناھہ ثابت ٿيو.