Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 1:7 - Common Language New Testament

7 اھو شاھد ٿي آيو تہ جيئن روشنيءَ بابت شاھدي ڏئي ۽ سڀيئي ماڻھو ان روشنيءَ تي ايمان آڻين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 اُهو شاهديءَ لاءِ آيو، تہ نُور بابت شاهدي ڀري، تہ سڀيئي هن جي ڪري ايمان آڻين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 اهو شاهد ٿي آيو تہ جيئن روشنيءَ بابت شاهدي ڏئي ۽ سڀيئي ماڻهو ان روشنيءَ تي وشواس آڻين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 اهو شاهد ٿي آيو تہ جيئن روشنيءَ بابت شاهدي ڏئي ۽ سڀيئي ماڻهو ان روشنيءَ تي ايمان آڻين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 1:7
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جن بہ کيس قبول ڪيو يعني مٿس ايمان آندو، تن کي اھو حق ڏنائين تہ ھو خدا جا ٻار ٿين.


يحيٰ ھن بابت شاھدي ڏيندي وڏي واڪي چيو ھو تہ ”ھي اھو آھي، جنھن بابت مون چيو ھو تہ ’جيڪو منھنجي پٺيان ٿو اچي سو مون کان وڏو آھي، ڇالاءِ⁠جو ھو منھنجي پيدا ٿيڻ کان اڳي ئي موجود ھو.‘“


يحيٰ جي شاھدي ھن طرح آھي تہ جڏھن يروشلم جي يھودي اڳواڻن يحيٰ ڏانھن ڪاھن ۽ لاوي موڪليا، جن اچي کانئس پڇيو تہ ”تون ڪير آھين؟“


تہ اتي ھن عيسيٰ کي لنگھندي ڏٺو. تنھن تي ھن عيسيٰ ڏانھن نھاري چيو تہ ”ڏسو، اھو اٿوَ خدا جو گھيٽو.“


اھا سچي روشني جيڪا ھر ھڪ انسان تي چمڪي ٿي سا اچڻ واري ھئي.


تنھن تي پولس چيو تہ ”يحيٰ انھن کي بپتسما ڏيندو ھو جن توبھہ ڪئي ھئي ۽ ھو ماڻھن کي چوندو ھو تہ ’جيڪو مون کان پوءِ ايندو ان تي ايمان آڻجو،‘ يعني عيسيٰ تي.“


ڇالاءِ⁠جو اوھين سڀيئي عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻڻ جي ڪري خدا جا ٻار آھيو.


۽ سڀني ماڻھن تي اھا ڳالھہ روشن ڪريان تہ جيڪو راز ازل کان سڀني شين جي خلقيندڙ خدا وٽ ڳجھو رکيل ھو تنھن جو انتظام ڪھڙو آھي.


ھو چاھي ٿو تہ سڀني ماڻھن کي ڇوٽڪارو ملي ۽ کين سچائيءَ جي ڄاڻ پوي.


ڇالاءِ⁠جو خدا جو اھو فضل ظاھر ٿيو آھي، جيڪو سڀني ماڻھن جي ڇوٽڪاري جو باعث آھي.


خداوند پنھنجي واعدي پوري ڪرڻ ۾ دير ڪين ڪندو آھي، جھڙي دير ڪي ماڻھو سمجھن ٿا. پر ھو اوھان جي باري ۾ صبر ڪري ٿو، انھيءَ ڪري جو ھو نہ ٿو چاھي تہ ڪوبہ ناس ٿئي، بلڪ ھو چاھي ٿو تہ سڀيئي توبھہ ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ