Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 10:10 - Common Language New Testament

10 چور رڳو انھيءَ مطلب لاءِ اچي ٿو تہ چوري ڪري، ماري ۽ برباد ڪري. پر آءٌ انھيءَ لاءِ آيو آھيان تہ کين زندگي ملي، بلڪ ڀرپور زندگي ملين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 چور رڳو اُنهيءَ مراد سان ٿو اچي تہ چوري ڪري، ماري ۽ برباد ڪري: آئون انهيءَ لاءِ آيو آهيان تہ اُنهن کي زندگي ملي، بلڪ ججهي ملينِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

10 چور رڳو انهيءَ مطلب لاءِ اچي ٿو تہ چوري ڪري، ماري ۽ برباد ڪري. پر آءٌ انهيءَ لاءِ آيو آهيان تہ کين جيون ملي، بلڪ ڀرپور جيون ملين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 چور رڳو انهيءَ مطلب لاءِ اچي ٿو تہ چوري ڪري، ماري ۽ برباد ڪري. پر آءٌ انهيءَ لاءِ آيو آهيان تہ کين زندگي ملي، بلڪ ڀرپور زندگي ملين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 10:10
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”ڏسو، متان ھنن ننڍڙن مان ڪنھن بہ ھڪ کي خسيس ڪري سمجھو، ڇالاءِ⁠جو آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ آسمان ۾ ھنن جا ملائڪ ھر وقت منھنجي آسمان واري پيءُ جي حضور ۾ حاضر رھن ٿا.


ساڳيءَ طرح ابن⁠آدم بہ انھيءَ لاءِ نہ آيو آھي تہ ٻيا سندس خدمت ڪن، پر انھيءَ لاءِ تہ پاڻ ٻين جي خدمت ڪري ۽ پنھنجي جان گھڻن جي ڇوٽڪاري جي لاءِ قربان ڪري ڇڏي.“


انھن کي چيائين تہ ”اھو لکيل آھي تہ ’منھنجو گھر عبادت جو گھر سڏبو،‘ پر اوھان ان کي ڌاڙيلن جي پاٿاري بڻائي آھي.“


”ڪيتري نہ مصيبت آھي اوھان لاءِ اي شريعت جا عالمو ۽ فريسيو! اي رياڪارو! اوھين آسمان واري بادشاھت جو دروازو ماڻھن لاءِ بند ڪري ٿا ڇڏيو. نہ اوھين پاڻ ان ۾ داخل ٿا ٿيو ۽ نڪي جيڪي اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ٿا ڪن تن کي ئي اچڻ ڏيو ٿا.


پوءِ عيسيٰ ماڻھن کي تعليم ڏني تہ ”ڇا اھو لکيل نہ آھي تہ ’منھنجو گھر سڀني قومن لاءِ عبادت جو گھر سڏبو.‘ پر اوھان ان کي ڌاڙيلن جي پاٿاري بڻايو آھي.“


ابن⁠آدم انھن کي ڳولڻ ۽ بچائڻ آيو آھي جيڪي گمراھہ ٿي ويا آھن.“


”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪو ماڻھو رڍن جي واڙي ۾ در کان نہ ٿو گھڙي پر ڪنھن ٻئي پاسي کان ٽپي اچي ٿو، سو چور ۽ ڌاڙيل آھي.


آءٌ چڱو ريڍار آھيان ۽ چڱو ريڍار رڍن لاءِ پنھنجي جان بہ ڏئي ٿو.


جيڪو منھنجون ڳالھيون ٻڌي انھن تي عمل نہ ٿو ڪري، تنھن جو آءٌ فيصلو نہ ڪندس. آءٌ دنيا ۾ فيصلو ڪرڻ لاءِ نہ آيو آھيان پر دنيا کي بچائڻ لاءِ آيو آھيان.


ھن اھي لفظ غريبن جي ھمدرديءَ لاءِ نہ چيا، پر ھو پاڻ چور ھو ۽ انھيءَ لاءِ چيائين تہ ھو انھن پئسن مان ڪجھہ چورائي، ڇالاءِ⁠جو پئسن جي ڳوٿري وٽس رھندي ھئي.


خدا پنھنجو فرزند دنيا ۾ انھيءَ لاءِ نہ موڪليو تہ ھو دنيا کي سزا ڏئي، پر انھيءَ لاءِ موڪليائين تہ ھن جي ئي وسيلي دنيا کي ڇوٽڪارو ملي.


تڏھن بہ اوھين مون وٽ نہ ٿا اچو تہ دائمي زندگي مليوَ.


ڇالاءِ⁠جو جيڪا ماني خدا ڏئي ٿو سا اھا آھي جيڪا آسمان مان نازل ٿئي ٿي ۽ دنيا کي زندگي ڏئي ٿي.“


آءٌ اھا زندہ ماني آھيان جيڪا آسمان مان نازل ٿي آھي. جيڪڏھن ڪو ھن مانيءَ مان کائيندو تہ اھو ھميشہ زندہ رھندو. جيڪا ماني آءٌ ڏيندس سا منھنجو جسم آھي، جيڪو آءٌ ڏيان ٿو تہ جيئن ھن دنيا کي زندگي ملي.“


ٻين کي تہ تون اھو سيکارين ٿو پر پاڻ کي ڇو نہ ٿو سيکارين؟ تون تبليغ تہ ڪرين ٿو تہ ”چوري نہ ڪر.“ پر تون پاڻ چوري ڇو ٿو ڪرين؟


اھا ڳالھہ سچي ۽ ھر طرح قبول ڪرڻ جي لائق آھي تہ عيسيٰ مسيح گنھگارن کي ڇوٽڪاري ڏيڻ لاءِ دنيا ۾ آيو، جن مان بدترين آءٌ آھيان.


تنھنڪري خدا انھن کي جيڪي ڪيل واعدي جي برڪت حاصل ڪندا، اھو وڌيڪ صفائيءَ سان ڏيکارڻ گھريو تہ سندس ارادي ۾ ڪابہ ڦيرگھير ڪانہ ٿيندي، انھيءَ ڪري قسم بہ کنيائين.


انھيءَ ڪري ئي جيڪي سندس وسيلي خدا جي طرف ٿا اچن، تن کي ھو پوريءَ طرح بچائي ٿو سگھي، ڇالاءِ⁠جو انھن جي شفاعت لاءِ ھو ھميشہ جيئرو آھي.


اھڙيءَ طرح اوھين اسان جي خداوند ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي دائمي بادشاھت ۾ پوريءَ طرح داخل ڪيا ويندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ