Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 11:32 - Common Language New Testament

32 جڏھن مريم عيسيٰ وٽ پھتي ۽ ھن کي ڏٺائين تہ پيرن تي ڪري پيس ۽ چيائينس تہ ”خداوند! جيڪڏھن اوھين ھتي ھجو ھا تہ منھنجو ڀاءُ مري ئي ڪين ھا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

32 پوءِ مريم اتي آئي، جتي يسوع هو، ۽ کيس ڏسي سندس پيرن تي ڪِري چوڻ لڳيس، تہ اي خداوند، جي تون هتي هجين ها تہ منهنجو ڀاءُ جيڪر مري ئي ڪين ها.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

32 جڏهن مريم يسوع وٽ پهتي ۽ هن کي ڏٺائين تہ پيرن تي ڪري پيس ۽ چيائينس تہ ”اي پرڀو! جيڪڏهن اوهين هتي هجو ها تہ منهنجو ڀاءُ مري ئي ڪين ها.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

32 جڏهن مريم عيسيٰ وٽ پهتي ۽ هن کي ڏٺائين تہ پيرن تي ڪري پيس ۽ چيائينس تہ ”اي خداوند! جيڪڏهن اوهين هتي هجو ها تہ منهنجو ڀاءُ مري ئي ڪين ها.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 11:32
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ھو عيسيٰ جي پيرن تي منھن ڀر ڪري سندس ٿورا مڃڻ لڳو. اھو موٽڻ وارو سامري ماڻھو ھو.


جڏھن شمعون پطرس ھي واقعو ٿيندي ڏٺو تہ عيسيٰ جي پيرن تي ڪري پيو ۽ چيائينس تہ ”اي خداوند! مون وٽان ھليا وڃو، ڇالاءِ⁠جو آءٌ گنھگار آھيان.“


ان وقت عبادت⁠خاني جو اڳواڻ، جنھن جو نالو يائرس ھو سو نڪري آيو ۽ عيسيٰ کي پيرين پئي عرض ڪيائين تہ ”منھنجي گھر ھلو.“


ھيءَ مريم اھا ھئي جنھن خداوند کي عطر مکي پنھنجن وارن سان سندس پير اُگھيا ھئا، تنھن جو ڀاءُ لعزر بيمار ھو.


مارٿا عيسيٰ کي چيو تہ ”اي خداوند! جيڪڏھن اوھين ھتي ھجو ھا تہ منھنجو ڀاءُ نہ مري ھا.


پر انھن مان ڪن چيو تہ ”ھن انڌي ماڻھوءَ جون اکيون کوليون ھيون نہ؟ ڇا ھو ائين نہ ٿي ڪري سگھيو جو لعزر اصل مري ئي نہ ھا؟“


عملدار وراڻيو تہ ”سائين! مون سان ھلو، متان منھنجو ٻچڙو مري نہ وڃي.“


آءٌ يوحنا، اھو آھيان جنھن اھي ڳالھيون ٻڌيون ۽ ڏٺيون. سو جڏھن مون ٻڌو ۽ ڏٺو تڏھن انھيءَ ملائڪ جي پيرن تي ڪري سجدو ڪرڻ لڳس، جنھن مون کي اھي ڳالھيون ڏيکاريون.


انھن چئني ساھوارن چيو ”آمين.“ پوءِ اُھي بزرگ منھن ڀر ڪري سجدو ڪرڻ لڳا.


جڏھن ھن ڪتاب ورتو تہ اُھي چارئي ساھوارا ۽ چوويھہ بزرگ انھيءَ گھيٽي جي پيرن تي ڪري پيا. انھن مان ھر ھڪ وٽ ھڪڙو تنبورو ھو ۽ لوبان سان ڀريل سونا پيالا ھئا. اُھي خدا جي قوم جون دعائون آھن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ