Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 11:33 - Common Language New Testament

33 عيسيٰ جڏھن کيس روئندي ڏٺو ۽ ڏٺائين تہ ماڻھو جيڪي ساڻس گڏ آيا ھئا سي بہ روئن پيا، تڏھن سندس دل ڀرجي آئي ۽ کيس ڏاڍو ڏک ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

33 پوءِ يسوع ڏٺو تہ هوءَ روئي پيئي، ۽ يهودي جي ساڻس گڏ آيا آهن سي بہ پيا روئن، تڏهن دل ۾ رنج ٿيس، ۽ ارمان ڪيائين،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

33 يسوع جڏهن مريم ۽ ساڻس گڏ آيل ماڻهن کي روئندي ڏٺو، تڏهن انهيءَ واقعي سبب کيس ڏاڍو رنج پهتو ۽ بيحد ڏک ٿيس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

33 عيسيٰ جڏهن مريم ۽ ساڻس گڏ آيل ماڻهن کي روئندي ڏٺو، تڏهن انهيءَ واقعي سبب کيس ڏاڍو رنج پهتو ۽ بيحد ڏک ٿيس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 11:33
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

عيسيٰ انھن ڏانھن چوڌاري ڪاوڙ ۾ ڏٺو، پر ساڳي وقت کيس انھن جي ھٺ ۽ ھوڏ تي ارمان بہ پئي ٿيو. پوءِ انھيءَ ماڻھوءَ کي چيائين تہ ”ھٿ ڊگھو ڪر.“ ھن ھٿ ڊگھيريو تہ سندس ھٿ ٺيڪ ٿي ويو.


عيسيٰ چيو تہ ”اي بي⁠يقين قوم! آءٌ اوھان سان ڪيستائين ھوندس ۽ ڪيستائين آءٌ اوھان جا ڏک سھندس؟ ھاڻي ڇوڪري کي مون وٽ وٺي اچو.“


سو ڪيترائي يھودي مارٿا ۽ مريم سان سندن ڀاءُ جو عذر ڪرڻ لاءِ آيا ھئا.


يھودي جيڪي مريم سان گھر ۾ ويٺا ھئا ۽ دلداري پئي ڏنائونس، تن جڏھن مريم کي تڪڙو تڪڙو ٻاھر ويندي ڏٺو تڏھن اھي بہ ھن جي پٺيان ويا جو انھن سمجھيو تہ ھوءَ ڀاءُ جي قبر تي روئڻ وڃي ٿي.


ھن کانئن پڇيو تہ ”اوھان کيس ڪٿي دفن ڪيو آھي؟“ انھن وراڻيو تہ ”اي خداوند! ھلي ڏسو.“


پوءِ عيسيٰ جي دل وري بہ ڀرجي آئي ۽ ھو قبر تي آيو. اھا قبر ھڪ غار ھئي جنھن جي منھن تي پٿر ڏنل ھو.


”منھنجي دل ڏکويل آھي، ھاڻي آءٌ ڇا چوان؟ ڇا آءٌ ائين چوان تہ ’اي بابا! مون کي ھن گھڙيءَ کان بچاءِ‘؟ پر ھن گھڙيءَ لاءِ ئي تہ آءٌ آيو آھيان.


جڏھن عيسيٰ ھي چئي چڪو، تڏھن دل ۾ پريشان ٿيڻ لڳو ۽ شاھدي ڏيندي چيائين تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اوھان مان ھڪڙو مون کي پڪڙائيندو.“


جيڪي خوشي ڪن تن سان خوشي ڪريو ۽ جيڪي روئن تن سان گڏجي روئو.


ڇالاءِ⁠جو اسان جو سردار ڪاھن اھڙو ناھي جو اسان جي ڪمزورين ۾ اسان جو ھمدرد نہ ٿي سگھي، پر ھو اھڙو آھي جو ھر طرح سان اسان وانگر آزمايو ويو آھي، تڏھن بہ بي⁠گناھہ ثابت ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ